تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

عيد ڏهاڙو ڪيئن گذريو

سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي عيد ۽ ان جون سرگرميون ڇانيل رهيون. ماڻهن عيد نماز، قرباني جون تصويرون شيئر ڪيون. جڏهن ته عيد نماز ۽ قرباني کان فارغ ٿي ماڻهن وندر لاءِ تفريحي ماڳن جو رخ ڪيو ان باري ۾ به معلومات ۽ تصويرون شيئر ڪيون ويون. خاص طور تي برساتن جي ڪري آباد ٿي ويل ٿر ۾ ماڻهن جي آمد جو سلسلو عيد جا ٽئي ڏينهن جاري رهيو. انهن سرگرمين جي ڪري ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ ڏنل ايس او پيز کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بلوچستان جي هڪ تصوير به شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ قرباني جو گوشت سڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ان کي تباهگ يا تِباهگ سڏيو ويندو آهي. ان ۾ گوشت کي وڏن وڏن ٽڪرن ۾ وڍي اس ۾ سڪايو ويندو آهي جيڪو سڪڻ بعد سانڍي رکبو آهي ۽ ڪيترن ئي مهينن تائين ان کي واپرايو ويندو آهي بلوڇستان جو اهو روايتي کاڌو آهي جنهن جو رواج هاڻ فرج ۽ ريفريجريٽر اچڻ جي ڪري گهٽجي رهيو آهي. ان روايت کي زنده ڪيو ويو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *