تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

” عيد“ … روشن جتوئي ۔

“اڙي روشن عيد تي گھمڻ لاءِ ڪٿي پروگرام آھي ؟ ” دڪان جي اڳيان دوستن سان گڏ ويٺل جاويد پنھنجي دوست روشن کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏسي پڇيو .
” جاويد عيدون ٿينديون آھن خوشين سان، ڏسين ٿو ملڪ ۾ وبا جي سبب خوشيون ختم ٿي ويون آھن . ھر طرف خوف ۽ حراس آھي بک بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي ويئي آھي ماڻھن کي ٻچا وات ۾ اچي ويا آھن ھينئر ڇا جون عيدون ڇا جا ميلا ماڻھو ماني لاء مجبور آھن.” روشن ڏکاري لھجي ۾ وراڻيو
” روشن ايترو جذباتي نـ ٿي، ٺيڪ آ گھمڻ نـ ھلنداسين پر ھن دفعي بـ ھر سال جيان دلاور جي دڪان تان ھڪ جھڙا ڪپڙا وٺنداسين” جاويد روشن جي ڳالھ کي ايترو گهڻونـه سمجھي سگھيو .
” نـه جاويد نـه! ھن دفعي مونکي پنھنجو ضمير نوان ڪپڙا پائڻ جي اجازت نٿو ڏي، عيدون تـ وري بـه اينديون پر خدا ڪري شال ماڻھون چڱا ڀلا ھجن روز آڻڻ ۽ چاڙھڻ وارا ھن وقت وڏي مشڪل ۾ آھن مون اھو پڪو پھ ڪيو آ تـه ھي عيد ماروئڙن سان گڏ گذاربي پاڻ سڀئي دوست پنھنجي حصي جي نون ڪپڙن جي پئسن مان ھڪ ھڪ غريب خاندان کي عيد جو سامان ۽ راشن وٺي ڏينداسين .”روشن جي ڳالھ سان جاويد دوستن سميت متفق ٿي ويو،
ھنن پڪو پھ ڪيو ته نه فقط اسان پر پوري سنگت کي ائين ڪرڻ لاءِ پابند ڪري عيد مسڪينن سان گڏ گذاربي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *