تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

فرانس جو عظيم ناول نگار وڪٽر ھيوگو … طفيل مگسي

عالمي ادب ۾ فرانسيسي اديب “وڪٽر هيوگو“ کي وڏي حيثيت حاصل آھي.جنهن جو هڪ سبب هن جو مشھور ناول( Les miserables) آھي.هن جو ڳاڻيٽو دنيا جي عظيم ۽ وڏن ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو.هن ناول کي انگريزي ٻولي کانسواءِ 22 ملڪن جي ٻولين ۾َپڻ ترجمو ڪيو ويو آھي.اردو ٻولي ۾ ھن جو ترجمو مشھور ترجمي نگار باقر نقويء “مضراب“ جي نالي سان ڪيو آھي.هن ناول کي پڙھندي احساس ٿئي ٿو ته ڪهڙي ريت فرانس جي ماضي جو هڪ سڄو دور هن ناول جي خيال ۽ ڪردارن ۾ رهيو آھي. وڪٽر هيوگو فرانسيسي اديب.ڊراما نويس.صحافي ۽ سياستدان هو.هن کي اڻويهين صدي جو سڀ کان وڏو فرانسيسي اديب تسليم ڪيو وڃي ٿو.شروعات ۾ ھن هن جي شھرت بحيثيت شاعر هئي.ليڪن اڳتي هلي هو ناول نگار ۽ ڊراما نويس جي به حيثيت ۾ به مشھور ٿيو.
26فيبروري 1802ع تي جنم وٺڻ وارو هي عظيم اول نگار 83 سالن جي عمر ۾ پنهنجين لکڻين ۽ تخليقن سان گڏوگڏ عالمي ادب ۾ رومان ب سرشار ٿي ويو.اٽڪل ڏيڍ سو سال اڳ لکيل هن ناول جي تخليقي ڪهاڻي نهايت دلچسپ آھي.وڪٽر هيوگو 1845ع ۾ اهو ناول لکڻ شروع ڪيو ۽ 1861ع ۾ ھن کي مڪمل ڪيائين.دنيا جي عظيم ناولن ۾ شمار ٿيئي ٿو.انگريزي ٻولي ۾ ھن جا ڪافي ترجما ٿيا آھن جنهن ۾ پهريون ترجمو آڪٽومبر 1862ع ۾ ڇپيو.وڪٽر هيوگو جي هن ناول جو جڏھن اردو ۾ ترجمو ٿيو ت ترجمي نگار هن ناول جي باري ۾ وڌيڪ دلچسپ معلومات لکندي لکي ٿو ته هن ناول جا 365 باب آھن ۽ لڳ ڀڳ 570.000 لفظن تي مشتمل آھي.پراڻي ناول جي باوجود وقت گذرڻ سان گڏوگڏ يورپ جي قارين جي هن ناول ۾ دلچسپي وڌي رهي آھي.
هن تي هينئر تائين 10.000 تبصرا ۽ 412.000جي لڳ ڀڳ مضمون لکيا ويا آھن.هن ناول تي مشتمل 22ٻولين ۾ لکيل ڊراما 42ملڪن جي 219 شھرن ۾ پيش ڪيا ويا آھن.۽ ست ڪروڙ ماڻھو ان کان لطف حاصل ڪري چڪا آھن. هينئر تائين هن ناول کي سو کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آھن ۽ ڪافي فلمون ٺھي چڪيون آھن.هن ناول ۾ جنگ به آهي ته مذھب به آهي ۽ محبت به آهي .باوجود ان جي هن ۾ اهڙا به ڪردار آھن جيڪي نهايت سخي آھن .مذھبي آھن .نيڪ نيتي وارا ۽ عام شھري پڻ آھن.پنهنجي زماني ۾ هيوگو کي اهوئي درجو حاصل هو جيئن جرمني ۾ گوئٽي کي مليل آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *