تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

فطرت ۽ ان سان ٿيل عالمي هٿ چراند جا نتيجا …الياس سنڌي

ڌرتي پنھنجي ڪٽنبن جي انگلن ۽ انگڙاين سان گند مان ڀرجي ٿٿري، ٿمھي، سھمي ۽ تڳي ھلي رھي ھئي..! تڏھن انجا ڏينھن ته ھونئن مصروف پر رات وري انکان به وڌيڪ مصروف..!! ڌرتي جا ڳوٺ شھرن کان گوءِ کڻي ترقي جي ڊوڙ ۾ تيز ٿيڻ ۾ پورا ھئا ته شھر وري ڳوٺن جي سونھن ڀرئي راڪاس طرف ڇڪيل! ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي نشي ۾ ڌت عالمي سامراجي قوتن صرف پنھنجي ويجھو وڻڪاريون ڪري شايد ائين پئي سمجھيو ته ھاڻي ڪا ساوڪ ٿيندي، سندن نظام ھلندا رھندا ۽ قدرتي سرشتا Ecosystems پنھنجي جڳهھ متوازن ٿي ويندا…!! ھا ھي اھي ئي قوتون آھن جن ھيروشيما کان ناگاساڪي، افغانستان، ۽ شام کان عراق ۽ فلسطين کان ڪشمير، پاڪستان ۾ عالمي خونريزيون ڪري جيڪي ڪلور ڪيا ڇا انھن ۾ صرف انسان مئا؟ نه…! انسانن سان گڏ ڪروڙين اربين جھنگلي جيوتن جا قتل عام ٿيا، اھي معصوم پر ترت فائدا ڏيندڙ خوردبين جيوتون جن جو ڪم ھو ئي ڌرتيءَ کي متوازن رکڻ، جڏھن انھن کي نيست و نابود ڪيو ويو، جڏھن انھن جي دوست مخلوقن ”پکين“ کي به ڪٿي شڪار جي آڙ ۾ ته ڪٿي واڌو مخلوق مارڻ جي آڙ ۾، ڪٿي راند جي آڙ ۾ ته ڪٿي وري انڊيا بارڊر وارن جاسوسي جي آڙ ۾ ماريو ويو ته ويتر ھن ڌرتيءَ جي گولي جا سڀ سرشتا ٺپ ٿي جواب ڏيڻ لڳا. رھي سھي ڪسر وري فئڪٽرين، جھازن ۽ گاڏين جي دونھن پوري ڪئي…! اتي اوچتو انھن جيوتن مان ئي ھڪ اڻ ڏسجندڙ ”جيتامڙي مخلوق“ جنھن پنھنجو جنم ته گھڻو اڳ ورتو ھو پر اوچتو ان جڏھن سموري ڌرتيءَ جي مڙئي انسانن کي چئلنج ڪيو ته لکين انسان ڌڙا ڌڙ ڪرندا ويا… جان ڏيندا ويا… ۽ ساھ جون سٽون سھندا ويا…! ڪي اھڙا جيڪي بچي ويا سي ٿيا غازين وانگر سرخرو باقي جيڪي سٽ نه سھندي ھلي چُريا انھن کي ھاڻي دنيا ڪڏھن به نه ڏسي سگھندي! اھو عمل اڃا تائين جاري آھي ۽ خبر ئي ناھي ته ڪٿي دنگ ڪندو ۽ اڃا ڇا ڇا ٿيندو؟
ڇا ڪورونا لاڪ ڊائون جي ڪري فطرت پنھنجي اصليت تي آئي آھي ۽ ھيڏا وڏا مينھن پون پيا؟ قدرت ھميشه ڌرتي کي زندگي لاءِ سولو ڪندي آھي ۽ ان سولائي پئدا ڪرڻ واري عمل ۾ ڌرتي تي وڏي ڇنڊڇاڻ ٿيندي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ڪڏھن ڪي مخلوقون ناپيد ٿيو وڃن ته ڪي وري ھلي ھلي صرف پنڊپھڻ ٿيو پون جن کي فطرت ھزارين لکين سالن تائين ڪڏھن برفن جي نه ڳرندڙ ڇپن وچم ته ڪڏھن وري ماحول جي حساب سان ڪٿي ڪنھن جبل ۾ چپڙائي محفوظ رکيو ڇڏي. ان سڄي فطرت جي نظام سان اسان پاران ڪيل ھٿ چراند اسانکي ئي ڳچيءَ ۾ پوندي. اڃا ته مس مس شروعات ٿي آھي. گھڻو ڪجهھ پويان ٿيندو. ڪنھن اسانکي چيو ھو ته وڻ وڍي ٻيلا ناس ڪريون؟ ڪنھن چيو ته ھزارين سالن کان بيٺل قدرتي نشانين يعني جبلن کي ڪٽي ترقي جي ڦلھيار ۾ تباھه ڪريون؟ ڪنھن چيو ته قبضا ڪري روڊ ٺاھي والار ڪريو؟ ڪنھن چيو ته سنڌو نديءَ سميت ملير ۽ لياري نديءَ مان پنھنجا گھر جا ٻيا ڪاروبار ڇڏي ريتي بجري کڻي پَٽن تي صرف پنڊ پھڻ ڇڏيون؟ ڪنھن چيو ته ”تلور“ کي تلوار کان به تکي گولي ھڻي ان معصوم جا رت ريڳا ڪريون؟ ھا ڪنھن چيو ھو ته ڪونجن کي ڪرلائڻ ۽ اڇن يا ڪارڙن تترن ۽ ٻاٽيرن کي تنوارڻ نه ڏيون؟ ھا ڪنھن چيو ته مورن کي ٽلڻ ۽ ٽهوڪا ڏيڻ نه ڏيو؟ ڪنھن چيو ته هرڻن کي ڪُھون؟ ڪنھن چيو ته ملير ۽ لياري ندين جي پيٽن ۽ ڀرپاسن ۾ ٺڳ رھائشي اسڪيمون ٺاھي ماڻھن کي پئسا وٺي مينھاڻي پاڻي جي چاڙهه ۾ ٻوڙي ماريون؟ ڪنھن پنجاب کي چيو ھو ته پنج ھزار سال پراڻي تھذيبن جي خالق درياهه بادشاهه کي سڪائي ۽ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏ ته تمر جا ٻيلا سڪن، آبي توڙي جھنگلي جيوت مري ۽ سنڌي سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه پوڻ جي ڪري لکين ايڪڙ سمنڊ کائي وڃي؟ ڪنھن چيو ھو ته زمينن مان لاباري کانپوءِ سڪل گاھه کي پکين جي پڃرن سميت کاڌ خوراڪ جا ذريعا باھه ڏيئي ساڙيون؟ ماحوليات جا ڏيھي توڙي پرڏيھي ڄاڻو ۽ ادارا فطري ماحول جي بچاءُ لاءِ ته ڳچ وقت کان وٺي ڪيھون ڪري رھيا ھئا پر انھن کي ڪير ٻڌي؟ ڪاش انھن کي ٻڌون ھا ته ھي ”جيتامڙو“ جنھن کي وائرس چون اھو قدرت در ”اذن“ ۽ امر وٺي پنھنجو ڪم ئي نه ڪري ھا! ان سڄي راند جو بنياد ترقي آھي. جنھن کي عمل ۾ اچڻ لاءِ ڪرپشن، ڀتاخوري، ٺڳي ۽ نفسانفسي واري گھُٽ ۽ ٻوسٽ واري سماج ۾ ڪو لڏو انقلاب کپي. صنعتي انقلاب جي سلسلي ۾ انگريزن ھند ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ انھن پنھنجن عالمي طور طريقن کي جڏھن ھتي مڙھي ڏٺو ته وڏا خوش ٿيا؛ آڏا ابتا تجربا ڪري ھتي جي قومن کي پاڻ ۾ به ورھائيائون ته گڏوگڏ انھن جي معيشيت کي به ڏاڍ مڙسي ڪري ھٿ ۾ رکبو. اھڙي ريت انھن ھتي جي شھرن کي وڌايو ۽ شھرن جي منصوبا بندي ڪري پنھنجا پير مضبوط ڪيا.
تازي مطالعي مان خبر پئي آھي ته فطرت سان ھٿ چراند ڪندڙ فرد، ادارو، ڪمپني يا ڪا رياست ”جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي“ وانگر پنھنجو زوال ڏسندي آھي ڇوته فطرت بدلو وٺڻ به ڄاڻندي آھي. موجودا وقت ۾ معاشي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويل آمريڪي ڪاروباري ڪمپنيون جن گھڻو ئي عوام کي لٽيو انھن ۾ مشھور ”دونھون ٺاھيندڙ“ يعني ڪارون ٺاهيندڙ ڪمپنيون جھڙوڪ ھرٽز Hertz ۽ ٿرفٽي Thrifty، ڊپارٽمنٽل چين JCPENNY ۽ نسان موٽرز ڪمپني وغيرہ جا مالڪ سڀ اجايو فطرت جي پويان ھئا ته ھاڻي لوڙھين پيا. دنيا جا وڏا وڏا سيڙپڪار سڀ سندن زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي نقصان جي ڪري پريشان آھن. انھن ۾ بفٽ ڪمپني قابل ذڪر آھي جنھن کي 90 بلين ڊالرن کان به وڌيڪ نقصان، ڪورونا جي ڪري ٿيو جنھن جي مالڪن پنھنجي گذريل ڏھه سالن جي سموري ڪمائي وري ٻيھر سيڙپ صرف ان اميد تي ڪري ڇڏي ته دنيا ھڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجي جڳهه تي بحال ٿيندي. ھاڻي ڪاروباري ترجيحون رواج کان ھٽي غير رواجي ٿيڻ جو زمانو پيو ھلي جنھن ۾ مصنوعي ذھانت جي ذريعي صرف ھٿ جي آڱرين ذريعي گھر ويٺي، ڪمپنيون ڪروڙين ڊالرن جو ڪاروبار ڪن پيون جنھن بابت انٽرنيشنل ڊجيٽل ڪارپوريشن I.D.C جي مطابق دنيا ۾ ھاڻي 40 في صد ڪاروبار ۾ سيڙپ رواجي کان ھٽي خاص يعني ڊجيٽل ٽرانفارميشن ذريعي ڪئي ويندي.
فطرت ئي قدرت جي نشانين کي وحدت طرف ڪثرت سان کڻي ٿي ھلي جنھن ۾ سڀني کي وحدت جي نشانين جو خيال رکڻ کپي ھا ۽ ان ڪثرت وحدت جي عمل ۾ ڪير رخنو وجھي ٽنگ نه اڙائي ھا ته يقينن فطرت پنھنجي طاقت جي اھڙي زورائتي جھلڪ نه ڏيکاري ھا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *