تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

فرانس انگريزن جي غلامي کان انقلاب تائين … سنڌيڪار: طفيل مگسي

فرانس جي بادشاهت جي سلسلي جي شروعات پنجين صدي ۾ فرانڪون جي اچڻ سان ٿي.ان وقت انهن علائقن ۾ جيڪي هينئر فرانس ۾ شامل آھن.هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون.فرانس ۾ شروع ٿيڻ واري بادشاهت جو خاتمو 1780ع ۾ ٿيو.ان دوران فرانس ڪافي جنگين.ويڙھن ۽ انقلابن کي ڏٺو.ڪافي بادشاهه جن جو تعلق مختلف خاندانن سان هو.هن تي حڪمران رهيا.پنهنجي آزادي جي خاطر انگريزن کان فرانسيسين جي ياراڻي به گهڻو وقت رهي.نيٺ اهو فرانس قائم ٿيو.جنهن کي اڄ سڃاتو وڃي ٿو.اچو ته انهي فرانس جي مختصر تاريخ تي سرسري نظر وجهون. فرانس جو پراڻو نالو(گال) هو ۽ اهو نالو رومين يورپ جي ان حصي کي ڏئي ڇڏيو هو.جتان جا ماڻھو ڪلٽي ٻوليون ڳالهائيندا هئا.ان ۾ فرانس کانسواءِ ٻيا به ڪافي علائقا شامل آھن. سلطنت روم جي هڪ حصي جي حيثيت سان فرانس جو شمار يورپ جي سڀ کان وڌيڪ معتبر علائقن ۾ ٿيندو هو.اتي رومي اثر نهايت مضبوط ۽ طاقتور رهيو پر بعد ۾ فرانڪون حملو ڪري هن کي فتح ڪري ورتو ۽ شارليمان جي قائم ڪيل سلطنت جو هڪ حصو بڻائي ڇڏيائين.يارهين صدي جي شروعات ۾ ھن جا پنهنجا بادشاهه هئا پر انهن جو اقتدار محدود هو.ڇوته ملڪ جو وڏو حصو طاقتور ڊيوڪس ۽ ڪائونٽس.خاص طور تي نارمنڊي ۽ برگنڊي ۽ اڪون ٽين جي اثر ۾ ھو.قرون وسطيٰ جي خاتمي جي ويجهو فرانس جي تاريخ گهڻو ڪري انگلستان سان گڏ جنگين جي تاريخ رهي آھي.جيڪي تخت وتاج جي لاءِ وڙھيون ويون.انگلستان ۽ فرانس جي وچ ۾ اها ڇڪتاڻ اڌ صدي جي نالي سان مشھور آھي.جنگ چوڏھين صدي ۾ ان وقت شروع ٿي جڏھن ايڊورڊ ٻه فرانس جي تخت وتاج جي دعويٰ ڪئي.انگريزن ڪريسي ۽ پواٽيٽر جي ويڙھن ۾ فتح حاصل ڪئي.1360ع ۾ بريٽگن جو معاهدو ٿيو.جنهن جي ذريعي ايڊورڊ ٻه فرانس جو ڪافي علائقو حاصل ڪيو.پر تخت وتاج حاصل نه ڪري سگهيو.1389ع ۾ جنگ وري شروع ٿي ۽ 1396ع تائين جاري رهي.1392ع جي عهد نامي جي ذريعي انگريزن پنهنجو قبضو ڪيل وڏو حصو وڃائي ڇڏيو.
1403ع ۾ جنگ جو هڪ ٻيو دور شروع ٿيو .هنري پنجين فرانس جي تخت تي پنهنجو حق تسليم ڪندي هن کي هڪ سنگين مامري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.آجن ڪورٽ جي ويڙھ ۾ هن جي فتح ٿي.نارمنڊي هن فتح ڪري ورتو ۽ 1440ع ميسايڪ عهد نامي جي ذريعي بادشاهه جو ولي ۽ فرانس جو ٿيڻ وارو بادشاهه تسليم ڪيو ويو.باوجود ان جي قوم جي هڪ جماعت انگريزن جي حڪمراني تي ڪاوڙي ۽ جنگ 1429ع تائين جاري رهي.ان موقعي تي جون آف آرڪ جي دور کان ويڙھه جي رخ پنهنجو پاڻ کي بدلايو. ۽ انگريزن کي مسلسل ناڪامي ٿيندي رهي.1455ع ۾ ان ڇڪتاڻ جو خاتمو ٿي ويو. ۽ اھڙي ريت هڪ علائقي کانسواءِ باقي سمورو فرانس انگريزن جي هٿن کان نڪري ويو.
جون آف آرڪ
هن کي فرانس ۾ آزادي جي هيرو واري حيثيت مليل آھي.جون آف آرڪ 1412ع ۾ ڊومريمي ۾ ھڪ هاري جي گهر ۾ جنم ورتو.جيڪا مذھب ۽ ھمت سان شرسار هئي.هن جو خيال هو ته هن کي آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ فرانس کي جيڪو ان وقت انگريزن جي قبضي ۾ ھو.ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ چئي رهيا آھن.1429ع ۾ ھن جي ملاقات ان وقت لٿل بادشاهه چارلس هفتم سان ٿي.چارلس هن کي سڀاهين جي هڪ لشڪر جي قيادت حوالي ڪئي ته جيئن آريٽنز کي جنهن جو انگريزن گهيرو ڪري رکيو هو.دستا ۽ سامان پهچايو وڃي.هن جي پڪن عقيدن ھن جي وطن دوستي ۾ھڪ نئون روح ڦوڪيو.جنهن جي ڪري گهيراءُ ٽٽي ويو ۽ فتحون حاصل ٿيون.جولاءِ1421ع ۾ ريمز جي مقام تي چارلس جي تاج پوشي جي رسم ٿي.1430ع ۾ ھڪ ويڙھه جي دوران جون زخمي ٿي پئي۽ برگينڊيون هن کي گرفتار ڪري انگريزن کي وڪرو ڪري ڇڏيو.هنن ان تي ڪيس هلايو.1431ع تي جادو ۽ مذھبي عقيدن جي خلاف ورزي جو الزام ھڻي هن کي زندهه ساڙيو ويو.هن جي دردناڪ موت جي اٽڪل پنج سو سالن کانپوءِ يورپ هن کي اولياءَ جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو.انگلستان سان جنگين جو دور پندرنهين صدي ۾ ختم ٿي ويو.ان کانپوءِ والوا ۽ بوربن بادشاهن جي تحت فرانس جي شاهي حڪومت وڌيڪ طاقت حاصل ڪري ورتي.۽ جڏھن برٽينسي ان ۾ شامل ڪيو ويو ته فرانس جو تڪ اهوئي ساڳيو ٿي ويو جيڪو هن وقت اٿس.
خاندان والوا
والوا فرانس جو شاهي خاندان هو ۽ خاندان والوا جي ميمبرن فرانس جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.1328ع کان وٺي ڪري 1589ع تائين اهي ماڻھو فرانس جو بادشاهه رهيو.هنري ٻه ۽ ڪيٿرائن ميڊيجي جي ڀيڻ مارگريٽ والوا هنري آف ناوار سان شادي ڪئي هئي.جنهن جو شمار سورنهين صدي جي سوانح نگارن ۾ ٿئي ٿو.
بوربن خاندان
والوا خاندان کانپوءِ بوربن خاندان فرانس جو اقتدار سنڀاليو.ڇاڪاڻ ته بوربن خاندان جو ڪو مرد وارث باقي نه بچيو هو .هن خاندان جا فرد فرانس ۽ اسپين جا بادشاهه بڻيا.اهو نالو فرانس جي علائقي بورين لارڪيمبيل کان ورتو ويو آھي.ڇوته خاندان جا ميمبر ڏھين صدي ۾ ھن جا جا امير بڻيا ۽ اها جاگير انهن ماڻھن کي لوئي لهم جي هڪ پٽ جي شادي ۾ ملي هئي. ۽ ھن جي پٽ کي ڊيوڪ آف بوربن بڻايو ويو هو.بعد ۾ ھڪ ڊيوڪ انتوني جو ڇوڪرو هنري 1589ع ۾ فرانس جو بادشاهه بڻيو.هن ۽ سندس پوئلڳن 1814ع کان 1814ع ۾ حڪمراني ڪئي.1830ع کان 1848ع جو تعلق بوربن جي شاخ آرلينز سان هو.هن خاندان جاماڻھو 1700ع کان 1903ع تائين به اسپين جا بادشاهه رهيا.رش ليو فرانس جي تاريخ جو هڪ اهم ڪردار آھي.فرانسيسي ڪارونال (هڪ مذھبي عهدو) هو. ۽ لوئي جو وزير هو.جنهن جي حڪومتي دور ۾ رش ليوا شامل هو.هو 1585ع ۾ پيرس ۾ ڄائو.1607ع ۾ لوڪان جو بشپ1622ع ڪاردنال ۽ 1624ع ۾ وزدراعلي ٿيو.هن جي پاليسي جا ٽي وڏا اهم مقصد هئا.فرانسيسي پروٽنٽس جي سياسي سگهه کي ختم ڪرڻ .شاهي اقتدار جو مان مٿانهون ڪرڻ ۽ ھابس برگ جي تسلط جي خوف کان فرانس کي محفوظ رکڻ.انهن ٽنهي مقصدن ۾ هن کي ڪاميابي حاصل ٿي.جنهن جو سڀ کان وڏو سبب اهو هو ته هن کي بادشاهه جي هر وقت حمايت حاصل رهي ۽ 1642ع ۾ ھن جي وفات ٿي.
لوئي چهاردرهم
اهو فرانس جي بوربن بادشاهن منجهان سڀ کان مشھور بادشاهه ٿي گذريو آھي.هو 1638ع ۾ ڄائو.هن 72 سالن جي ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪئي.هو پنهنجي زماني جي يورپ جي عظيم ترين هستي هو.نه صرف سياست بلڪ فنون لطيفا ۽ ادب ۾ به هن وڏي اثر کي استعمال ڪيو.هن کي پنهنجي اهميت جو وڏو احساس هو.لوئي چهاردهم شان وشوڪت جو بادشاهه هو. ۽ شان عالي شان سڏبو هو.هن محل ورسائي ۽ ٻيون شاندار عمارتون تعمير ڪرايون.ورسائي جو محل پيرس جي ڏکڻ اولهه ۾ سڏ پنڌ تي آھي.لوئي چهاردهم 1715ع ۾ وفات ڪئي.هن جو پٽ ۽ پوٽو ٻئي هن جي زندگي ۾ ئي مري چڪا هئا.جنهن ڪري هن جو وارث پڙپوٽو لوئي پانزدهم ٿيو.فرانس جي بادشاهت لوئي چهاردرهم جي تحت پنهنجي انتها تي پهچي چڪي هئي.يورپ جي سماجي زندگي جي قيادت جو پٽڪو فرانس جي مٿي تي هو ۽ بحيثيت ٻين گڏيل مامرن ۾ هو غالب ٿي چڪو هو ۽ ان دوران فرانس تمام وڏي فوجي طاقت بڻجي ويو.عقلي۽ ذھني ڪاروان جي قيادت به هن جي حصي ۾ آئي. ان خدال جو هڪ اونداهو رخ به هو.يعني فضول خرچي .رشوت خوري ۽ ان کانپوءِ به بدترين غريبن سان وڏي پيماني تي بي انصافي.انهن خرابين جي لاءِ ھن ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي.جيڪا انقلاب جي صورت ۾ ظاهر ٿي .هن خوني انقلاب شھنشاهيت کي ختم ڪري پهرين جهموريا قائم ڪئي.ان جهموريا جي خاڪ کان نيپولين جي سلطنت قائم ڪئي.مطلق العنان جو اهو دور به 1815ع ۾ ختم ٿي ويو.ان کانپوءِ بادشاهت کي بحال ڪيو ويو ۽ لوئي ڌرهم تخت تي ويٺو.لوئي فلپ 1830ع ۾ فرانس جو بادشاه بڻيو.1848ع ۾ ھن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو وري جهموريا قائم ڪئي وئي پر اها جهموريا به بقا نه ڪري سگهي۽ ان جي خاتمي کانپوءِ شھنشاهه نيپولين ٻه تخت تي ويٺو ۽ مطلق العنان جو اهو ٻيو دور 1870ع تائين جاري رهيو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *