تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

فضل الرحمان جو ڀاءُ ڪي پي کان ڪراچي ۾ ڊي سي مقرر: سوشل ميڊيا تي سنڌ حڪومت مٿان تنقيد…اشو آف دي ڊي

جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُالرحمان کي ڪراچي ۾ ڊي سي مقرر ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ ضياءُ الرحمان جي مقرري ڪرڻ تي سنڌ حڪومت مٿان تنقيد پڻ ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان علي خواجه لکيو ته ڪي پي مان خاص صوبائي آفيسر پي سي ايس کي ڪراچي سينٽرل جو ڊي سي مقرر ٿيل آفيسر مولانا فضل الرحمان جو ڀاءُ ٻڌايو پيو وڃي، هڪ صوبي جي آفيسر کي ٻئي صوبي ۾ ڪهڙي قانون تحت مقرر ڪيو ويو آهي؟ سنڌ حڪومت ان تي جواب ڏئي، هي آفيسر افغانين کي ڊوميسائل ٺهرائي ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي؟ شهزادي حسين لکيو ته سنڌ حڪومت کان پڇو ته سنڌ ۾ آفيسر ناهن جو ان کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان معاملي تي سخت احتجاج ڪرڻ گهرجي.سحر شاهه رضوي لکيو ته فضل الرحمان پنهنجي ويجهي ڀاءُ کي غيرقانوني طور ڊي سي ڪراچي سينٽرل مقرر ڪرايو آهي، جيڪو ڪي پي ڪي ۾ پي ايم ايس ۾ غيرقانوني طريقي سان ضم ٿيو، جڏهن پاڻ ئي ٻين صوبن مان غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻيون آهن ته پوءِ سنڌ حڪومت پوءِ اهو ڇو چيو هو ته جعلي ڊوميسائل خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي؟، حفيظ ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪي پي ڪي جي صوبائي گروپ جي آفيسر، مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياء الرحمان کي سنڌ ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور رکڻ ڪهڙي قانوني دائري ۾ اچي ٿو..؟ جي يو آءِ کي ايترو ئي خوش ڪرڻو آهي ۽ لاچاري آهي ته سنڌ جي يو آءِ ئي جي سفارش تي ڪو آفيسر رکيو وڃي ۽ هن ڊي سي جي ڊوميسائل جي به جاچ ڪئي وڃي. علي کوسو لکيو ته ڪراچي جي جنهن ضلعي ۾ اها مقرري ڪئي وئي آهي تي جعلي ڊوميسائلن جي ڀرمار آهي، بلاول لغاري لکيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي صوبي بدران ٻين صوبن جي ماڻهن کي موقعا ڏئي رهي آهي، اڃا تائين جعلي ڊوميسائلن وارو معاملو ختم ناهي ٿيو؟ مشتاق جوکيو، خالد بجير، ناز سائين بخش راڄپر، فضل الحق، اشفاق سيال ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو. قاضي آصف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت ڪهڙي قانون هيٺ مولانا فضل الرحمن جي ڀاءُ ضياءٌ الرحمان کي سنڌ ۾ ڊي سي سنٽرل ڪراچي مقرر ڪيو آھي؟ هو ته ڪي پي جي صوبائي گروپ جو ماڻهو آھي، ٻئي صوبي ۾ مقرر ٿي ئي نه ٿو سگهي. ڇا سنڌ پبلڪ سروس جي ڪنهن آفيسر کي ڪو ٻيو صوبو مقرر ڪري سگهي ٿو؟ اهڙو ڪو مثال ئي ڪونهي، سنڌ جا آفيسر لائن ۾ ويٺا آھن ۽ ٻئي صوبي مان آفيسر کي گهرايو ويو آھي ڇو جو ڪي پي ۾ مولانا فضل الرحمان جي مخالف حڪومت آھي هن کي پوسٽنگ نه ملندي هوندي. جاويد ڀٽو لکيو ته صحيح ٿا چئو ايئن ئي هوندو، ايوب گل، امتياز ڀٽي، لال خان، امتياز ڀٽي، رسول بخش لاڙ، آر ڊي سميجو، عنايت حسين ميمڻ، حسين مسرت، سرويچ اوڍو، شير محمد کهاوڙ، شميم مري، پنهل ساريو، اسماعيل کوسو ۽ ٻين پڻ ان آفيسر جي مقرري جي مذمت ڪئي، نسرين الطاف لکيو ته افسوس پنهنجا ايماندار آفيسر گهر ويهاري ٻين صوبن کي مقرر ڪيو پيو وڃي، حسن پٺاڻ لکيو ته ڊي ايم جي گروپ جا آفيسر ٻئي صوبي ۾ مقرر ناهن ٿيندا ڇا؟ سنڌ ۾ سڀني ضلعن ۾ سواءِ ڪراچي سينٽرل جي سڀئي ڊي سي سنڌ جو ڊوميسائل رکندڙ يا ٻين سان تعلق رکندڙ ناهن؟ احمد ميمڻ لکيو ته سنڌ جي اڪثر ضلعن جا ڊي سي ٻين صوبن جا آهن. مجتبيٰ جوکيو ۽ آزاد نهڙيو لکيو ته اپائنٽمينٽ ٽرانسفر اينڊ پوسٽنگ سروس رولز 1986ع ۾ ترميم ٿي چڪي آهي جنهن تحت ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس سي گروپس کي ضم ڪري پي ايم ايس گروپ ٺاهيو ويو آهي جنهن تحت پي ايم سي گروپ جو آفيسر ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ اي سي ۽ ڊي سي مقرر ڪري ٿي سگهي ٿو. مختيار عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪنهن به آفيسر کي ڪو ٻيو صوبو مقرر سگهي ٿو؟ اهڙو ڪو مثال آهي؟ سنڌ حڪومت ٻئي صوبي جي ماڻهو کي مقرر ڪيو آهي. امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ حڪومت کان پڇو ته ڇا سنڌ ۾ آفيسر ناهن جو ٻئي صوبي جو ماڻهو مقرر ڪيو ويو آهي؟ سنڌ کي هن معاملي تي احتجاج ڪرڻ کپي، دعا قاضي لکيو ته هن ۾ سياسي مفاد آهي، مفاهمت جو اعليٰ مثال آهي، شهزادي حسين لکيو ته سنڌ جا ماڻهو ڊي سي ٿيڻ جا اهل ناهن؟ نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هن کي ڪهڙي اسائنمنيٽ تحت ڪراچي ۾ ڊي سي طور مقرر ڪيو ويو آهي؟ ضياءُالرحمان ڪي پي صوبي جو آفيسر آهي پر کيس خصوصي طور ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ڇا سنڌ مان پي ايم سي آفيسر کٽي ويا آهن يا جعلي ڊوميسائل واري معاملي کي دفن ڪرڻ چاهين ٿا؟ زڪيه اعجاز لکيو ته سنڌ حڪومت ڪهڙي قانون تحت اهڙي مقرري ڪئي آهي؟ هڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ مقرري نٿي ڪري سگهجي، ان کانسواءِ مخدوم شمس، اياز کوسو، سراج پنهور، ڊاڪٽر اشرف سمون سميت سوين ماڻهن ان معاملي تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو ۽ ڊي سي جي مقرر رد ڪرڻ جو

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *