تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

عيد ڪھاڻي … خواھشن جي قرباني … موهن لال توگاني

بابا سڀاڻي عيد آھي اڃان تائين توھان اسان جا ڪپڙا ۽ جوتا به ڪون ورتا آھن,,, ڇھن سالن جي شاھو صبح جو ننڊ مان اٿي اکيون مھٽندي پي سان شڪايت ڪئي,,
پٽ اڄ پاڻ وارو ڇيلو وڪڻي تنھنجا ۽ شمع جا ڪپڙا جوتا ۽ کوڙ رانديڪا وٺي ايندس,,,پيءُ جيڪو ڇيلي کي مھندي ھڻي رھيو ھو وراڻيو,,,,
بابا مھنجي لاءِ چوڙيون ۽ واليون به وٺي ايندي نہ؟ شمع خوش ٿيندي چيس,,,,
ھا منھنجي جيجان حاضر, ھاڻي ماڻھين کي چئو ته چانهھ ڪوپ کڻي اچي ته پي پوء ڇيلي کي پڙي تي وڪڻڻ وڃان,,سندس پي مھندي وارا ھٿ ڌوئيندي چيس
زال چانهھ کڻي آئي ته ھن ڍڪ ڀريندي پڇيس ٻيو ڇا وٺڻو آ شھر ۾؟
ڪجھه نه بس سيڌو سامان وٺيو اچجا زال چيس.
بس دعا ڪر ڇيلو سٺي ريٽ ۾ وڪامي ته تنھنجي لاءِ به ڪپڙن جو جوڙو چوڙيون,ميڪب ۽ چمپل وٺي ايندس,,,,,,,مڙس چانهھ جو ڪوپ پيئڻ کانپوءِ شھپرن کي ھٿ ھڻندي چيس.
نه نه منھنجي لاءِ ڪجھ به نه وٺجان ڪپڙا چمپل ھيئنر ننڍي عيد تي ته ورتا آھن, بس ھڪ سرخي وٺي اچجان ۽ ٻارن جا به سستا ڪپڙا وٺي اچجان, ڇيلي جي پئسن مان ئي ته جيڪو قرض کنيو آ اھو موٽائڻو آ زال اداسي وچان چيس.
چڱو ڀلا آئون ھلان ٿو مڙس ڇيلو کولي روانو ٿيو,,,,,,
ان دوران شمع ۽ شاھو ڇيلي کي حسرت ڀري نگاهن سان ڏسي رھيا ھئا,,,,,,
شام ٿي وئي شاھو ۽ شمع انتظار ۾ ھجنس ڪڏھن ٿو بابا ڪپڙا ۽ رانديڪا وٺيو اچي پر پڻس جي اچڻ جي ڪا پھر به نه ھئي شام کان رات ٿيڻ واري ھئي پر پڻس نه موٽيو ٻارن ماءُ کان پڇڻ شروع ڪيو ته بابا ڪڏھن ايندو؟؟دير ڇو ڪئي آھي؟ پر ھو خود پريشان ھئي ته آخر شاھو جي پي دير ڇو ڪئي آھي,
ايتري ۾ شمع ۽ شآھو جي ڪنن تي ٻڪري جي ٻه ٻ ٻه جي آواز پئي,ٻئي ڄڻا ڊوڙي ٻاھر نڪتا ۾ ڏسن ته سندس پي ڇيلي سميت واپس موٽي رھيو آھي,پي کي ڇيلي سميت واپس ايندي ڏسي ٻارن کي حيرت ته ٿي پر جڏھن ٻي ھٿ ۾ڪپڙن ۽ سامان جي ٿيلھي جو ڏٺس ته ٻنھي ڊوڙي وڃي ٿيلھي ۾ ھٿ وڌو,,,,
پيءُ ڦِڪي مرڪ مرڪندي ٿيلھي ٻارن کي ڏني جنھن ۾ انھن جا ڪپڙا وغيره ھئا, گھر اچي ڇيلي کي ڪلي ۾ ٻڌي,پاڻي جي بالٽي ۽ انُ ڇيلي اڳيان رکي اچي کٽ تي ويٺو,,,زال پاڻي گلاس ڀري آڻي ڏنو اڃان سواليه نگاهن سان ڏٺو ئي مس ھئس ته مڙس ڀُڻڪيو,,,غلطي ڪئي ڇيلو ان ڏينھن ئي واپاري کي ڏيئي ڇڏڻو ھو, پر لالچ ڪيم ته پڙي تي سٺو ريٽ ملي ويندو واپاري ٺڳي ويندو,,,غلطي ڪيم ائين چئي ھن ھڪ ئي ڳيت ۾ پورو پاڻي جو گلاس پي ڇڏيو,,,,,,
ڇو پڙي تي صفا باھ پئي ٻري ڇا؟ زال پڇيس
ڇا ٻڌايان ڀاڳڀري ٻاڪري مال جا خريدار ئي ڪون اٿس رڳو ريٽ پڇڻ وارن ۽ ڦوٽو ڪڍڻ وارن جي رش آھي,,,جيڪي وٺڻ وارا آھن اھي اھڙا ٿا ريٽ ٻڌانس جو اندر ئي سڙيو وڃي,صبح کان شام ٿي وئي پر سٺو خريدار نه مليو,,مڙس چيس
پوءِ به وڪڻڻو ته ھو جيڪو ريٽ ملي آ وڪڻي اچين ھا, واپس ڇو کڻي آئين؟ ۽ ٻارن جي ڪپڙن جا پئسه ڪٿان آندئي؟؟ زال سندس ڀر ۾ ويھندي پڇيس.
دماغ خراب ٿيو اٿس ڇا؟ پورو سال محنت ڪئي آھي ڇيلي کي سانڍيو آھي, تيل جا ڍُڪ , پلڙا, ٽاري ,ڀوسو,ان، گاھ ۽ ايڏي مٿاخوري کانپوءِ اڌ موڙي ۾ وڪڻي ٽوال ڇنڊي موٽي اچان ھا؟ مون کي وارو ڪون کاڌو ۽ بس رب تي رکي اتان نڪري رھيو ھئس ته گُلو ڪاسائي پڙي ۾ ئي ملي ويو حال احوال ڪيم, ته جھٽ ۾ڪجھ پئسا ڪڍي ڏنا ۽ چيائي في الحال ٻارن کي خوش ڪر ۽ سامان وٺي وڃ عيد کانپوءِ ڇيلو وڪڻي پئسه ڏئي ڇڏجان ۽ جي سٺو ريٽ نه ملي ته گوشت جي اگھه ۾ مونکي ڏئي ڇڏجان,مونکي ٻي ڪا واٽ ڪون سجھي ۽ پئسه وٺي ڇڏيا.
چڱو جيڪو نصيب زال چيس, ھنن زال مڙس پاڻ ۾ ڳالھايو پي ته ٻار اچي ويا شمع چيس بابا اسان جا رانديڪا ته ڪون آندا.
ھا پ پ پٽ رانديڪا سڀاڻي شامون پٽيل کان وٺنداسين پي ھٻڪندي چيس.
بابا ڇيلو واپس ڇو آندو آھي, ڇا اسان به وڏيري صالم واڱر قرباني ڪندا سين؟
شاھو معصوميت مان پڇيو
نه پٽ ڪٿي وڏيرو صالم ۽ ڪٿي اسين؟ ھي ته ھاڻ پرائي امانت آھي ۽ پٽ غريب ماڻھو لاء جانور جي قرباني ڪرڻ مشڪل آ پيءُ چيس
ته بابا غريب ڇا جي قرباني ڪندا آھن؟ شمع پڇيس,,,,,,,
,,,,,,,خواھشن جي,,,,,پي چپ چوريا,,,,,,,,,,,,,

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *