تازا ترين
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

فرانسيسي عورتن سيلون جي ذريعي تهذيب کي هٿي ڏني … ڊاڪٽر مبارڪ علي صدام ساگر

فرانسيسي انقلاب کان پهرين عورتن جي قائم ڪيل “سيلونن” روشن خيالي جي تحريڪ کي فروغ ڏنو، جتي نه صرف ادبي ۽ فلفسيانه موضوعن تي بحث مباحثو ٿيندو هو، پرادب جي تربيت به ٿيندي هئي. شاعرن، اديبن، مصورن، فلسفين ۽ سائنسدانن جي لاءِ اِهو لازمي آهي ته ان ۾ باهمي ملاقات ٿئي ته جيئن اُهي پنهنجا خيال و فڪر پاڻ ۾ ونڊي سگهن. انگلستان ۾ ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ”ڪافي هائوسز” هئا جيڪو دانشورن جي ملڻ جا مرڪز هئا، ان کان سواءِ مختلف سماجي ڪلب هئا جتي دانشور گڏجي ويهندا هئا ۽ هڪٻئي مان مستفيد ٿيندا هئا پر ڪافي هائوسز ۽ ڪلبن ۾ عورتون نه اينديون هيون، اهي صرف مردن لاءِ مخصوص هئا. فرانس ۾ پيرس جو شهر 18هين صديءَ ۾ علمي، ادبي ۽ فلسفياڻي خيالن سبب مشهور هو. چرچ ۽ رياست جي پابندين باوجود فرانسيسي دانشور پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پراڻي روايتن کي چئلينج ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته هُتي لنڊن جيان ڪافي هائوسز دانشورن جا مرڪز نه بڻيا هئا ان لاءِ فرانس جي خوشحال عورتن ان جو متبادل پيش ڪيو جيڪو سيلون جي شڪل ۾ هو. خوشحال طبقي جي عورتن سان گڏ روشن خيال دانشورن جي سرپرستي بادشاهه لوئي مسٽرس ميڊم پمپي ڪندي هئي جيڪا نه صرف انهن جي مالي مدد ڪندي هئي پر انهن کي رياستي ۽ چرچ جي پابندين کان به پري ڪندي هئي، اشرافيه طبقي جي عورتن پنهنجي حويلين ۾ دانشورن ۽ علمي شخصيتن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو جنهن ڪري ان جي سرپرستي ۾ هلندڙ اِهي سيلون تاريخ ۾ مشهور ٿيا.
فرانسيسي انقلاب کان پهرين دولتمند عورتن جي قائم ڪيل سيلونن روشن خيالي جي تحريڪ کي فروغ ڏنو، هتي نه صرف ادبي ۽ فلسفياڻي موضوعن تي بحث مباحثو ٿيندو هو، پر ادب، گفتگو جي فن، اُٿڻ ويهڻ جي آداب جي به تربيت ٿيندي هئي، جيڪي عورتون ان سيلونن جو انتظام ۽ سار سنڀال ڪنديون هيون اُهي پاڻ به پڙهيل لکيل، مهذب ۽ شائسته هونديون هيون. گفتگو جي فن کان چڱي طرح واقف هيون ۽ محفل ۾ ٿيندڙ بحث مباحثي کي ڪنٽرول ڪنديون هيون. محفل ۾ ايندڙ دانشورن سان عزت ۽ احترام سان پيش اينديون هيون، ان محفلن جو خرچو پڻ پاڻ برداشت ڪنديون هيون، ان لاءِ پيرس کان سواءِ ٻين شهرن جا دانشور به ان ۾ شرڪت لاءِ ايندا هئا، انهن سيلونن فرانس جي دانشورن لاءِ اهڙا مرڪز قائم ڪيا جتي اُهي آزاديءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن. اُهي حالات حاضره کان سواءِ ماضيءَ جي واقعن جو به تجزيو ڪندا هئا. علم و ادب، مصوري ۽ تعميرات ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون هيون اُهي به زير بحث هونديون هيون. فرانس جي تاريخ ۾ اُن سيلونن جي باري ۾ مختلف راءِ ۽ دليل آهن، جڏهن ته منظم ڪرڻ واريون امرا جون عورتون هونديون هيون، ان لاءِ دليل ڏنو ويندو آهي ته ان جو دائرو محدود هو، پر ان جي برعڪس ڪجهه تاريخدان ان طرف اشارو ڪن ٿا ته هڪ اهڙي ماحول ۾ جتي چرچ پاران خيالن جي اظهار تي سخت پابنديون هيون ۽ رياست به روشن خيالي جي تحريڪ جي خلاف مزاحمت ڪندي رهندي هئي. سينسرشپ جا سخت قانون هئا، خلاف ورزي تي دانشورن کي قيد جون سزائون به ڏنيون وينديون هيون. والٽيئر ۽ ديدورو ٻنهي کي پنهنجي تحريرن جي ڪري جيل وڃڻو پيو، اتي ان حالتن ۾ هي سيلون فرانسيسي دانشورن کي موقعو فراهم ڪنديون هيون ته ان محفلن ۾ شامل ٿي آزاديءَ سان روايتن ۽ ادارن تي تنقيد ڪري سگهن، تنهن ڪري ان مرڪزن فرانس جي علمي و ادبي فڪرن کي پيش ڪري سوسائٽي جي اشرافيه کي ذهني طور تي متاثر ڪيو.
فرانس جي پنج عورتن جون سيلون مشهور هيون. جنهن ۾ مادار جيو هرن جو سيلون سڀ کان وڌيڪ مشهور هو، جتي فرانس جا مشهور دانشور گڏ ٿيندا هئا، هن سيلون جون سرگرميون 1750_1777ع تائين جاري رهيون. ڪليندين جي دي تين سين بحيثيت عورت ناول نگار مشهور ٿي ۽ جڏهن هُن پنهنجو سيلون قائم ڪيو ته ان جي سحر انگيز شخصيت جي ڪري اهو دانشورن جو مرڪز بڻجي ويو. سيلون تي دانشورن کانسواءِ ٿيٽر سان لاڳاپيل شخصيتون به اينديون هيون، پاڻ به ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندي هئي. مادام دوپان پنهنجي خوبصورتي جي ڪري مشهور هئي، اديبن ۽ شاعرن جي محفلن جو انتظام ڪندي هئي. روشن خيالي جي تحريڪ جا مشهور دانشور هُن جي سيلون تي گڏ ٿيندا هئا، فرانسوا دي گريفني پنهنجي وقت جي مشهور ليکڪه هئي، ان جي قائم ڪيل سيلون جي ڪا خاص اهميت ته نه هئي، پر پوءِ به ان جي ادبي تعلقات جي ڪري اديب ۽ شاعر اُتي به گڏ ٿيندا هئا.مشهور دانشور جيڪو ان سيلونن تي ايندا هئا، ان ۾ روسو، ايڊم سمٿ، ديدورو ۽ ايڊورڊ گبن جهڙا دانشور شامل هئا، ان کان سواءِ يورپي ملڪن جا دانشور جڏهن به پيرس ايندا هئا ته ان سيلونن تي ضرور اچي ڪري فرانسيسي دانشورن سان دوستيون ڪندا هئا ۽ ايئن ئي هڪ ٻئي مان فيضياب ٿيندا هئا. فرانسيسي انقلاب کانپوءِ جڏهن بادشاهت جو خاتمو ٿيو ۽ گڏوگڏ امير طبقي جو به زوال آيو ته ان نئين ماحول ۾ خوشحال عورتون اُن قابل نه رهيون ته هُو سيلون جي روايت کي برقرار رکي سگهن.
انقلاب دانشورن کي به انتشار جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ جڏهن پيرس ۾ “ڪافي هائوسز” جو رواج پيو ته انهن سيلون جي جڳهه تي دانشورن، مصورن ۽ سائنسدانن کي هتي گڏ ٿيڻ جو موقعو ڏنو. لنڊن جيان پيرس جا ڪافي هائوسز به ادبي ۽ عملي شهرت جا حامل ٿي ويا، خاص تبديلي اِها آئي جو انقلاب کان پهرين “سيلون” اشرافيه جا مرڪز هئا ۽ پوءِ “ڪافي هائوسز” جا دروازا امير ۽ غريب دانشورن لاءِ کُلي ويا ۽ انهن پنهنجي تخليقن سان فرانس جي معاشري کي متاثر ڪيو. هن ڳالهه مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، جڏهن به ماحول بدلجي ٿو ته پراڻن ادارن جي جڳهه تي نوان ادارا جنم وٺندا آهن ۽ معاشري جي ضرورتن کي پورو ڪندا آهن، پر اسان کي فراموش نه ٿيڻ گهرجي ته سيلون کي منعقد ڪرڻ واريون خوشحال عورتون هيون، پر انهن جو اهو ڪارنامو آهي جيڪو انهن گُهٽيل ماحول ۾ آزاد خيالي جي سرپرستي ڪئي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *