تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

فاضل راهو غريب هارين جي دلين جو راڻو …علي احمد جوکيو

فاضل راهو جو جنم 1933ع ۾ گولاڙچي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ راهوڪي ۾ احمد راهو جي گھر ۾ ٿيو، هي اهو زمانو هو، جڏهن گولاڙچي جو وسيع ميداني علائقو غير آباد هو. وسيلن جي اڻهوند هئي، ماڻهن وٽ زندگي گذارڻ لاءِ ڪي به سهولتون نه هيون. پاڻي نه هو، اسڪول نه هئا، اسپتالون نه هيون، نه وري روزگار جا ڪي وسيلا. ماڻهو مالوند هئا. انهن جو گذر سفر کير ۽ مکڻ تي هو ۽ غربت انتها تي پهتل هئي.
فاضل جو ننڍپڻ اهڙين حالتن ۾ گذريو، صرف پرائمري تعليم حاصل ڪري سگھيو، جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو ته هن ڏٺو ماڻهو ته انتهائي غريب آهن ۽ انهن کي غربت جو ڪو احساس به ڪونهي. جھالت ۽ محرومي کي انهن مقدر بڻائي ڇڏيو آهي. هن ان کي صورتحال کي بدلائڻ جو پڪو پهه ڪندي سياست جي شروعات يوسي جي ميمبرشپ کان ڪئي. 1960ع ۾ يوسي ترائي جو ميمبر ٿيو. 1965ع ۾ يوسي ترائي جو چيئرمين ٿيو. سياست جي هن ننڍڙي ڏاڪي تي پير رکڻ کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته هتي حڪم ته صرف طاقتور ماڻهن جو هلي ٿو، جيڪي جاگيرن جا ڌڻي آهن.
فاضل اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هي ماڻهو پاڻ زمينن جا مالڪ نه ٿيندا تيستائين هي هاري ۽ غلام رهندا. ان ڏينهن کان فاضل هاري جو طرفدار ٿي بيٺو ۽ وڏيرن لاءِ اڻ وڻندڙ شخصيت ٿي ويو. انهي وقت ڪوٽڙي بيراج جي ڪمانڊ جون زمينون عام نيلام ذريعي ڀڳڙن مٺ تي زميندارن، ڪامورن ۽ ڌارين ماڻهن ۾ ورهايون پئي ويون. فاضل انهي بندر بانٽ خلاف خلاف اٿي کڙو ٿيو، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ 8 لک ايڪڙ زمين جي عام نيلام خلاف ماڻهن کي متحد ڪيو، هن عوام کي ٻڌايو ته هن زمين جا توهان وارث آهيو، اٿو زمين جي مالڪي ڪريو.
ايئن هڪ عوام هلچل شروع ٿي وئي، جيل ڀريو تحريڪ ٽنڊي محمد خان کان شروع ٿي ۽ ان کان پوءِ حيدرآباد کي تحريڪ جو مرڪز بڻايو ويو. شروع ۾ هارين گرفتاريون ڏنيون، فاضل راهو کي به گرفتار ڪيو ويو. ان کانپوءِ شاگرد، وڪيل، شاعر، اديب ۽ ٻيا پڙهيل لکيل ماڻهو به تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا. “نيلام بند ڪريو تحريڪ” سڄي سنڌ جو آواز بڻجي وئي. فاضل جي چوڻ تي ٻهراڙي جون عورتون، آمي گهلا ۽ ڦاپي گهلا به بک هڙتال تي ويٺيون ۽ گرفتار ٿي جيل پهتيون. هي پهريون ڀيرو هو ته سنڌ جون عورتون ڪنهن سياسي جدوجهد ۾ جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿيون. نيٺ ان وقت جي مارشلا حڪومت کي عام نيلام ختم ڪري، هر هڪ هاري کي 16 ايڪڙ زمين ڏيڻ جو اعلان ڪرڻو پيو.
ان کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به سياسي تحريڪون هليون. جن ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپايو تحريڪ ، ظلم بند ڪريو تحريڪ ، گولاڙچي کي تعلقو ۽ بدين کي ضلعو ڪريو تحريڪ، صحافت جي آزادي جي تحريڪ ۽ ايم آر ڊي، انهن سڀني ۾ فاضل جو ڪردار اڳواڻي وارو رهيو. فاضل جي سياسي زندگي جو وڏو حصو هو جيلن ۾ رهيو، ملڪ جا جيڪي به وڏا جيل آهن فاضل انهن سڀني ۾ قيد رهيو.
فاضل راهو جي سياست جو محور هاري ۽ مسڪين پورهيت رهيا. هن ڪوشش ڪري زمينون شيڊيول ۾ آڻائي هر تعلقي ۾ زمين ورهائڻ لاءِ ڪچهري مقرر ڪرائي پاڻ اتي وڃي روينيو آفيسر (آر او) سان گڏ ويهي مقامي حقدار ماڻهن کي زمينون کڻائي ڏيندو هو ۽ انهن کي آفر ليٽر وٺي ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ماڻهن جو زمين جي کڻت جي باري ۾ پاڻ ۾ تڪرار هوندو هو ته نبيرا به ڪندو هو. جڏهن به جيل کان ٻاهر هوندو هو ته هارين جي زمينن جي تڪرارن جي نبيري لاءِ شهباز بلڊنگ ۾ هفتي اندر هڪ ڏينهن هن جو مقرر هوندو هو. اهو سلسلو سندس زندگي جي آخري گھڙين تائين هلندو رهيو.
ان وقت جي روينيو آفيسر شهواڻي جيڪو فاضل جو ذاتي دوست هو، ان کيس چيو ته هن دو آبي جي علائقي ۾ 100 کان 200 ايڪڙ زمين پنهنجي نالي کڻي ڇڏ. هي زمين سڀاڻي شهر جو حصو ٿيندي ته اربين رپين جي پراپرٽي ٿي ويندي. ان تي فاضل چيو ته ان زمين تي جيڪي به ماڻهو ويٺا آهن پهرين حق انهن جو آهي، اهي سڀ منهنجا پنهنجا آهن. مون کي انهي زمين جي هڪ انچ ۾ به لالچ ڪونهي.
ڪراچي جي پاسي ۾ گھاري کان وٺي گلشن حديد تائين جا رهواسي ڳالهه ڪن ٿا ته جڏهن ضياءُ الحق جي مارشلا دوران هن علائقي ۾ ڌارين کي پولٽري فارم، ڊيري فارم ۽ ڪارخانن لاءِ زمينون الاٽ ڪيون پئي ويون، ته اسان فاضل راهو کي دانهن ڏني ۽ هن آفيسرن سان ڳالهائي اهي زمينون شيڊيول ۾ آڻائي اتي جي حقدار ويٺل ماڻهن کي ڏياريون.
ڳوٺ لائق ڏنو ڪيسراڻي جي چڱي مڙس پير بخش ڪيسراڻي هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته هڪڙي ڪچهري ۾ جڏهن سڀني ماڻهن کي زمين ملي چڪي ته فاضل پڇيو ته ڪوبه ماڻهو رهيو ته ناهي، ته رزاق ڪيسراڻي سندس هنج تي ويٺل ننڍڙي پٽ غلام نبي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سائين هي رهجي ويو آهي. فاضل ان ننڍڙي کي پاڻ هنج تي کڻي روينيو آفيسر کي چيو ته سائين هن کي ٻني ڏيو. روينيو آفيسر چيو ته سائين هي ته بلڪل ننڍڙو ٻار آهي، ته فاضل ٻار کي پنهنجي ڪلهي تي ويهاري چيو ته سائين هي ته مون کان به وڏو آهي. ٻني ڏيو هي حقدار آهي. ان کانپوءِ آفيسر ٻار کي به 16 ايڪڙ ٻني ڏئي ڇڏي.
17 جنوري 1987 دوران جڏهن فاضل راهو کي ڪرائي جي قاتل هٿان گولاڙچي ۾ شهيد ڪرايو ويو. ان وقت علي انور ميڻون جيڪو فاضل جو دوست هو بدين ۾ زرعي ترقياتي بينڪ جو ريجنل مئنيجر هو. علي انور ميڻون چيو فاضل جي شهادت کانپوءِ وارن ڏينهن ۾ مون وٽ آفيس ۾ جيڪو ماڻهو ايندو هو، ان کان آئون پڇندو هئس ته فاضل راهو جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي ته سڀئي ماڻهو چوندا هئا، فاضل راهو سٺو ماڻهو، دلير، ڏاهو ۽ همت وارو ماڻهو هو. ڪنهن به فاضل جي گلا نه ڪئي. هڪ ڏينهن جماعت اسلامي سنڌ جو امير سائين علي مير شاهه، جيڪو گولاڙچي جو وڏو زميندار به آهي. اهو مون وٽ آيو، هو فاضل جو نظرياتي مخالف هو، هن خلاف اليڪشنون به وڙهيون. مون پڇيو ته سائين فاضل راهو جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ سائين علي مير شاهه ڪافي دير خاموشي سان سوچيندي جواب ڏنو ميڻا صاحب هڪڙي پاسي سڄي دنيا جي ملڪيت رکجي، ٻئي پاسي فاضل جا اصول رکجن، فاضل ملڪيت ڇڏي ڏيندو پنهنجا اصول ڪونه ڇڏيندو. اهو جواب ٻُڌي آئون حيران ٿي ويس ته هي ماڻهو ڇا هو. فاضل جي اها ئي سچائي ۽ ايمانداري هئي جنهن جي ڪري فاضل راهو مسڪين هارين جي دلين جو راڻو بڻجي ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *