تازا ترين
  • *گهارو: پ پ ايم پي اي سردارخان چانڊيو جي گھر تي پوليس چڙهائي خلاف سچوا ۽ چانڊيا برادري جو مظاهرو *چانڊيا برداري پنھنجي سردار سان گڏ آھي اھڙو عمل ڪڏھن به برداشت نه ڪيو ويندو: احتجاج ڪندڙ*
  • *نصيرآباد ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف ڌرڻو *پ پ ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي ارٿر پل تي ڌرڻو ھنيو، پوليس خلاف نعريبازي *پوليس چانڊيا ڀائرن جي گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري سندن ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي: مظاهرين*
  • *پيرونمل ۽ ڀرپاسي ۾ چڪي مالڪن اٽي جا من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا، پورهيت طبقو سخت پريشان *چڪي مالڪن سنڌ حڪومت پاران اٽي جو 41 روپيا 83 پئسا اگهه وارو حڪم به هوا ۾ اڏائي ڇڏيو *اٽو مهانگي اگهه تي ملڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏيئي رهيا آهيون: شهري*
  • *وڳڻ ۾ سردار چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاجي مظاهرو *پوليس جي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين *
  • *قاضي احمد ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *سياسي سماجي مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو *فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ڪري سموري دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي: مظاهرين*
  • *سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي *سکر: عدالت ۾ سرڪاري گواهه سب انسپيڪٽر غلام حيدر بروهي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو *سکر: عدالت گواهه جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *سکر: ٻڌڻي دوران مولانا عطا محمود سومرو، طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس ۽ ٻيا پيش ٿيا*
  • *شيخ ڀرڪيو ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، فرانس خلاف نعريبازي *فرانس ۾ توهين آميز خاڪا شايع ٿيڻ سبب مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي: مظاهرين*
  • *شهدادڪوٽ ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي پاران اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ڪرڻ خلاف ڌرڻو *شهرين پاران ڪوٽو موٽو چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ، انتظاميه خلاف نعريبازي *دڪاندار اٽو 70 کان 80 روپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي: مظاهرين*
  • *قمبر ۾ سچوا پاران سردار خان چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائين خلاف احتجاج *سردار خان چانڊيو ۽ برھان چانڊيو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي سندن ساک کي نقصان پهايو ويو آهي: اڳواڻ*
  • *اسلام ڪوٽ ۾ پورهيتن پاران ٿرڪول ڪمپنين جي مبينازيادتين خلاف ڌرڻو *سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به به ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويا، ڇتي نعريبازي*
  • *دادو مان ناري پراسرار نموني گم، وارث سخت پريشاني جو شڪار *دادو: عزيز آباد ڪالوني واسڻ14 ورهين جي حليمان ڌيءَ الهرکيو لاشاري پراسرار نموني گم ٿي وئي*
  • *خانپور مهر ويجهو پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *ڳوٺ حمل مهر واسي جان محمد پٽ سڄڻ مهر کي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *لاهور: راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي *اياز صادق جي تقرير دوران ڇا اسپيڪر ستل هو؟:راڻا ثناءُ الله *اسپيڪر اياز صادق جا لفظ ڪارروائي مان حذف ڇو نه ڪيا:راڻا ثناءُ الله*
  • *ميهڙ: ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ مينهن ڪاهڻ تان جهيڙو، عورت سميت4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي واحد بخش زرداري، محمد صالح تيوڻو، مسمات شمل خاتون تيوڻو ۽ اصغر مهيسر اسپتال منتقل *زخمين کي ميهڙ اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو*
  • *وارهه ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف شٽربند هڙتال *وارهه: پ پ جي سڏ تي ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا، دڪانن جا شٽر نه کُليا*

غير محفوظ عورت ۽ اَسان جو سماج … صدام ساگر

بيشڪ وقت سان گڏ رويا، سوچون، رهڻ سهڻ ۽ حالتون بدلبيون آهن، جيڪو هڪ قدرتي رجحان آهي. بُلڪل ايئن ئي سماجي جانور (انسان) پُڻ ارتقائي مرحلا طئي ڪري گهڻو ڪجهه پنهنجو پاڻ کي بدلايو آهي. سائنس ترقي ڪئي، علم جا نوان در به کُليا، رهڻ سهڻ به بدليو، پر جيڪڏهن بدليو ڪجهه ناهي ته اُها صرف اسان جي هڪ ننڍڙي ۽ محدود سوچ ناهي بدلي، جنهن ڪري اڄ جي عورت غير محفوظ آهي. عورت جيڪا فطرت جي حسين ۽ نفيس تخليق آهي، اُها اڄ به عتاب جو شڪار آهي. عورت جي وجود بغير ته نه صرف عشق ۽ محبت جي زمين بنجر هجي ها، پر تصورِ ڪائنات ممڪن ئي نه هجي ها! شايد اقبال ان لاءِ ئي چيو هو:
وجود زن سي هي تصوير ڪائنات مين رنگ،
اس ڪي ساز سي هي زندگي ڪا سوز درون!
۽ مُنير نيازي چواڻي:
شهر ڪا تبديل هونا، شاد رهنا اور اداس،
رونقين جتني يهان هي عورتون ڪي دم سي هين!
تمام سچاين ۽ حقيقتن جي باوجود عورت مَرداڻي ۽ پدرشاهي سماج ۾اڪيلي آهي. سندس سوچ تي پهرا ۽ جذبن جو قتل عام روز جو معمول بڻجي چُڪو آهي. اوئلي دور کان وٺي اڄ جي قومن جي عروج تائين جيڪڏهن ڪو مخلوقِ زمين هر حوالي سان ظلم ۽ اذيت جو شڪار آهي ته اُها صرف عورت آهي جيڪا پنهنجي تمام خدمتن عيوض صرف عزت گُهري ٿي تڏهن به اُها بدڪردار ڪوٺجي ٿي، پوءِ يا ته ان حصي ۾طلاق اچي ٿي يا بدنامي! ڏٺو وڃي ته عورت سماج جي تبديلي جو اهم ستون آهي. دنيا جي عوامي بغاوتن ۾به عورتن جو ڪردار نمايان رهيو آهي، اڄ به عورت مختلف مورچن تي جدوجهد ڪري رهي آهي، تنهن باوجود به جديد استحصالي ۽ جبري هٿڪنڊن جو شڪار آهي. تاريخ اندر اُن جو وجود ته آهي پر ان وجود کي جنسي متڀيد مِٽائي ڇڏيو آهي، هتي رڳو اُن کي جنسي تڪسين جو سامان ۽ ٻار پيدا ڪرڻ واري مشين طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، حالانڪه احساس ۽ انسانيت کان عاري سماج کي عورت جي جذبن ۽ احساسن جي ڀلا ڪهڙي خبر؟ ان لاءِ جو ساحر لڌيانوي سچ چيو آهي:
لوگ عورت ڪو فقط جسم سمجهه ليتي هين،
روح بهي هوتي هي اُس مين يي ڪهان سوچتي هين!
چوڻ لاءِ ته اسان جو دعوائون اشرف المخلوقات هئڻ جون آهن پر اسان جي درندگيءَ جانورن کان به بدترين آهي. مرداڻي سماج ۾اڄ به زبان ڪپيل مخلوق “عورت” غلامي ۾جڪڙيل آهي، جنهن کي ڪو حق ناهي ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان ڪو فيصلو ڪري. عورت ڪڏهن ماني دير سان پچائڻ تان مڙس هٿان تشدد جو نشانو بڻجي ٿي، ڪڏهن ڌيءَ کي جنم ڏيڻ تان، ڪڏهن غيرت جي نالي تي ته ڪڏهن ڪارو ڪري ماريو ٿو وڃي. مطلب ته مرد جنهن مهل چاهي عورت کي قتل ڪري ويهي رهي، جنهن جي نه ڪڏهن دانهن، نه فرياد ٿيندو! اهڙو معاشرو جتي هر آئي ڏينهن جرڳا ملي ڪري ٻارڙين تي ظلم ۽ زيادتي جي ڇوٽ ڏين، انتقام ۾عورت تي جنسي تشدد ڪيو وڃي، عزت ۽ غيرت جي نالي تي عورت کي سنگسار ڪيو وڃي، اهڙي معاشري ۾عورت جيڪڏهن پنهنجي آزاديءَ ۽ حقن جي ڳالهه ڪري ٿي ته ان جو ردعمل اهڙو ئي ايندو جيڪو عورت مارچ کانپوءِ آيو هو، پدرشاهي نظام ۾اِهو ته طئي ئي ٿيل آهي ته گهر جي چارديواري رڳو عورت لاءِ آهي، ٻاهر جي دنيا صرف مرد سان سلهاڙيل آهي، هِن ڳالهه جو تعين ڪرڻ مرداڻي معاشري ۾ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي ڪا.
هونئن ته پوري دنيا ۾عورت سان ظلم ٿيندو رهي ٿو، پر سنڌ ۾اِها روش ثواب کٽڻ برابر سمجهي وڃي ٿي. عورتن کي قتل جا ڪيئي واقعا ٿيا ۽ ٿين پيا، ڪيترن کي مثال جي طور تي پيش ڪجي؟ عورت جو سماجي ۽ معاشي تحفظ صرف معاشرتي مسئلو ناهي، پر اهو رياستي دائري ڪار ۾اچي ٿو، اسان وٽ ان حوالي سان رياست جو ڪردار مشڪوڪ ۽ ماٽيلي ماءُ وارو آهي. ٻيو ته هيڏن سارن واقعن باوجود ان کي روڪڻ لاءِ ڪا تحريڪ نظر نه ٿي اچي، رياست جو ڪردار ته پنهنجي جاءِ تي پر رجعتي سياستدان به خاموش طريقي سان جاهلاڻه روين جي اڻسڌي ريت حمايت ڪندا نظر اچن ٿا، جنهن سان هن طرح جي مڪروهه جرم ڪرڻ وارن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، ڄڻ مرداڻه تعصب و تسلط تي ٻڌل سوچ ۽ رويا موجوده سماج جي سماجي ۽ ثقافتي رجحانن جو حصو بڻجي چُڪا آهن، اهڙي بيهوده سماج لاءِ آسي زميني جون هي سٽون ئي ڪافي آهن.
“ڀري هن سماج کي ڀونڊو ڏئي، دل چئي ٿي آسي ڪجي خودڪشي”.
هڪ پاسي ته اسان سماجي بيهڪ جي لحاظ کان پٺتي پيل سماج آهيون، مٿان وري مذهبي طور عورت مٿان انيڪ پابنديون آهن، سو عورت جڏهن “طلاق مليل آ پوءِ به خوش آهيون”، “منهنجو جسم، مُنهنجي مرضيءَ”۽ “اچ ته ٻوڙ ماني گڏجي ٺاهيون”، جهڙا پلي ڪارڊ هٿن ۾کڻي روڊن تي نڪري ٿي ته يقينن مردن جا آنڊا وٽجندا ۽ ايئن ٿيو به. وقت ته گهڻو اڳ بدلجي چڪو آهي ۽ بدلجي به پيو، جيڪي عورتون منظر عام تي اچي بهادري ۽ همٿ جو مظاهرو ڪن پيون، پنهنجي حقن ۽ آزاديءَ جي لاءِ آواز اُٿارين پيون، انهن کي تنگ نظر معاشري جو حصو هئڻ ناتي هر قسم جي منفي ڳالهين ۽ طعنن لاءِ ذهني طور تيار رهڻ گهرجي، ڇو ته معاشري جي مجموعي سوچ بدلائڻ آسان ناهي، پر اهو وقت به پري ناهي جنهن ڏينهن عورت سامراج کي لوڏيندي، نئون نظام ٺاهيندي ۽ پاڻ کي مرد پاران ٺاهيل هٿرادو خولي مان آزاد ڪرائيندي.
ڌوڏ هن سماج کي،
لوڏ سامراج کي، ٺاهه سو نئون نظام،
جو چڱو چئي عوام،
هي نظام آ خراب، انقلاب انقلاب. (اياز)

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *