تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

غزل … اصغر چانڊيو

فاقا ڪشي ۾ ڦاٿل ڪافر به ٿي سگهي ٿو
اضمار جي رکي پوءِ ذاڪر به ٿي سگهي ٿو

ماڻھو منجها ئي آھي وحشت جنم وٺندي
ماني ڳڀي جي پويان جابر به ٿي سگهي ٿو

غربت کي گار سمجهي ۽ پوءِ وري به سوچم
دولت ۾ انسان منڪر به ٿي سگهي ٿو

لازمي ناهي اڳي جيئن کڙڪي مان خار کائي
اڄ به وڃين ته ڏسجي ڀاڪر به ٿي سگهي ٿو

لڪندي ملڻ سان محبت وڌندي ته آھي ليڪن
عشق مشق آھي ظاهر به ٿي سگهي ٿو

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *