تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

فرينڪ شميڊٽ … نقاش علي

فرينڪ شميڊٽ هڪ جرمن اليڪٽريڪل انجنيئر هو. جنهن کي پرويز مشرف جي دور ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلائي ڪارپوريشن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو هو ۽ کيس اهو ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته بجلي جي چوري ۾ ڪير ڪير ملوث آهي. هن ڇهن مهينن جي ڪراچي جي سروي کانپوءِ وفاق کي رپورٽ موڪلي ڏني. جنهن ۾ خبر پئي ته سرڪاري ادارا 50 سيڪڙو بجلي چوري ۾ پاڻ ملوث آهن، 40 سيڪڙو صنعت ڪار يعني انڊسٽريل چوري ڪري رهيا آهن ۽ 10 سيڪڙو ڪچي آبادي جا غريب ماڻهو بجلي چوري ڪري رهيا آهن. پر حڪومت چاهيو پئي ته شروعات غريب ۽ ڪچي آبادي واري علائقي کان ڪجي. ان تي فرينڪ شميڊٽ چيو ته اها ته نا انصافي آهي. 90 سيڪڙو چوري ڪرڻ وارن کي ڇڏي غريب، ڪچي آبادي ۽ بنيادي سهولتن کان محروم عوام کان ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ آئون اهو آپريشن نه ڪندس. جيڪڏهن 90 سيڪڙو چوري ڪرڻ وارن کي روڪيو وڃي ته 10 سيڪڙو ڪچي آبادي وارن غريب عوام کي بجلي مفت فراهم ڪري سگهجي ٿي. پر ان تي عمل نه ٿيو. جنهن بعد هو هڪ ڏينهن شيرٽن هوٽل مان پنهنجو سامان کڻي هن ملڪ کي خدا حافظ چئي جرمني هليو ويو. فرينڪ شميڊٽ چيو ته ظلم حڪومتي ادار ۽ صنعت ڪار ڪن ان جو ازالو غريب عوام کي ڀرڻو پوي. هي ملڪ ڪڏهن نه سڌرندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *