تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

فرانز ڪافڪا ۽ سندس ميٽامارفسز…امداد سولنگي

فرانز ڪافڪا جي بين القوامي ادب ۾ ايتري ڌاڪ آھي جو سندس اسلوب کي دنيا Kafkan World جي نالي سان سڃاڻي ٿي.20 صدي جو ادب ڪافڪا جي ذڪر کانسواءِ مڪمل خالي آھي ھن جا مک موضوع Alienation Guilt & Absurdities Existential Anxiety آھن..The Castle The Trial ۽ The Metamorphsis ھن جي بھترين ڪتابن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. ھن مختصر Write up ۾ مان سندس اھم ترين ناوليٽ The Metamorphsis تي لکڻ چاھيان ٿو. جرمن ٻولي ڳالھائيندڙ فرانز ڪافڪا پنھنجي جڳ مشھور ناوليٽ Metamorphisis ۾ مک ڪردار گريگر سامسا کي ھڪ جيت / Bug ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. ھتي اھو سوال اڀري ٿو ته ڪافڪا آخرڪار پنھنجي ڪردار جي لاء انھيء Bug کي چو چونڊيو ؟ جواب آھي ته ان جي چونڊ انڪري ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته مک ڪردار جي زندگيء Bug وانگر پئي گذري.گريگر سامسا اڪيلائپ/lonliness ۽ کوکلائپ/ emptiness جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو ھو.وڌيڪ اھو به ته ڪافڪا ھي ناوليٽ يورپ ۾ industrial Revolution جي برپا ٿيڻ کان ستت پوء لکيو ھو .تنھنڪري ان صنعتي انقلاب مزدور طبقي جو ساھ مٺ ۾ ڪري ڏيو ھو انڪري انھن حالتن پڻ ھن ناول جي سرجڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو .اھو ئي سبب ھو جو ڪافڪا جي ھن ناول تي ڪنھن مغربي critic ڳالھائيندي ھئين چيو ھو:
There is connetion between the bug_form of Samsa and transformation workers into machines.
گريگر سامسا به trvelling salesman ھو جيڪو پنھنجي سموري رقم پنھنجي خاندان جي بنيادي ضرورتن تي خرچ ڪندو ھو .گريگر سامسا پنھنجي مسرت کي قربان ڪندي پرھ ڦٽيء جو اٿندو ھو ۽ سڄو ڏينھن ان ڪم ۾ گذاري ڇڏيندو ھو. ھن جي نوڪري جي متعلق گريگر سامسا جو ھڪ جملو سموري ناوليٽ ۾ پڙاڏو ٿي گونجندو ٿو رھي
What a grueling job i have picked.
ھن کي ان ڳالھه جو وڏو ارمان ھو ته جا زندگي ھن گذاري پئي ان ۾ ھن کي پنھنجي خوشيء جي لاء ھڪ لمحو به ميسر نه ھو. انڪري ھن پنھنجي اندر ۾ پلجندڙ دکدائڪ ڪيفيت کي Bug جي شڪل ۾ تبديل ٿيندي پئي ڏٺو. جنھن ۾ تمام وڏو ڪروڌ موجود ھو ۽ ان ڪروڌ وري ڪنھن انقلاب لاء پئي نھاريو.ناوليٽ جي plot مطابق گريگر وڏو دلجوئي رکندڙ ماڻھو ھو.ھن پنھنجي ڪٽنب جي خوشين تي ڪوبه compromise نٿي ڪرڻ چاھيو. گريگر سامسا کي پنھنجي ڀيڻ گريٽي لاء تمام گھڻي محبت ھئي.ھن گريٽي لاء پنھنجي نراس اکين ۾ ڪيترائي خواب ٽاڪيا ھئا.جڏھن گريگر Bug جھڙي مصيبت ۾ تبديل ٿي ويو ته ھن محض ان خوف کان پاڻ کي ڪمري ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته مٿان اھو سندس رستي ۾ اچي وڃي ۽ ھن جيڪي پنھنجي ڪٽنب جي خوشحالي لاء ابھم خواب سجايا ھئا سي وکري نه وڃن .پر بدقسمتي سان ھن جي خاندان ئي ھن جو خاتمو ڪري ڇڏيو.اصل ۾ ڏٺو وڃي ته ھي ناوليٽ industrial Revolution جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڀيانڪ صورتحال تي آرٽسٽڪ نوعيت جي تنقيد جو جاندار مثال آھي.جڏھن فرانز ڪافڪا کان اھو پڇيو ويو ھو ته ڪنھن ڪتاب جي قدر و قيمت جو اندازو ڪئين لڳائي سگھجي ٿو ان سوال جي جواب ۾ ڪافڪا چيو ھو ته :
A book must be the axe for the frozen sea within us.
۽ سچ پچ ته ھي به ھڪ اھڙو ڪتاب آھي ڄيڪو انسان ۾ ڄمي ويل خوشين جي سمنڊ کي ڳولي لھي ٿو .

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *