تازا ترين
  • *اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، اسان جمهوريت کي به بحال ڪنداسين: آصف زرداري *اسان ڪوشش ڪئي ته جمهوريت بچي، پر اسان کي نٿو لڳي ته حڪمرانن جو ارادو جمهوريت بچائڻ آهي: زرداري *توقع آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته فضل الرحمان ملڻ ايندو: زرداري*
  • *هاڻي مامرو رياست اندر رياست مان نڪري رياست مٿان رياست جو ٿي ويو آهي: نواز شريف *ملڪ کي حقيقي جمهوري رياست بڻائڻو آهي، رسمي ۽ روايتي طريقن کان هٽي فيصلا ڪيا وڃن: نواز شريف *
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*

غلام عورت ۽ سندس حيثيت … سنڌيڪار: طفيل مگسي

هڪ انسان جو ٻيئي انسان کي غلام بڻائي رکڻ انساني تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ پراڻي يادگار آھي ۽ ان جي شروعات جي نشاني ان وقت ملي ٿي جڏھن ٻن فردن منجهان هڪ پنهنجو پاڻ کي سگهارو ۽ ٻئي کي هيڻو محسوس ڪرڻ شروع ڪيو.هونئن به دنيا ۾ غلامي جي شروعات ان وقت ٿي جڏھن پهرين پهرين انسان ۾ قباعلي زندگي جي ابتدا ٿي ۽ قبيلي جي سردار جنگ و جدل کانپوءِ فتح ۽ نصرت جو خرچ انساني خدمت کي قرار ڏئي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته تمندن جي ترقي سان گڏوگڏ جنگ به ترقي ڪندي رهي ان ڪري انهي نسبت سان غلامي جو رواج به ڪشادو ٿيندو ويو. شروعات ۾ جنگ جي قيدين کي غلام نه بڻائيندا هئا پر انهن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا، جيتوڻيڪ عورتن کي محفوظ رکيو ويندو هو ۽ کانئن هر قسم جي خدمت ورتي ويندي هئي بعد ۾ اهو رواج ان قدر ڪشادو ٿيو ته امن جي زماني ۾ به ماڻھن کي غلام بڻايو ويو ۽ دنيا جو ڪو اهڙو ملڪ نه هو جتي اها رسم قائم نه هجي جيتوڻيڪ قديم مصرين اهل اشوريا. هندن. چينين. يهودين. يونانين ۽ رومين اهي شيون تمام گهڻيون رواج ڪري ويون پر باقاعدا خريد ۽ فروخت جون بازارون پڻ قائم ڪيون ويون جتي ٻين جنسن جيان انسان جي خريدوفروخت ٿيندي هئي.
جڏھن اسلام جي شروعات ٿي ته خريد ۽ فروخت جي عربن ۾ بازار نهايت عروج تي هئي مطلب ته ٻين قومن جيان عربن ۾ به اها لعنت موجود هئي جنهن کي هوريان هوريان مٽائڻ جي لاءِ ڪي اصول ۽ قانون پيش ڪيا ويا جن تي عمل ڪرڻ سان ان غليظ رواج کي گهٽ ڪرڻ ۽ غلامن جي حالت بهتر بنائڻ ۾ سڌارو ٿيڻ لڳو. جسمي واپار کي گهٽائڻ جي لاءِ اسلام نه صرف انهن ماڻھن کي غلام بنائڻ جي اجازت ڏني.جيڪي جنگ جي قيدي جي حيثيت سان.هٿ آيا ۽ جيڪي نه مسلمان هجن نه ڏَڻ ادا ڪن پر پوءِ به مسلمانن جي فتحن سان گڏوگڏ ان کي ڪشادو ٿيئڻو هو سا ٿي. جيتوڻيڪ ڪن جنگين ۾ ھڪ ھڪ سپاهي کي سئو سئو غلام ۽ ٻانهيون مليون. غلامي گهڻائي جو هڪ سبب هي به هو ته اسلامي دور ۾ “بربر“جي بدلي غلامن ۽ ٻانهين کي پيش ڪندا هئا. مسٽر آر.ايڇ باور رومن امپائر ۾ غلامي جي عنوان سان پنهنجي مقالي ۾ لکيو آھي ته “غلامي هڪ اهڙو لفظ آھي جيڪو ٻڌندي ڪنن کي برو لڳي ٿو. ۽ ان لفظ جي ڪن ۾ پوندي ئي ڳرين زنجيرن جي جهنڪار.ڪوڙن جي سٽ سٽ ۽ مظلوم غلامن جي رڙ ۽ دانهن جو اثر ماتم بڻجي ويندو آھي“ پر اسلام غلامن سان رحمدلي ڪئي ۽ کين گهر جي هڪ فرد جي حيثيت ڏئي ٿو. ان ريت اسلام ۾ ٻانهيون عورتون هونديون هيون جيڪي جنگ ۾ گرفتار ٿينديون هيون جيڪي ڏڻ نه ڀري سگهنديون هيون. اسلام ۾ ٻانهين جي لاءِ انهن جي سماجي حيثيت جي باري ۾ جيڪي قانون ٺاهيا ويا آھن.سي هي آھن.
جيڪي عورتون جنگ ۾ گرفتار ٿين انهن کي وٺندي ئي هر سپاهي ان سان جنسي مت ڀيد نٿو ڪري سگهي پر اسلامي قانون موجب اهڙيون عورتون حڪومت جي حوالي ڪيون وڃن.حڪومت کي اختيار آھي ته چاهي انهن کي آزاد ڪري چاهي ان کان ڏڻ وٺي.چاهي انهن جو متبادل انهن مسلمان قيدين کان وٺي جيڪي دشمن جي هٿ ۾ ھجن.چاهي انهن کي سپاهين ۾ ورهائي ڇڏي.هڪ سپاهي صرف ان عورت سان ئي ميلاپ ڪرڻ جو حق رکي سگهي ٿو جيڪا حڪومت پاران کيس باقاعده ملڪيت ۾ ڏني وئي هجي.
جيڪي عورتون ان ريت ڪنهن جي ملڪيت ۾ ڏنيون وڃن انهن سان به ان وقت تائين ميلاپ نٿو ڪري سگهجي .جيستائين ان کي ماهواري نٿي اچي .ان کان اڳ ميلاپ ڪرڻ ڏوھه آھي. جنگ دوران پڪڙيل عورتن کان اهو شرط ناهي ته اهي اهل ڪتاب ئي هجن.انهن جو مذھب چاهي ڪهڙو به هجي.بهرحال جڏھن اها ورهائي ويندي ته جن جي حصي ۾ ھو ايندي ان سان ميلاپ ڪري سگهي ٿي.
جيڪا عورت جنهن جي حصي ۾ ڏني وئي هجي صرف اهوئي ساڻس ميلاپ ڪري سگهي ٿو.ڪنهن ٻئي کي ان کي هٿ رکڻ جو به حق ناهي. ان عورت کان جيڪو اولاد ٿيندو اها ان جي ملڪيت سمجهي ويندي ۽ ان اولاد جي قانوني حيثيت اهائي آھي جيڪا شريعت ۾ صليبي( سڳي)اولاد جي لاءِ مقرر آھي.اولاد جي مالڪ ٿيڻ کانپوءِ اها وڪرو نٿي ٿي سگهي۽ مالڪ جي مرندي ئي هو پنهنجو پاڻ آزاد ٿي ويندي.
جيڪا عورت ان ريت ڪنهن جي ملڪيت ۾ اچي ان کي جيڪڏھن سندس مالڪ ڪنهن ٻئي شخص جي نڪاح ۾ ڏئي ڇڏي ته پوءِ مالڪ کي ان کان سمورين خدمتن جو حق رهي ٿو پر ميلاپ جو حق باقي رهي ٿو. جنگ دوران ڪنهن قيدي عورت کي ڪنهن شخص جي ملڪيت ۾ ڏئي ڇڏڻ کانپوءِ وري حڪومت ان کي واپس وٺڻ جي مجاز نٿي رکي.بلڪل اهڙي ريت جيئن ڪنهن عورت کي ولي ان جي نڪاح ۾ ڏئي ڇڏڻ کانپوءِ وري واپس وٺڻ جو حقدار نٿو رهي.
ان قسم جي غلام عورتن کي اسلام مڪمل تحفظ ڏنا آھن.غلام عورتن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ خاص حڪم ڏنو ويو آھي ته جيئن انهن جي اخلاق ۽ ڪردار کي بلند ڪجي ۽ معاشري ۾ انهن جو وقار ۽ مرتبو بحال ٿي سگهي.ان سلسلي ۾ رسول الله صلي اممه عليه واله وسلم جي حديث آھي ته.
“ جيڪڏھن ڪو شخض پنهنجي ٻانهي کي تعليم ڏيندو.ان سان گڏ سٺو سلوڪ ڪندو ۽ شادي ڪندو ان جي لاءِ ٻه اجر آھن.هڪ نڪاح تعليم جي لاءِ ۽ ٻيو ان کي آزاد ڪرڻ جو“ ان ريت هڪ غلام عورت (ٻانهي) کي هڪ آزاد عورت جي حيثيت ڏيڻ لاءِ اسلام ڪافي هدايتون ڏنيون آھن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *