تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

عورت ۽ آزادي…فضا قريشي

لفظ آزادي ملڪن ۽ قومن جي تاريخ ۾ هميشه معتبر پئي رهيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ آزادي جي نالي ۾ وڏيون تحريڪون هليون آهن. ملڪن جا آئين ۽ قانون شهرين جي آزادي جي ڳالھ ڪن ٿا جن ۾ اظهار جي آزادي ۽ تنظيم سازي جي آزادي به شامل آهن. ملڪن جي آزادي جا ڏهاڙا اسين وڏي جوش ۽ خروش سان ملهايون ٿا. پر جتي عورت جي آزادي جي ڳالھ اچي ٿي اتي ڄڻ ڪيترائي طبقا خطري ۾ پئجيو وڃن . هونئن مقدس ۽ عظيم سمجهيو ويندڙ لفظ جڏهن عورت سان ڳنڍجي ٿو ته ان جي معنيٰ ۽ مفهوم ڳجها ٿيو پون ۽ مٽجيو وڃن. دراصل اسانجي فرسوده نظام ۾ جڏهن لفظ آزادي عورت سان ڳنڍجي ٿو ته انجي معنيٰ ڦري “فحاشي” ٿيو پوي. اسانجي صدين جي جڙيل سماجي نفسيات اسانکي ان دڳ تي لائي ٿي ته عورت جڏهن آزادي جي ڳالھ ڪري ته انجو مطلب آهي ته کيس ڇڙواڳي کپي. اها ڳالھ اتي ختم نٿي ٿئي بلڪه هن سماج جا ٺيڪيدار نه فقط اهڙين عورتن کي روڪڻ لاءِ هر وقت آتا رهن ٿا پر زور انهي ڳالھ تي هوندو آهي ته اهڙيون عورتون ٻين عورتن کي خراب ڪنديون ۽ جي ائين ٿيو ته سڄو خانداني سرشتو تباه ۽ برباد ٿي ويندو ، انڪري جو گھر هلا ئيندڙ عورت آهي ۽ سماج غير متوازن ٿي ويندو. انڪري سماج جا ٺيڪيدار هر ممڪن ڪوشش ڪري عورت کي پنهنجي اصلي جاءِ يعني گھر جي چار ديواري ۾ رهڻ ۽ رکڻ لاءِ جتن ڪندا ٿا وتن. ان لاءِ هنن ڪيتريون ئي ڪوڙڪيون ۽ ڄار پکيڙيا آهن. ڪڏهن ان کي مذهب جو نالو ڏنو اٿن ته ڪڏهن عزت ۽ غيرت جو. بهرحال ڳالھ سڄي عورت جي جسم جي چوڌاري ڦري ٿي، جنهن تي سڄي سماج جو توازن برقرار آهي. هي اهو ڍڳو آهي جيڪو دنيا کي پنهنجي سڱ تي کنيو بيٺو آهي. جڏهن ڍڳو هڪڙي سڱ تي دنيا جو وزن کڻي کڻي ٿڪجي ٿو پوي ۽ سڱ مٽائي ٿو ته ڪائنات سڄي لڏي ۽ ڌڏي ٿي پوي ۽ دنيا ۾ زلزلا اچي ٿا وڃن.
انساني سماجن جو علم اسانکي ٻڌائي ٿو ته مرد شڪاري رهيو آهي ۽ عورت پئداواري. عورت هميشه زمين جو سينو چيري ان مان انساني نسلن جي بقا لاءِ ان اپايو آهي ۽ پوک ڪئي آهي.شڪ مرد جي فطرت رهيو آهي ۽ عورت جو ڏوهه اهو آهي ته هن ان اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا آهن ۽ صبر ڪيو آهي،
صبر ۽ شڪر کي ڪاڏي آءُ ڪندي
آهيان جنهن سندي، سو ته گھرجي ساڻ مون.(شاهه لطيف)
سماجن ۾ ملڪيت جي تصور اچڻ کانپوءِ مرد عورت جي جسم کي ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو. اهو پڙهي تعجب ٿئي ٿو ته هو جڏهن ٻاهر شڪار تي ويندو هو ته “پنهنجي” عورت کي اهڙي نموني قيد ڪري ويندو هيو جيئن ڪو به ٻيو مرد ان سان ملي نه سگھي. اتان زن، زر ۽ زمين جو تصور اڀري ٿو ۽ تاريخ ۾ ان مرد کي وڌيڪ طاقتور سمجهيو وڃي ٿو جنهن وٽ نه فقط اهي ٽي “ز” هجن پر هو انهن تي پوري ريت قابض هجي. اها انساني سماجن جي تاريخ ۾ عورت جي غلامي جي شروعات جي تاريخ آهي. اها شروعات آهي انکي ملڪيت سمجهڻ جي ۽ کيس انسان نه سمجهڻ جي.
اتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا عزت ۽ غيرت فقط مرد جي ۽ مرد کي هوندي آهي؟ خدائي فوجدارن جو چوڻ آهي ته جيئن ته عورت جو عقل ڏائين کڙي ۾ هوندو آهي انڪري منجهس ڇا جي عزت ۽ ڇا جي غيرت؟ اها جنس جتي هوندي، جنهن سان هوندي ان جي ٿي ويندي. ان جنس کي جيڪو واپرائيندو اهو انجو مالڪ هوندو. اها ڳالھ بلڪل ائين ڪئي ٿي وڃي جيئن اسين ڪڻڪ، بصر ۽ پٽاٽن لاءِ ڪندا آهيون. انساني سماج هن ايڪويهين صدي ۾ ڪيتري ئي ترقي ڇو نه ڪئي هجي، دنيا ڦري گلوبل ڳوٺڙو ڇو نه بڻجي ويئي هجي، اک ڇنڀ ۾ اسين پنهنجن پيارن سان دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ ڇو نه ڳالهائي سگھون ۽ کين ڏسي سگھون ، سائنس جي ڪرشماتي ڪائنات ننڍي هوندي جنن ۽ پرين جي آکاڻين ۾ پڙهندڙ ڳالهين کي ڪيئن نه سچ ڪري ڏيکاري پر جتي عورت جي ڳالھ ايندي اتي اسين اڄ به ڪنهن به قيمت تي کيس انسان مڃڻ لاءِ تيار ناهيون. اها جنس هئي، جنس آهي ۽ جنس ئي رهڻ کپي ڇاڪاڻ جو “سڀني” جي بقا ان ۾ آهي. جتي اها ٿورو به چري ته سندس ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي ڇاڪاڻ جو رياست ۽ انجا سمورا قانون به انهن صاحبن جا جوڙيل آهن جن کي ٽوڙي مروڙي هو پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا. عورت اهو کيڏوڻو آهي جنهن کي هي پاڻ ذخيرو ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن پنهنجي ٻين هم جنسن تي فوقيت حاصل ڪري سگھن. دنيا جي وڏن وڏن انقلابين به عورت کي انقلاب ۾ شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس ان بنيادي ڪم لاءِ ضرور وقف پئي ڪيو آهي. بادشاهن ۽ شهنشاهن سان گڏوگڏ انقلابين به حرم رکيا ۽ پاليا آهن. قصو مختصر مذهب، سماج، انقلاب، خاندان، عزت ۽ غيرت، قانون مختلف وقتن تي مختلف نالن ۾ عورت جي حيثيت کي فقط هڪ جنس جي طور رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. صدين جو اهو سفر ڪرڻ کانپوءِ جڏهن عورت اڄ اها گھر ڪري ٿي ته ان سوچ کان کيس آزادي ڏني وڃي ته سماج جي طاقتورن کي ڪيترو نه ڏکيو لڳي ٿو.
عورت آزادي گھري ٿي ته کيس جنس نه پر انسان سمجهيو وڃي ۽ انهن ئي معيارن تي پرکيو وڃي. عورت آزادي گھري ٿي بک ، بدحالي ۽ بيماري کان ته کيس به عزت سان روزگار ڪمائڻ جو حق ۽ سهولت ۽ ماحول ڏنو وڃي. عورت آزادي گھري ٿي جهالت کان ته کيس ڏاج ۾ تعليم جو زيور ڏنو وڃي. ها، اها ڳالھ برابر آهي ته جڏهن اها عورت پڙهيل لکيل هوندي، معاشي طرح پنهنجي پيرن تي بيٺل هوندي ۽ پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪندي ته کيس ڪيئن حرم ڪري رکي سگھبو؟ کيس ڪيئن سڱ چٽي ۾ ڏبو؟ کيس ڪيئن گرم ماني وقت تي نه ڏيڻ ڪري موچڙا هڻي سگھبا؟ کيس ڪيئن قرآن سان پرڻائي سگھبو؟ سندس ملڪيت جو حق ڪيئن ڦٻائي سگھبو؟ انڪري هن سماج جي ڏاڍن اهو فيصلو ڪيو آهي ته “چار ديواري جو تقدس برقرار رکندي ، عورت کي عمر قيد جي سزا آهي. جڏهن اها آزادي جي ڳالھ ڪري ته ان کي فحاشي جو نالو ڏيئي ، سماج لاءِش ڪورونا وائرس قرار ڏنو وڃي.” ان فيصلي بعد قلم ٽٽي چڪو آهي.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *