تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

غزل … ناچيز سھيل ڪنڀار

تون ئي ٿورو سوچ منھنجي باري ۾
ڪير آ منھنجو ھت جھان ساري ۾
اکڙين تنھنجن ۾ جو ٻڏي وياسين
ڪٿ راحت ملي ھاڻ ڪناري ۾
تون جو رنگن جي ٿو ڳالهھ ڪرين
ڪھڙو فرق آ گوري ۽ ڪاري ۾
ھو جا قسم کڻي ٿي منھنجي ھئڻ جو
ڇا اھا محبت آ يا آھيان مان مونجھاري ۾
ملڻو ٿئي ته اڄ ئي مل جانان
ڇا رکيو ڇنڇر آچر سومر آڱاري ۾
اسان لاءِ ٻارنھن مھينا ھڪ جھڙا
اسان اڄ به روئون ٿا سياري ۽ اونھاري ۾
ڀلي “ناچيز” کي گھاءُ ڏيو پنھنجا ٿي
ڪڏھن سک ايندا منھنجي به واري ۾

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *