تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

غارن جي دنيا … سنڌيڪار:طفيل مگسي

هن ڌرتي جي گولي تي چرون ۽ غارون انهن کي سڏيو وڃي ٿو.جن ۾ انسان داخل ٿي سگهن.غارن جي ڊيگهه ۽ ويڪر مختلف هوندي آھي.امريڪا ۾ 17هزار جي ويجهو غارون دريافت ٿي چڪيون آھن. جنهن مان اوهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته دنيا ۾ غارن جو انگ تمام گهڻو هوندو.پائيدار ۽ محفوظ پناهه گاهن جي هئڻ جي باوجود تاريخ کان اڳ جو انسان انهن کي پنهنجيون بيٺڪيتون ٺاھيندو هو .اڄ به پاڪستان سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اهڙيون غارون موجود آھن .جن ۾ انسان رهن ٿا.
غارون جانورن جي لاءِ پناهه گاهه جو ڪم ڏينديون رهيون آھن .ڪي جانور انهن ۾ وقتي طور رهن ٿا پر جانورن جواهڙو به قسم آھي جن غارن کي مستقل بيٺڪيت بڻائي ڇڏيو آھي.انهن کي ٽرولگومائيٽس سڏيو وڃي ٿو.ڪورونا وائرس سبب انهن ڏھاڙن چمڙن جو ڪافي ذڪر ٿئي ٿو.خاڪي چمڙا ۽ ميڪسيڪن فري ٽيلڊ چمڙا اڪثر غارن ۾ رهڻ سبب اتي انهن جون ڪافي نشانيون مليون آھن.انهن غارن جي اهميت به وڌيڪ آھي.مثال طور ڏکڻ افريقا جي غارن کان اٽڪل 10کان 30لک سال پراڻن انسانن جا فاسلز مليا آھن.غارن ۾ انسان جي ماضي جون نشانيون عمومن محفوظ رهن ٿيون.ان لاءِآثار قديمه جا ماهر انهن کي ڪافي اهميت ڏين ٿا.
غارون ان دور ۾ به آباد رهيون جڏھن انسانن وسنديون ٺاهيون پر پوءِ به اهي مراقبي.ذھني سڪون ۽ عبادتگاهه لاءِ استعمال ٿينديون رهيون.ان کانسواءِ انهن کي بحيثيت پناهه گاهه به استعمال ڪيو ويو،ڪي غارون اهڙيون آھن جن ۾ پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت پوري ٿي وڃي ٿي.ڪن جي اندرين بيٺڪ ايتري خوبصورت هوندي آھي ته انسان ڏسي حيران ٿي ويندو آھي. غارون عمومن قدرتي طور به وجود ۾ اينديون آھن پر انسانن پنهنجي محنت سان به غارون ٺاهيون آھن. هن غار جي زيارت لاءِ زيارتن جو وڏو انگ اچي ٿو، هتي زيارتن جون ڪجهه نشانيون به مليون آھن.جن منجهان ڪافي اهم ۽ خاص آھن.
مگائو:
چين جي صوبي گسينو ۾ ڊانچوان دريا وٽ ۽ شھر ڊنوانگ جي ڏکڻ اوڀر ۾ مگائو غارن جو هڪ نظام موجود آھي.جنهن ۾ اٽڪل 500عبادتگاهون ٺاھيون ويون آھن. اهي غارون ماضي جي عظيم شاهراهه ريشم گاهه تي واقع آھن جن ۾ ٻڌ جا شاندار نمونا ڏسي سگهجن ٿا ۽ ھتي چوٿين صدي عيسوي کان چوڏھين صدي عيسوي تائين ٻڌمت جي هڪ هزار سال جي تاريخ ملي ٿي. اها غار شاهراهه ريشم جي مسافرن، واپارين۽ زيارتن جي آرام گاهه يا پناهه گاهه جي ڪم اچي ٿي، انهن غارن ۾ مجسمي سازي ۽ چٽ سالي کانسواءِ ناياب قلمي نسخا پڻ مليا آھن. سوئي سلطنت جي دور ۾ بنجڻ واري غار 302۾ شاهراهه ريشم تي واپار جي قديم ترين چٽائي طور محسوس ٿئي ٿي.جنهن ۾ اٺ ھڪ ڇڪڙي کي ڇڪي رهيو آھي.تانگ سلطنت جي دور جي غار 23۽156۾ ماڻھن کي ٻنين ۾ ڪم ڪندي ڏٺو ويو آھي ۽ گڏ ئي هتي قطارن ۾ جنگجو پڻ ڏيک ڏين ٿا. تانگ خاندان جي حڪمراني(618کان907ع) جي دوران غارن ۾ ڪم ڪرڻ وارن فنڪارن جي مالي مدد ب ڪئي وئي ۽ انهي دور ۾ هتي ٻه گوتم ٻڌ جا وڏا مجسما ٺاهيا ويا، انهن غارن ۾ چيني فوج ۽ حڪمرانن تي ڪيل مصوري به ملي ٿي. حيرت انگيز طور اهي غارون وقت ۽ حملا آورن جي پهچ کان محفوظ رهيون.1907ع ۾ ھتي هڪ ڳجهي لائبريري دريافت ٿي جنهن کي هڪ هزار سال اڳ بند ڪيو ويو هو ان ۾ پراڻن مسودن.ريشمي جهنڊن ۽ مصوري جي نمونن کانسواءِ خوتائي.تبتي.چيني.سنسڪرت ۽ اويغور ٻولين ۾ دستاويز مليا آھن.
لاسڪو:
هي ڏکڻ اولھه فرانس ۾ غارن جو هڪ نهايت ڏکيو نظام آھي.جنهن جي اندرين ڀتين ۽ ڇتين تي 600کان وڌيڪ مصوري جا نمونا موجود آھن.هتي گهڻو ڪري وڏن جانورن جي تصوير ڪشي ڪئي وئي آھي.جيڪي ان دور َ۾ موجود هئا.مصوري جا اهي نمونا ڪيترن نسلن جي محنت جو نتيجو آھن.اها مصوري ڪيتري قديم آھي.ان تي بحثن جو سلسلو جاري آھي پر ماهرن جي عمومن راءِ آھي ته اها اٽڪل 17هزار سال پراڻي آھي. لاسڪو غارون حادثاتي طور دريافت ٿيون. 12سيپٽمبر 1940ع ۾ مارسل راويڊٽ نالي 18 سالن جي ڇوڪري جو روبوٽ نالي ڪتو هڪ سوراخ ۾ ھليو ويوهو پنهنجن ٽن دوستن کي اتي وٺي آيو.اهي 50فوٽ اونهي غار ۾ داخل ٿيا انهن جو خيال هو ته اهو ڪو ڳجهو رستو آھي.انهن ڇوڪرن ڏٺو ته غار جي ڀتين تي جانورن جون تصويرون ٺھيل آھن. غار جي ان نظام ۾ 25غارن کي مصوري سان سنواريو ويو هو.هتي قسمين قسمين جي مصوري ڪئي وئي آھي.اها ڇو ڪئي وئي؟ ان جي باري ۾ ماهرن ۾ اختلاف ڏٺو وڃي ٿو.اهي فن جي اظھار ۽ نمائش لاءِ به ٿي سگهن ٿيون. ۽ انهن جو تعلق ان زماني جي ماڻھن جي عقيدن سان به ٿي سگهي ٿو.
واردزيا:
جارجيا جي ڏورانهين مقام اسپنڊزا ۾ ڪوهه ارتشي کي ڏور کان ڏٺو وڃي ته ڪافي سوراخ ڏيک ڏين ٿا.ويجهو اچڻ تي پتو پوي ٿو ته هتي غارون ٺاھيون ويون آھن.جن کي واردزيا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.گڏ ئي ڪرا دريا اٿس. اهي غارون اٽڪل پنج سو ميٽر تائين پکڙيل آھن.اهي غارون مٿي هيٺ ۽ ڪافي منزلن تي آھن.انهن جي ڀتين تي مصوري جا بهترين نمونا آھن. سورهين صدي ۾ جڏھن اهو علائقو سلطنت عثمانيا جي ڪنٽرول ۾ آيو ته هتان جا ماڻھولڏپلاڻ ڪري ويا ۽غارون ويران ٿي ويون.
سوويت يونين جي دور ۾ ھن علائقي ۾ ٿيڻ وارين کوٽائين کان پتو پوي ٿو ته هن علائقي ۾ ماڻھو ٽامي جي دور ۾ آباد ٿيا هئا. ڪرا دريا سان گڏ غارن جي کوٽائي گهٽ ۾ گهٽ پنجين صدي ۾ شروع ٿي.جيتوڻيڪ پهاڙن کي ڪٽي ڪري ٺاھڻ واريون غارون جارجيا جي مسيحي سلطنت ڇهين صدي عيسوي ۾ ڪيون جن غارن جو هتي ذڪر ڪيو پيو وڃي انهن کي يارهين صدي عيسوي ۾ ٺاھيو ويو، اهو مقام ترڪي ۽ آرمينيا جي سرحد ويجهو هو ان لاءِ جارجيا جي مسيحي بادشاهه جارجي ٻه ان کي فوجي طور اهم ڄاتو، هن کي مسلمانن جي حملي جو ڊپ هو هن ان شھر کي ٺاھڻ جي شروعات ڪئي.1184ع ۾ ھن جي وفات کانپوءِ ھن جي پٽ شھزادي تمار منصوبي تي ڪم جاري رکيو.غارن جي شھر ۾ ڪجه هزار ڪمرا ٺاھيا ويا هئا جن ۾ 50 هزار ماڻھن جي رهڻ جي گنجائش ھئي هن ۾ شادي جو هال، لائبرريون، بيڪريون ۽ حمام.موجود هئا، آس پاس پوکي راهي لاءِ پاڻي جو بهترين بندوبست ڪيو ويو هو هن شھر جو مرڪزي مقام ڊور ڪليسا هو، اها 27فوٽ ويڪري ۽ 48فوٽ ڊگهي آھي جڏُھن ته ان جي مٿاهين 30فوٽ آھي هن ۾ مصوري جا شاندار نمونا ڏسي سگهجن ٿا. غارن جو هي شھر 1290ع جي ڏھاڪي ۾ منگولن جي حملن کان محفوظ رهيو.سورهين صدي ۾ اھل فارس هتي خطرناڪ حملو ڪيو جنهن سان شھر جي تباهي جو سلسلو شروع ٿي ويو.جيڪو 1578ع ۾ عثمانين جي اچڻ سان پورو ٿيو. پهاڙن کي ڪٽي ڪري ٺاھيل 30جي ويجهو غارون ي صدي قبل مسيح کان 400صدي عيسوي ۾ٺاھيون ويون.ڀارتي رياست مهاراشٽر جي ضلعي اورنگزيب ۾ واقعي انهن غارن ۾ مصوري ۽ مجسمي سازي جا نمونا ڏسڻ وٽان آھن.
التاميرا:
التاميرا اسپين ۾ واقع آھي.جنهن کي 1868ع دريافت ڪيو ويو پر ان ۾ ڪيل مصوري جي نشاندهي دريافت جي 11سالن کانپوءِ ھڪ 5سالن جي ڇوڪري ڪئي.هن جي پيءُ مارسيلينوڊي سائوٽولا ان جاءِ جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجن نتيجن کي شايع ڪيو، هن دعوي ڪئي ته انهن غارن ۾ ڪيل مصوري پٿر جي زماني سان تعلق رکي ٿي، تڏھن ان دعويٰ تي شڪ جو اظھار ڪيو ويو پر ان جي موت کانپوءِ ان ڳالھه جي تصديق ٿي ۽ ان کي تسليم ڪيو ويو. هتي 36هزار سالن تائين جي قديم مصوري موجود آھي.هتي ڪيل مصوري يورپ جي غارن ۾ ڪيل سڀ کان قديم آھي.غار جي ٽوٽل ڊيگھه 33سئو فوٽ آھي. هن ۾ ڪافي ڪمرا آھن.غار جي فرش کان اٽڪل ساڍن ارڙھن هزارن کان چوڏھن هزار سال قديم ٿانو به مليا آھن، هن غار ۾ جهنگلي جانور به رهندا رهيا آھن هتان کان آس پاس جي سرسبز پهاڙن ۾ ملڻ واري جهنگلي حيات ۽ سمنڊ تائين پهچ آسان هئي ان لاءِ انسانن رهائش لاءِ ھن جي چونڊ ڪئي. التاميرا ۾ “بيسن“( جهنگلي مينھ) هرڻ ۽ گهوڙي جي اعليٰ مصوري ڪئي وئي آھي.فنڪارن صرف ان تي بادامي.ڳاڙھا ۽ ڪارا رنگ استعمال ڪيا آھن.سياحن کان ٿيڻ واري نقصان کان بچڻ لاءِ ان مصوري جا نقل تيار ڪيا ويا آھن.جتي ماڻھو وڃي ڪري لطف حاصل ڪري سگهن ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *