تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

عيد الفطر جي اهميت ۽ بيان ڪيل فضيلت … ڪرم الله الاهي نقشبندي مدني

عيد الفطر سال جو اهو مقدس ۽ محترم ڏهاڙو آهي، جنهن کي سڀ مسلمان عيد ڪري ملهائيندا آهن. اهو شوال مهيني جو پهريون ڏينهن هوندو آهي. ان ڏينهن الله جي خاص رحمتن ۽ برڪتن جو نزول ٿيندو آهي. گناهن جي عام معافي ملندي آهي. رمضان جي روزيدارن کي اجورن ۽ انعامن سان نوازيو ويندو آهي. ان جي شڪراني ۾ مسلمان الله جي وڏائي بيان ڪندي تڪبيرون پڙهندا آهن. عيدگاهن ۾ وڃي ٻه رڪعتون عيد نماز ادا ڪري الله جي حضور پنهنجي بندگي جو اظهار ڪندا آهن. ان پر مسرت موقعي تي الله انهن مٿان پنهنجي خاص رحمتن جا بادل برسائيندو آهي. عيد جو ڏينهن عام ڏينهن وانگر نه هوندو آهي، بلڪه ان ڏينهن مسلمانن لاءِ ڪجھه احڪام ۽ آداب مقرر ڪيا ويا آهن. جن جي ادا ڪرڻ سان اهي رحمتن ۽ برڪتن جا مستحق ٿيندا آهن.
عيد جا آداب ۽ احڪام:
01-عيد جو صبح الله جي در تي ڪيو. عيد جي شام الله جي در تي ڪيو. يعني فجر ۽ عشاءَ جماعت سان ادا ڪيو.2–عيد جي ڏينهن بدن جون سنوارتون ڪيو.3-عيد کان اڳ غسل ڪيو.4-عيد ڏينهن نوان ڪپڙا پهريو. نه هجن ته صاف سٿرا پايو. 05-عيد کان اڳ خوشبوءِ لڳايو.06-عيد کان اڳ مِٺي شيءِ کائي پوءِ عيد ادا ڪيو. جيڪڏهن اِڪي جي ڳاڻيٽي سان کجور کائو ته بهتر.07-عيد لاءِ ننڍڙن ٻچن کي به ساڻ وٺي هلو.08-عيد گاھ ڏانهن پيادل پنڌ اچو ۽ پيادل واپس ورو.09-جيڪڏهن ممڪن هجي ته جنهن رستي سان عيد پڙهڻ اچو واپسي ٻئي رستي سان ڪيو.10-ويندي ويندي ڪثرت سان تڪبيرون پڙهو.11-عيد نماز کان اڳ فطرو ادا ڪيو.12-عيد بعد مسلمان هڪ ٻئي سان ملو ۽ عيد مبارڪ ڏيو.13-عيد ڏينهن الله وارن جي زيارت ڪيو.14-ڪثرت سان درود پاڪ پڙهو.15- غريبن مسڪينن جي مدد ڪيو.16-نادار ماڻهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪيو.17-صله رحمي ڪيو. وڙهيلن جي وچ ۾ صلح ڪرايو.18-عيد ڏينهن گناهن ۽ بي فرماني جي ڪمن کان بچو.
فطرو ڇا آهي؟
فطرو اصل ۾ هڪ زڪواة آهي. جيڪو مالدارن مٿان واجب آهي. ان جي ادا ڪرڻ واري جي مال کي الله محفوظ فرمائي ٿو ۽ ان ۾ اضافو فرمائي ٿو. فطري ادا ڪرڻ جو وقت عيد الفطر جي نماز کان اڳ آهي.فقه حنفي مطابق فطرو ڪڻڪ جا سوا ٻه ڪلو هجن. يا کجور جا ساڍا چار ڪلو هجن. خود اها جنس ڏجي يا ان جو ملھ مسڪينن کي ڏجي. اهو عيد کان اڳ ادا ڪجي. پر جن عيد کان اڳ فطرو نه ڏنو آھي ته اھي عيد کان پوءِ ادا ڪري سگھن ٿا پر افضل عيد کان اڳ ادا ڪرڻ آھي. هر صاحبِ نصاب ماڻهو پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي نابالغ اولاد جي طرفان ادا ڪندو. جيڪو ٻار پيٽ ۾ آهي ان جو فطرو نه آهي. جيڪو ٻار بالغ ٿي ويو اهو خود جيڪڏهن صاحبِ نصاب آهي ته ادا ڪندو، مگر پيءُ جي مٿان ضروري نه آهي.
عيد واري ڏينھن مسڪينن ۽ غريبن جي سار سنڀال لھڻ گھرجي. انھن کي به عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪجي. ان ڏينهن گھڻي خير خيرات ڪجي. حضرت ابو ھريره رضي الله عنه کان روايت آھي رسول الله ﷺ فرمايو ته : ” جنھن ماڻھو رمضان جا روزا رکيا عيد جي ڏينھن غسل ڪري عيدگاھ ۾ ويو ۽ عيد بعد صدقو ڪيائين ته اهو بخشجي واپس وريو “. عيد جي ڏينھن وڙھلين ۾ صلح ڪرائجي. جيڪو ٻن وڙهيلن جي وچ ۾ صلح ڪرائي ٿو الله ڪريم ان کي ويھه حجن جو ثواب عطا فرمائي ٿو. عيد جي خوشيءَ واري ڏينهن مٽيون مائٽيون ڳنڍجن. هلي وڃي عزيزن سان عيد ملجي. رُٺلن کي پرچائجي. صله رحمي ڪرڻ وارا الله جي رحمت ۾ هوندا آهن. عيد واري ڏينهن بهتر آهي ته صالحن ۽ الله وارن جي زيارت ڪجي. انهن جي ديدار لاءِ سفر ڪري وڃڻ به مقبول عمل آهي.
عيد جي مسرتن جي موقعي تي مسڪينن، محتاجن، فقيرن، غريبن جي مدد ڪجي. عاجزن سان عنايتون ۽ احسان ڪجن. مظلومن جي مدد ڪجي. مسافرن مسڪينن بکارن کي ماني کارائجي. اڃارن کي پاڻي پيارجي. اهو الله وٽ بهترين عمل آهي.
حضرت انس رضه کان روايت آهي چيائين رسول الله ﷺ فرمايو جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي بک (مٽائڻ) جو اهتمام ڪري ٿو پوءِ ان کي پيٽ ڀري کارائي ٿو ۽ ان کي پاڻي پياري رڄائي ٿو ته الله ان کي بخشي ڇڏي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *