تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

عورت جي خودمختياري ۽ برابري جو سوال…ريحانه شيخ

“منهنجو جسم منهنجي مرضي” يا اختيار جي نعري ڪيترن ئي رجعت پسند ۽ بظاهر ترقي پسند (خاص طور مردن) اندر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي، جيڪي مرد ڇوڪرين ۽ عورتن جي پنهنجي مرضي سان جيئڻ جي بنيادي حق تي ايترو مڇرجي وڃن ٿا اهي پنهنجي گهر جي عورتن سان ڪهڙو حشر ڪندا هوندا، اها ڳالهه سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ ايڏي ڏکي ناهي.
مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان سماجي ترقي جي شعبي سان واڳيل هجڻ ڪري سڄي پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ( ٿر کان وٺي فاٽا، پنجاب ۽ بلوچستان جي ٻهراڙين توڙي شهرن) ۾ عورتن ۽ مردن سان عورت جي خودمختياري ۽ ترقيءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه، بحث مباحثا ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪندي رهي آهيان ۽ ان نتيجي تي پهتي آهيان ته عورتن جي خودمختياري جو سوال تمام ڊگهي ۽ گهڻ طرفي جدوجهد ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان ۾ عورت مارچ جهڙين سرگرمين جو هجڻ تمام ضروري آهي، جنهن وسيلي سماج ۾ نوان بحث ۽ نوان موضوع جنم وٺن ٿا ۽ ماڻهن جي ذهنن کي جنجهوڙين ٿا.
ڪجهه مهينا اڳ مان پنهنجي ڪم واسطي سنڌ جي مختلف ضلعن جي ٻهراڙين ۾ تقريبن هڪ سئو کان وڌيڪ عورتن سان ملاقات ڪئي، تقريبن هر نوجوان ۽ وڏي عمر جي عورت کان پڇيو ته توهان جي عمر ڪيتري آهي؟ منهنجي ان سوال پڇڻ تي يا ته اها عورت ٻين عورتن جي طرف نهاريندي هئي، يا کلي چوندي هئي ته الائي مون کي خبر ناهي، اسين پڙهيل ناهيون، يا وري سڃاڻپ ڪارڊ کڻي منهنجي هٿ ۾ ڏيندي هئي ته تون پاڻ پڙهي ڏس مون کي خبر ناهي.
هڪ عورت ته مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، منهنجي نظر ۾ هن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ چاليهه سال هوندي، منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته سندس عمر 17 سال آهي، مون يڪدم پڇيومانس ته توهان کي ٻار ڪيترا آهن، چيائين چار، مون کان پاڻمرادو نڪري ويو ته پوءِ ته تون 17 سالن جي نه هوندينءَ جواب ۾ چيائين ته پوءِ 50 سالن جي هوندم، هن جي چهري مان بلڪل ظاهر هو ته هن کي اها خبر نه پئي پوي ته 17 سالن ۽ 50 سالن جي وچ ۾ ڪيترن سالن جو فرق هوندو آهي بعد ۾ مون ٻن ڳالهين تي سوچيو.،پهرين ته 17 سالن جي ڇوڪريءَ / عورت چئن ٻارن جي ماءُ ڇو نه ٿي ٿي سگهي؟ جيڪڏهن هڪ ڇوڪريءَ جي 13 سالن جي عمر ۾شادي ٿئي ۽ هوءَ هر سال هڪ ٻار ڄڻي ته 17 سالن تائين چار ٻار ڄڻي سگهي ٿي ۽ چار ٻارن جو ڄمڻ ۽ سنڀالڻ هن کي 17 سالن جي عمر ۾ 40 سالن جو ڪري سگهي ٿو، هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته يونيسيف جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 21 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي 18 سالن کان گهٽ عمر ۽ 3 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي 15 سالن کان اڳ ٿئي ٿي، پاڪستان دنيا جي ڇهن ملڪن مان آهي جتي ڇوڪرين جي ننڍپڻ جي شادي عام آهي، (Department Of Economics and Social affairs) موجب پاڪستان ۾ 1000 مان 27 ڇوڪريون 15 کان 19 سالن جي عمر ۾ حمل واريون ٿين ٿيون، تنهن ڪري ان ڳالهه تي حيراني کان وڌيڪ پريشان ٿيڻ جي ضرورت آهي.
ٻي ڳالهه جنهن ان واقعي کانپوءِ مون کي پريشان ڪيو ته اسان جي سماج ۾ هڪ اڻپڙهيل ۽ غريب عورت لاءِ عمر ڪا به معنيٰ نٿي رکي ۽ رکي به ڀلا ڇو ؟ جڏهن هن ڇوڪري کي اسڪول ناهي وڃڻو ۽ داخلا لاءِ عمر ناهي ٻڌائڻي، جڏهن هن کي ب فارم وٺي هن ملڪ جو بنيادي شهري جو حق ناهي وٺڻو، جڏهن هُن کي 22 سالن تائين نوڪري ناهي وٺڻي ۽ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ رٽائرڊ ناهي ٿيڻو ۽ جڏهن هُن کي 18 سالن تائين سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ووٽ ناهي ڏيڻو يا 18 سالن کان اڳ شادي کان انڪار، نڪاح نامي تي صحيح ناهي ڪرڻي ۽ جڏهن هُن کي پنهنجي زندگي سنوارڻ لاءِ وڏا خواب ناهن ڏسڻا ته پوءِ هوءَ عمر ڄاڻي ڇا ڪندي، هُن لاءِ عمر ننڍي يا وڏي هجڻ بي معنيٰ ٿي ٿو وڃي، هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته پاڪستان ۾ تقريبن اڍائي ڪروڙ کان مٿي ٻار نه ٿا پڙهن ۽ انهن مان 60 سيڪڙو کان مٿي ڇوڪريون آهن.
هِتي اِها ڳالهه به غور ڪرڻ جي آهي ته ڇوڪرين ۽ عورتن سان ناانصافي جو بنياد ئي جڏهن ان جو ڇوڪريءَ هجڻ آهي ۽ جڏهن ان جسماني فرق کي بنياد بڻائي سماج ۾ ان جي ڪمزور حيثيت بڻائي وڃي تڏهن اِهو لازم ٿي وڃي ٿو ته عورتون جيستائين پنهنجي جسم، ذهن ۽ فيصلن جو اختيار پاڻ وٽ نه رکنديون تيستائين سماج جي اندر برابري ۽ انصاف ممڪن ناهي.
عورت جي برابري ۽ خودمختياري جو سوال حل ڪرڻ لاءِ اِهو سمجهڻ ضروري آهي ته سڀ مرد هڪ ئي قطار ۾ بيٺل ناهن، اسان جي چوڌاري ڪيترائي مرد (اسان جا پيئر، ڀائر، زندگي جا ساٿي ۽ دوست) اهڙا آهن جيڪي هن جدوجهد ۾ پنهنجي گهر جي عورتن سميت گڏ بيٺا آهن ۽ عملي طور تي عورتن جي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ ٻانهن ٻيلي آهن.
ڪافي مرد اهڙا آهن جيڪي اڻڄاڻ آهن، سماج هنن کي به روايتن، رسمن ۽ ناانصافي ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، انهن ڪڏهن آزاد عورت جو سوچيو ئي ناهي، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پوندي، انهن کي سمجهڻو ۽ سمجهائڻو پوندو، پر ڪيترائي مرد تعصبي ۽ رجعت پرست آهن، اهي عورت جي خودمختياري کي پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪن ٿا، اهي شايد ڪڏهن سمجهي نه سگهن پر اسان سڀني جي گڏيل جدوجهد سان ڪمزور ضرور ٿيندا، تنهن ڪري برابري، انصاف ۽ انساني حقن جي ضابطن تي جڙيل سماج جي ڪوشش لاءِ عورتن توڙي مردن کي گڏجي اٿڻو پوندو.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *