تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

فرانز ڪافڪا ۽ سندس ميٽامارفسز … امداد سولنگي

فرانز ڪافڪا جي بين القوامي ادب ۾ ايتري ڌاڪ آھي جو سندس اسلوب کي دنيا Kafkan World جي نالي سان سڃاڻي ٿي.20 صدي جو ادب ڪافڪا جي ذڪر کانسواءِ مڪمل خالي آھي ھن جا مک موضوع Alienation Guilt & Absurdities Existential Anxiety آھن..The Castle The Trial ۽ The Metamorphsis ھن جي بھترين ڪتابن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. ھن مختصر Write up ۾ مان سندس اھم ترين ناوليٽ The Metamorphsis تي لکڻ چاھيان ٿو. جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ فرانز ڪافڪا پنھنجي جڳ مشھور ناوليٽ Metamorphisis ۾ مک ڪردار گريگر سامسا کي ھڪ جيت / Bug ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. ھتي اھو سوال اڀري ٿو ته ڪافڪا آخرڪار پنھنجي ڪردار جي لاءِ انهي Bug کي چو چونڊيو ؟ جواب آھي ته ان جي چونڊ انڪري ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته مک ڪردار جي زندگي Bug وانگر پئي گذري.گريگر سامسا اڪيلائپ/lonliness ۽ کوکلائپ/ emptiness جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو ھو، وڌيڪ اھو به ته ڪافڪا ھي ناوليٽ يورپ ۾ industrial Revolution جي برپا ٿيڻ کان ستت پوءِ لکيو ھو .تنھنڪري ان صنعتي انقلاب مزدور طبقي جو ساھ مٺ ۾ ڪري ڇڏيو ھو انڪري انھن حالتن پڻ ھن ناول جي سرجڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو .اھو ئي سبب ھو جو ڪافڪا جي ھن ناول تي ڪنھن مغربي critic ڳالھائيندي ھئين چيو ھو:
There is connetion between the bug_form of Samsa and transformation workers into machines.
گريگر سامسا به trvelling salesman ھو جيڪو پنھنجي سموري رقم پنھنجي خاندان جي بنيادي ضرورتن تي خرچ ڪندو ھو .گريگر سامسا پنھنجي مسرت کي قربان ڪندي پرھ ڦٽي جو اٿندو ھو ۽ سڄو ڏينھن ان ڪم ۾ گذاري ڇڏيندو ھو. ھن جي نوڪري جي متعلق گريگر سامسا جو ھڪ جملو سموري ناوليٽ ۾ پڙاڏو ٿي گونجندو ٿو رھي.
What a grueling job i have picked. ھن کي ان ڳالھه جو وڏو ارمان ھو ته جا زندگي ھن گذاري پئي ان ۾ ھن کي پنھنجي خوشي جي لاءِ ھڪ لمحو به ميسر نه ھو. انڪري ھن پنھنجي اندر ۾ پلجندڙ دکدائڪ ڪيفيت کي Bug جي شڪل ۾ تبديل ٿيندي پئي ڏٺو. جنھن ۾ تمام وڏو ڪروڌ موجود ھو ۽ ان ڪروڌ وري ڪنھن انقلاب لاءِ پئي نھاريو.ناوليٽ جي plot مطابق گريگر وڏو دلجوئي رکندڙ ماڻھو ھو.ھن پنھنجي ڪٽنب جي خوشين تي ڪوبه compromise نٿي ڪرڻ چاھيو. گريگر سامسا کي پنھنجي ڀيڻ گريٽي لاءِ تمام گھڻي محبت ھئي.ھن گريٽي لاءِ پنھنجي نراس اکين ۾ ڪيترائي خواب ٽاڪيا ھئا.جڏھن گريگر Bug جھڙي مصيبت ۾ تبديل ٿي ويو ته ھن محض ان خوف کان پاڻ کي ڪمري ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته مٿان اھو سندس رستي ۾ اچي وڃي ۽ ھن جيڪي پنھنجي ڪٽنب جي خوشحالي لاءِ ابھم خواب سجايا ھئا سي وکري نه وڃن .پر بدقسمتي سان ھن جي خاندان ئي ھن جو خاتمو ڪري ڇڏيو.اصل ۾ ڏٺو وڃي ته ھي ناوليٽ industrial Revolution جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڀيانڪ صورتحال تي آرٽسٽڪ نوعيت جي تنقيد جو جاندار مثال آھي.جڏھن فرانز ڪافڪا کان اھو پڇيو ويو ھو ته ڪنھن ڪتاب جي قدر و قيمت جو اندازو ڪئين لڳائي سگھجي ٿو ان سوال جي جواب ۾ ڪافڪا چيو ھو ته : A book must be the axe for the frozen sea within us ۽ سچ پچ ته ھي به ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جيڪو انسان ۾ ڄمي ويل خوشين جي سمنڊ کي ڳولي لھي ٿو .

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *