تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

فرانس ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا …..ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

جيتوڻيڪ، فرانس دنيا ۾ پرفيومز جي حوالي سان مشهور ملڪ آهي، پر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سياحن جي ميزباني ڪندڙ ملڪ به فرانس آهي، جتي ساليانو 8 ڪروڙ ۽ 30 لک سياح گھمڻ لاءِ اچن ٿا. اتي پڙهڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ ڪيترو نه پر ڪشش ٿي سگھي ٿو، شايد اهو ئي سبب آهي جو ساليانو 3 لک کان مٿي پرڏيهي شاگرد تعليم پرائڻ اچن ٿا. فرانس ۾ لڳ ڀڳ 7 هزار عجائب گھر ۽ 40 هزار تاريخي ماڳ آهن.
فرانس ۾ اعليٰ تعليمي ادارا:
فرانس ۾ 83 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن جتي مختلف شعبن ۾ ڊگري پروگرام ڪرايا وڃن ٿا. ان کانسواءِ 250 اهڙا تعليمي ادارا آهن جن کي grandesécoles سڏيو وڃي ٿو، جتي ڪنهن به هڪ سبجيڪٽ ۾ اسپيشلائيزيشن ڪرائي وڃي ٿي، جن مان اڪثر بزنيس ۽ انجنيئرنگ جا ادارا آهن. گھٽ داخلائون ڏيڻ ڪري اتي چٽاڀيٽي گهڻي آهي. ان کانسواءِ فرانس ۾ آرٽس، آرڪيٽيڪچر جي شعبن لاءِ ڌار اسڪول آهن. فيشن، فلم، صحافت، هاسپيٽلٽي، سوشل ورڪ وغيره لاءِ به ڌار ڪاليج آهن. فرانس جون 35 يونيورسٽيون دنيا جي ٽاپ ريڪنگ ۾ شامل آهن، جن مان 11 ٽاپ 300 ۾ آهن. جڏهن تهParis Sciences et Lettres Research University(PSL) 50 نمبر تي ۽ EcolePolytechnique 65 نمبر تي آهي.
انڊر گريجوئيٽ جا تقريبن سمورا پروگرام فرينچ زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا، جڏهن ته ماسٽرس ۽ ڊاڪٽريٽ لاءِ ڪافي پروگرام انگريزي ٻولي ۾ به متعارف ڪرايا ويا آهن. انٽرنشپ ڪورس جو حصو ٺاهيو ويو آهي ته جيئن شاگرد پڙهائي سان گڏ مارڪيٽ ۽ انڊسٽري جو تجربو به حاصل ڪري سگھن. فرانس جي ڪلچر ۽ زندگي جي ڍنگ کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته فرينچ زبان جي بنيادي معلومات هجن.
داخلا جو طريقيڪار
ڪنهن به يونيورسٽي ۾ سڌي ريت اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو ۽ انهن جي ويب سائيٽن تي ڏنل اصول ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار تي عمل ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن شاگرد آرٽس، ڊزائن، ميوزڪ ۽ آرڪيٽيڪچر جهڙن سبجيڪٽس تعليم پرائڻ چاهي ٿو ته هن سينٽرل ويب سائيٽ (www.campusart.org) تي اپلاءِ ڪرڻ گھرجي، جيڪا فرانس جي 100 کان مٿي آرٽس سان لاڳاپيل ادارن بابت رهنمائي ڪري ٿي.
ويزا جو طريقيڪار
داخلا ٿي وڃي ته فرانس جي سفارتخاني ۾ ويزا لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ گھرجي. اتي شاگرد کي ويزا سان گڏ ريزيڊنٽ پرمٽ VLS-TS. ڏني وڃي ٿي. جيڪا شروع ۾ هڪ سال لاءِ هوندي آهي. ويزا لاءِ ڪنهن تعليمي اداري ۾ داخلا سان گڏ، پاسپورٽ، تازا فوٽو، تعليمي سرٽيفڪيٽ ۽ پوليس ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ سان گڏ فنانشل سورس سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوي ٿو، جنهن ۾ ماهوار 615 فرينچ يا وري 715 آمريڪن ڊالر جي رقم ڏيکاريل هجي. اهم ڳالهه ته فرينچ ٻولي جو ڪو بنيادي ڪورس ڪيل هجي ته مثبت اثر ٿئي ٿو، پر فرينچ نه اچڻ ڪري ڊگري پروگرام ۾ ٻولي جو ڪورس ۾ شامل هوندو آهي. جيڪڏهن پروگرام انگريزي ۾ آهي ته به فرانس ۾ رهڻ ۽ رابطي لاءِ بنيادي فرينچ ٻولي ضروري سمجهي وڃي ٿي. فرانس پهچڻ کانپوءِ ٽن مهينن اندر شاگرد کي لانگ اسٽي ويزا جاري ڪئي وڃي ٿي.
ٽيوشن فيس
فرانس جي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين ۾ فيس مجموعي طور تي گھٽ آهي، پر نجي ادارن توڙي مختلف موضوعن جي حساب سان ڪن يونيورسٽين ۾ فيس ڪافي مهانگي به آهي. نجي يونيورسٽين جي سالياني فيس 3 هزار يورو کان 10 هزار يورو آهي. پر پبلڪ يونيورسٽين ۾ فيس سيمسٽر جي حساب سان بيچلر، ماسٽرس توڙي پي ايچ ڊي پروگرامن ۾ 200 يورو کان 500 يورو تائين آهي. جڏهن ته اسپيشلائزڊ grandesécoles اسڪولن ۽ ڪاليجن grands établissements ۾ فيس ڪافي مهانگي آهي. ان ڪري اهڙي ڪنهن به انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ فيس جي خبر رکڻ گهرجي.
رهائش جو خرچ
فرانس ۾ پئرس سڀ کان مهانگو شهر آهي جتي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار يورو جي بجيٽ هجي، باقي شهرن ۾ 8 سئو يورو مان گذارو ٿي وڃي ٿو. جن ۾ 300 يورو کاڌي پيتي تي، يونيورسٽين اندر ٺهيل هاسٽلن ۾ رهائش جو 200 کان 300 يورو ماهوار خرچ اچي ٿو. باقي ٻيا خرچ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪشن وغيره تي اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح فرانس ۾ بين الاقوامي شاگرد کي سال اندر 964 ڪلاڪن تائين پارٽ ٽائيم ڪم ڪرڻ جي به اجازت آهي، جنهن لاءِ اميگريشن ۽ ويزا پرمٽ شعبي مان اجازت وٺڻ لازمي آهي.
فنڊنگ ۽ اسڪالرشپ جا موقعا
ايفل ايڪسيلينس اسڪالرشپ پروگرام تحت شاگردن کي ماهوار 1181 يورو وظيفو ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي مدت ماسٽرس پروگرام جي شاگرد لاءِ 12 کان 36 مهينن تائين آهي، جڏهن ته پي ايچ ڊي لاءِ مهينن تائين 1400 يورو ڏنا وڃن ٿا.
EU’s Erasmus program پروگرام ۾ تحت ريجنل ڪائونسل ۽ ريسرچ فنڊگ ايجنسي طرفان بين الاقوامي شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي. ان کانسواءِ contrat doctoral به آهي جنهن ۾ شاگرد کي يونيورسٽي ۾ 3 سال لاءِ ملازم طور رکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاگرد کي ريسرچ سان گڏ ٽيچنگ به ڪرڻي پوي ٿي. هي ڪانٽريڪٽ 3 سال تائين ٿي سگھي ٿو جنهن ۾ صرف پي ايچ ڊي جو شاگرد کي اپلاءِ ڪري سگھي ٿو.
تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ روزگار جا موقعا
فرانس ۾ روزگار جا موقعا خاص طور انفارميشن ٽيڪنالاجي، هيلٿ ڪيئر ۽ ماهر انجنيئرز وغيره لاءِ آهن. پر ان ۾ سخت مقابلي ۽ مهارت جي ضرورت آهي، گريجوئيشن ٿيڻ تي نوڪري ملڻ جي صورت ۾ پرڏيهي شاگرد کي ويزا اسٽيٽس تبديل ڪرائڻو پئي ٿو پر جي نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هجي ته ان صورت ۾ تعليم پوري ٿيڻ سان گڏ وڌيڪ هڪ سال لاءِ اسٽوڊنٽ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪري سگھجي ٿو، جنهن تحت شاگرد هفتي ۾ 20 ڪلاڪ يعني سال ۾ وڌ ۾ وڌ 964 ڪلاڪ پارٽ ٽائيم ڪم ڪري سگھي ٿو. فرانس ۾ روزگار ڳولڻ لاءِ هي ويب سائيٽس اهم آهن www.pole-emploi.fr ۽ www.apec.fr.
شاگردن لاءِ اهم شهر
پئرس دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ شهر آهي، جتي ساليانو 5 ڪروڙ کان وڌيڪ سياح گھمڻ اچن ٿا. هن شهر ۾ ڪيترين ئي يونيورسٽين سان گڏ پبلڪ انسٽيٽيوٽس ۽ contrat doctoral موجود آهن. پئرس لان سواءِ ليون، تولوس، مونٽوپلر ۽ للي شاگردن لاءِ فرانس اندر اهم شهر سمجهيا وڃن ٿا. للي شهر ۾ رهائش جو خرچ پئرس جي حساب سان اڌ جيترو آهي، جڏهن ته ليون ۽ مونٽوپلر ٻيئي شهر فرانس جا تاريخي شهر به سمجهيا وڃن ٿا، جتي جي آرڪيٽيڪچر به ڏسڻ وٽان آهي. مونٽوپلر شهر جي ته چوٿون حصو آبادي يونيورسٽين جي شاگردن جي آهي. تولوس شهر ماڊرن انڊسٽري طور سڃاتو وڃي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *