تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

عورت …..قدسيه ھما/ ھمير گاد

تون منهنجي زندگي جي سڀ کان  پهرين عورت آھين-” 
” نه- نه- ” 
” ڇو توکي خوشي نه ٿي-? ” 
” نه”
” پر- پر ڇو-? توکي ته خوش ٿيڻ کپي- اهو ٻڌي تون ته خوشيءَ ۾ نه ماپين ها- پر تون-?” 
” نه – ان ۾ افسوس ۽ شرمندگي گهڻي هوندي آھي.”
” افسوس ۽ شرمندگي-?” 
” ها- ڇاڪاڻ ته پهرين عورت رانديڪي وانگر هوندي آھي، يا ائين سمجھه ته هڪ حادثو هوندي آھي خوشگوار ڪوئي- جيڪا بعد ۾ ياد بڻجي رهجي ويندي آھي- ۽ پوءِ
تون وڃ- دنيا ڏس-  عورت کي ڏس- گهڻو ڏس- تجربا ڪر- تجربن مان گذر- ايتري قدر جو سڀ کان اعليٰ ٿي وڃ, تڏھن تون سوچجانء ته ڇا پهرين عورت آخري ٿي سگهي ٿي- ڇاڪاڻ ته اها ئي عورت مرد جي حياتي جو سرمايو هوندي آھي- وڃ- هليو وڃ- مان تنهنجي 
” سڀ کان اعليٰ ٿي وڃڻ تائين انتظار ڪندم-
ڇاڪاڻ ته- مان- مان- انمول قيمتي ۽ آخري عورت بڻجڻ چاهيان ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *