تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

فرانز ڪافڪا جي محبوبه ملينا جيسنسڪا قيدي نمبر 4714 … امداد سولنگي

ملينا کي بين القوامي ادب ۾ چڱي موچاري سڃاڻپ مليل آھي ۽ سندس جنم ڀومي پراگ/آسٽريا ھنگري کي ھاڻ جديد دنيا چيڪ رپبلڪ/Czech Republic جي حوالي ۾ سڃاڻي ٿي.ملينا ھڪ برجستي صحافڻ،سٺي ليکڪه،ادرات ڪندڙ ۽ ترجمي نگاري جي فن سان واڳيل ھئي.سندس جنم جي متعلق تاريخ جا ميرانجھڙا عڪس ڏسن ٿا ته 10آگسٽ 1896 ڌاري جڏھن سورج آخري ٽٻي ڏئي گم ٿيڻ وارو ھو ته پراگ جي ھڪڙي گھر ۾ ڪنھن تازي ڄاول ٻار جي روئڻ جي آواز گھر کي خوشي ۾ ويڙھي ڇڏيو.اھا ملينا ئي ھئي جنھن جي روئڻ جي آواز ٻڌايو ته ھو ھن دنيا ۾ اچي چڪي ھئي ۽ پوءِ اتان ھن جي زندگي جي سفر جو آغاز ٿيو. ملينا جو پيءُ جان/Jan پراگ جي چارلس يونيورسٽي ۾ ڏندن جي وڍٽڪ / Dental Surgery جو پروفيسر ھو.ملينا جي خانداني پسمنظر جي حوالي سان ھڪ وکريل تاريخي واقعو پڻ موجود آھي.چون ٿا ته ملينا جي خاندان جو دراصل تعلق پراگ جي ھڪ معزز ھستي جان جيسينس/Jan Jesinus سان ھو جيڪو پراگ جي چارلس يونيورسٽي ۾ ميڊسن جو پھريون پروفيسر ھو ۽ جنھن کي بعد ۾ 27 بوھيمن مشنريز / Bohemian Lumanries سان گڏائي اولڊ ٽائون اسڪوائر پراگ ۾ 21 جون 1621 ڌاري صرف انڪري قتل ڪيو ويو ھو جو انھن ھيبسبرگس جي بادشاھه فرڊيننڊ 11 جي اقتدار کي للڪاريو ھو.پر انھي قصي جي حقيقت/ Valdity شڪ ھيٺ آيل آھي.ملينا جي جيجل امڙ ھيجزلاروا/HejzLarova سندس 16 ورھين جي ڄمار ۾ ئي ھن دنيا کان موڪلائي وڃي ابدي آرام ۾ سمھي پئي.جنھن جي ڪمھلي وڇوڙي جو ڏک ملينا جي مٿان ڪنھن وڄ جيان ڪري پيو.
ملينا ابتدائي تعليم آسٽرو -ھنگرين ايمپائر / Austro-Hugtian بادشاھي ھيٺ قائم اڪيڊمڪ جمنيزيم / Academic Gymnasium ۾ پرائي.جتان graduation ڪرڻ بعد ھن پاڻ کي پراگ ڪنزرويٽري ۾ ميڊيسن جي فيڪلٽي ۾ enrolled ڪرايو پر جئين ئي ٻه سيمسٽر گذريا ته ھن اھا تعليم ترڪ ڪري ڇڏي.1918 ڌاري ملينا ھڪ يھودي دانشور ۽ نقاد ارنيسٽ پولاڪ سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.چون ٿا ته ملينا جون ارنيسٽ سان ابتدائي ملاقاتون پراگ جي ادبي سرڪلز ۾ ٿيون ۽ اھي ملاقاتون شادي ۾ تبديل ٿي ويون پر ھو ان مان مطمئن نه ھئي.ڇاڪاڻ ته سندن خيالن ۾ تمام وڏو تفاوت ھو. شادي ڪرڻ کان ستت پوءِ ملينا ارنيسٽ سان گڏ ويانا ھلي آئي.ملينا جي ارنيسٽ سان شادي وارو ٻنڌڻ سندس پيءُ کي نه آئڙيو ۽ جنھن ڪري ھنن جي وچم ھڪ وڏو خليج قائم ٿي ويو. ارنيسٽ جي پگھار ڪا خاص نه ھئي.انڪري اقتصادي معاملن کي منھن ڏيڻ لاءِ ملينا جيڪا اڳم ئي ترجمي نگاري جي فن ۾ دلچسپي رکندڙ ھئي تنھن ان فن کي profession طور اختيار ڪري ورتو.ملينا پنھنجي ترجمي جي ڪم ۾ جنبي وئي.1919 ڌاري ھن جي ھٿ ھڪ ڪھاڻي لڳي جنھن جو عنوان ھو The Stoker. ملينا کي ڪھاڻي جي ٿيم ۽ لکڻي جي انداز ڇرڪائي وڌو.ھن ور ور ڪري ٿي ليکڪ جو نالو اچاريو فرانز ڪافڪا فرانز ڪافڪا…..! نيٺ مجبور ٿي ھن ڪافڪا جو پتو ھٿ ڪري کيس ھڪ مختصر خط پوسٽ ڪيو .جيڪو ملينا جو باظابطا طور تي ڪافڪا سان پھرين نوعيت جو رابطو ھو.ملينا خط ۾ ڪھاڻي کي نه رڳو ساراھيو پر ڪافڪا کي خط ۾ منٿ ڪئي ته ھو ھن کي اجازت ڏئي ته سندس ڪھاڻي جو جرمن ٻولي مان چيڪ ٻولي ۾ ترجمو ڪري.ان خط جي نتيجي ۾ ملينا ۽ ڪافڪا جي وچم ھڪ گھري تعلق جي شروعات ٿي وئي.ڪافڪا ۽ ملينا جي ويانا ۾ ملاقات ٿي جتي ھنن چار ڏينھن گذاريو.پر ڪافڪا کي اھو تعلق ختم ڪرڻو پيو ڇاڪاڻ ته ڪافڪا ملينا جي مڙس ھوندي اھو تعلق نٿي ھلائڻ چاھيو ۽ ملينا وري مڙس جي موجودگي ۾ جاري رکڻ ٿي چاھيو ٻنھي پاسي پنھنجون پنھنجون مجبوريون ھيون .آخر ڪا سندن خطن واري رابطي جي 1920 ۾ المياتي پڄاڻي ٿي وئي.پر وري ٻنھي ڄڻن ھڪ ٻئي سان 1922 ۾ خطن ذريعي رابطو شروع ڪيو.ھي سلسلو 1923 تائين جاري رھيو.ڪافڪا پنھنجي زندگي جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ پنھنجون ڊائريون به ملينا جي سپرد ڪري ڇڏيون.شايد ڪافڪا پنھنجي سموري گذرايل زندگي جي پوتاميل جو راز ملينا کي ڏئي ھن کي اھو ٻڌائڻ ٿي گھريو ته ملينا تون ئي اھو ماڻھو آھين جنھن کي مان پنھنجي زندگي جي پوتاميل کان واقف ڪري ٿو سگھان. ملينا جيڪا ڪافڪا جي ڪھاڻي The stoker جرمني مان چيڪ ۾ ترجمو ڪئي ھئي. سا رڳو جرمني مان چيڪ ۾ نه ھئي پر تاريخ ۾ اھا پھرين ڪافڪا جي ڪا لکڻي ھئي جنھن کي ترجمو نصيب ٿيو.جنھن جو مطلب اھو ٿيو ته ملينا تمام پھريون ماڻھو ھئي جنھن ھر بني بشر کان اڳم جڏھن ڪنھن کي به ڪافڪا جي حيثيت جي ڄاڻ نه ھئي تڏھن به ملينا ھن کي اھا حيثيت ڏني ۽ ھن جي اھميت جو راز دنيا تي آشڪار ڪيو.
ويانا ۾ سڪونت دوران ملينا خوب لکيو ترجما ڪيا ۽ عورتن جي مسئلن کي اجاڳر ڪيو. 1925 ۾ ملينا پنھنجي مڙس ارنيسٽ کان طلاق وٺي واپس پراگ موٽي آئي.جتي ھن ھڪ آرڪيٽيڪٽ سان وري شادي ڪئي.جتي ھن پنھنجي لکڻ پڙھڻ وارو ڪم جاري رکيو. 1930 ۾ ملينا ڪميونزم جي آيل اڀار کان سخت متاثر ٿي پر وري 1936 ۾ ھن ڪميونزم جي خيالن کان نابري واري ڇڏي.ڇو ته اسٽانزم ھن کي ڪميونزم جي ideology کان باغي ڪري ڇڏيو. 1934 ۾ وري ھن ٻئي مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي .1938 کان وٺي 1939 تائين ھن ھڪ ميگزين The Czech magzine for politics & Culture ايڊٽ ڪيو.ھن نازي پارٽي جي اڀار تي به زوردار نموني سان لکيو.جڏھن جرمني جي فوج چيڪوسلواڪيه تي قبضو ڪيو تڏھن ملينا ھڪ اUnder ground resistent gruop ۾ شموليت ڪئي ۽ڪيترن يھودين ۽ سياسي قيدين کي فرار ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.پر ملينا پاڻ اتان نه ڀڳي.جنھن ڪري ھن کي گسٽاپو/Gestapo گرفتار ڪري ورتو.ملينا کي پھرين پراگ ۾ قيد ۾ رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ وري ھن کي ڊريسڊن ۾ واڙيو ويو.1940 ۾ ھن کي خطرناڪ ڏوھاري قرار ڏيندي جرمني جي ھڪ مشڪل ترين Concentrate Camp ۾ واڙيو ويو.ڪنسنٽريٽ ڪيمپ ۾ ھن تي حسب روايت قيدي وارو نمبر ھنيو ويو. سندس نمبر ھو 4714.پر ھن جو nick name وري 4711 مشھور ٿيو.جيڪو ھن کي سندس قيدي ساٿين ڏنو ۽ سندس اھو نمبر قيدين کي ايترو ياد ٿي ويو جو ملينا جو نالو ئي وسري وين.17 مئي 1944 جي پرھه ڦٽي ويل جرمني جي شھر روينسبرڪ جي concatenate camp ۾ روڄ راڙو شروع ٿي ويو قيدي ھڪ ٻيئي ڏانھن ڏسي روئڻ لڳا ڪيئمپ جي آڳر تي اڇي ڪفن ۾ ويڙھيل ڪو لاش رکيل ھو ڪفن جا مٿان قيدي جو نمبر ھو: Prisoner no 4714 ۽سمورن قيدين ملينيا جيسنسڪا جو لاش سڃاڻي ھڪ قطار ۾ بيھي ڪنڌ جھڪائي ڇڏيا ائين ٿي لڳو ڄڻ اھي سڀ ملينا کي سندس آخري سفر تي اسھڻ کان اڳ الوداع چوڻ آيا ھجن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *