تازا ترين
  • *سڀاڻي هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪندس، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن اندر ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، وائرس سبب سڄي دنيا ڏکيائين ۾ آهي: وزيراعظم*
  • *ڪراچي: ايڪسپو سينٽر ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ 1200 بسترن تي ٻڌل فيلڊ آئسوليشن سينٽر جو افتتاح*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سهيل انور سيال جي ٻن عزيزن سوڌو 3 ڄڻن جي ضمانت منظور*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ عمر شيخ جي موت واري سزا 7 سال قيد ۾ تبديل*
  • *صحافين کي گاريون ڏيڻ وارو ٽرينڊ صحافت تي هڪ وڌيڪ حملو آهي:بلاول ڀٽو زرداري*
  • *ٺٽو: جهرڪ ويجهو ڪار ڪلٽي، جهمپير واسي 2 ڄڻا فوت، هڪ زخمي * حادثي ۾ نياز بروھي ۽ عبدالستار بروھي فوت ٿي ويا، ولي بروھي سخت زخمي *
  • *ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، فوتين جو انگ 31 ٿي ويو، ملڪ ۾ 2291 متاثر *سنڌ ۾ اڄ ڪورونا وائرس جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، صوبي ۾ مبتلا مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي:صحت کاتو * خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا وائرس جا 23 ڪيس سامهون آيا، وڌيڪ 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، پنجاب ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿيو*
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

عورت جي آزادي سان معاشرو ترقي ڪندو….عروسه کٽي

عورتن جو عالمي ڏهاڙو8 مارچ تي هر سال سـڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي ملهايو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪروڙين عورتون ۽ سڄاڻ مرد شريڪ ٿين ٿا.عورتن جي عالمي ڏينهن کي ملهائڻ پٺيان عورتن جي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تي ڦهليل تاريخ آهي. عورت جون تڪليفون، ڏک ۽ ناانصافين جي نه ختم ٿيندڙ اهڙي تاريخ جنهن ۾ ڪڏهن ان کي جيئرو دفن ڪيو ويو، ڪڏهن ساڙيو ۽ سنگسار ڪيو ويو، يا ڪاري ڪيو ويو يا اجتماعي زيادتين جو نشانو بڻيون يا قيدي بڻايون ويون يا سندن عضوا ڪٽيا ويا يا علم۽ صحت جي سهولتن کان پري ڪيوويو.ايتريقدر جو انهن کي پنهنجو پاڻ تي اختيار به نه ڏنو ويو. مطلب ته هر طرح جو ظلم ۽ ناانصافي عورت جو مقدر بڻيل هئي ۽ اڄ به پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ آهن جتي عورت بدترين حالتن جو شڪار آهي ۽ ايتري حد تائين جو عورت کي انسان به نٿو سمجهيو وڃي.
تازو ئي عورتن جي عالمي ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ سنڌ جي عورتن تياريون شروع ڪيون ۽ اعلان ڪيو ته هن سال عورت مارچ سکر شهر ۾ ٿيندو،ته ڪيترن ئي مردن ۽ خاص ڪري مذهبي انتها پسند مولوين ۽ ايتري حد تائين جو وفاق جي حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي نمائندن (جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر حليم عادل شيخ اڳيان اڳيان هو) مارچ خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو ته عورت کي ڪهڙي آزادي گهرجي يا اسلام ۾ عورت کي سڀ حق مليل آهن يا عورت آزاد ٿيندي ته بي راه روي جو شڪار ٿيندي.حد آهي جڏهن اڌ آبادي جا ووٽ وٺي اقتدار ۾ ايندڙ به عورتن جي حقن خلاف ٿي بيهن ته باقي خلق خدا کي سمجهائڻ ڪيترو ڏکيو هوندو.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ليکڪ خليل الرحمان قمر هڪ نجي ٽي وي چينل تي هن مارچ متعلق ۽ هن نعري ”منهنجو جسم منهنجي مرضي“ تي ڪاوڙ ۾ اچي سماجي ڪارڪن ماروي سرمد کي تمام گهڻو گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ اهو چيو ته هي مارچ بيحيائي آهي. جنهن ملڪ ۾ اديبن جي اهڙي سوچ هجي اتي عورت کي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت جي ضرورت آهي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته عورت جي آزادي مارچ ملهائڻ تي جڏهن ايترو اعتراض آهي ته پوءِ عورت ڪيتري آزاد آهي.!؟ اهڙن سڀني انتها پسند سوچ جي ماڻهن کان اهو سوال آهي ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ عورت آزاد آهي ته فيصلن جي نبيري ۾ عورت کي ڇو ٿو قربان ڪيو وڃي؟ ڪڏهن ڪنهن مرد کي فيصلن جي نبيري ۾ڇو نه ڏنو ويو. تيزاب عورتن تي ڇو ٿو هاريو وڃي؟ جنسي زيادتي يا اجتمائي جنسي زيادتي جو شڪار عورت ڇو ٿي ٿئي؟ ننڍي عمر ۾ ڇو ٿي پرڻائجي؟ اهي سڀ حقيقتون انهن سڀني انتهاپسند سوچ جي ماڻهن جي منهن تي زوردار چماٽ آهي. ٻي وڏي سازش عورت خلاف اها آهي ته عورت ٻاهر نڪرندي ته بدڪردار ٿيندي. ڇا سنڌ اندر ڇوڪرين يا عورتن سان ڪاليجن، يونيورسٽيز ۽ ڪم ڪرڻ جي جاين تي هاڻي ڪابه جنسي ڏاڍائي نٿي ٿئي ڇا عورتن کي تحفظ مليل آهي؟ نه !تازوئي عالمي معاشي اداري پاران صنفي برابري متعلق جاري ڪيل رپورٽ ۾ پاڪستان دنيا جي 153 ملڪن مان 151 يعني ٻئي نمبر تي ملڪ آهي جتي عورتن سان ناانصافي ٿئي ٿي. اها رپورٽ انهي سوچ رکندڙ فردن لاءِ وڏو سوال آهي.جيڪي مرد اڪثراهوجوازپيش ڪن ٿا ته مغرب ۾ به عورتن سان ظلم ٿين ٿا يا اتي به جنسي ڏاڍائي ٿئي ٿي مطلب ته جيڪا برائي مغرب جي عورت سان ٿئي ٿي اها هتي قابل قبول آهي. انتها پسند ذهن جا مالڪ مرد هرطرح جا هيلابهانا ڪري رهيا آهن ته عورت مارچ کي روڪجي.
پر افسوس ته هي سڀ هيلابهانا نه هلندا، عورت مارچ ٿيندو، عورت پنهنجي حقن جي جدوجهد جاري رکندي. ايستائين جو اها پنهنجي مرضي سان آزاد بهتر۽ خوشحال زندگي گذارڻ شروع ڪندي.
تحقيق اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته عورت به مرد وانگر ذهين آهي ۽ اها به دنيا جي ڀلائي ۽ ترقي ۾ مرد وانگر ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. انساني تاريخ ان ڳالهه جي گواهي ڏيئي ٿي ته ڪو دور اهڙو به گذريو آهي جنهن ۾ عورتن جي حڪمراني هئي پر وقت ۽ حالتون جيئن ته سدائين هڪجهڙا ناهن رهندا ۽ عورتن جي حڪمراني وڃڻ سان گڏوگڏ سندن حالتون به بدتر ٿي ويون ۽ موجوده دور ۾ عورتن جي مجموعي حالت ان ڳالهه جي گواهه آهي ته هوءَ ڪيتري ڪمزور، اٻوجهه ۽ بي سهارا ٿي چڪي آهي. پر عورتن پنهنجي هن حالت کي بدلائڻ جي جستجوجاري رکي آهي جنهنجي تاريخ هڪ صدي تي مشتمل آهي.
ويهين صدي جي شروع ۾ اتر آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ مزدور عورتن پاڻ سان ٿيندڙ نا انصافين جي نتيجي ۾ اها جدوجهد شروع ڪئي. شروعاتي دور ۾ عورتن ڪم ڪرڻ جي جاءِ کي بهتر ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ احتجاج ڪيو. آهستي آهستي اهو احتجاج تحريڪ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو.
پاڪستاني عورتن جي زندگي به دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ عورتن جي زندگي کان ڪنهن به قدر بهتر نه هئي ۽ پاڪستاني عورت به پنهنجي حقن لاءِ ڪوشش ڪندي پئي اچي. انهي سڄي جدوجهد کي پاڪستان جي سياسي پارٽين مان وڌ ۾ وڌ پاڪستان پيپلز پارٽي نه صرف مڃتا ڏني پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ جڏهن سيد يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هو ته ٻارهن فيبروري کي پاڪستاني عورتن جو قومي ڏهاڙو قرار ڏنو. جيڪا هڪ اتساهيندڙ ڳالهه آهي. هن وقت به جتي ملڪ تي حڪومت ڪندڙ پارٽي جا نمائنده عورت مارچ خلاف ٿي بيٺا آهن اتي به پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو چٽو موقف رکيو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري پاران اهو بيان ڏيڻ ته پاڪستان جي هر عورت بينظير جهڙي آهي ۽ واقعي ئي پاڪستان جي هر عورت تي جيڪڏهن ايترو اعتماد ڪيو ويندو ته يقينن هر عورت بينظيرٿي ڏيکاريندي.
سنڌ تي گهڻي عرصي تائين حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي رهي آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جهڙي بهادرعورت جنهن پنهنجي سياسي بصيرت سان اهڙيون پاليسيون مرتب ڪيون جو پاڪستاني عورتن جي زندگي ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي ۽ عورتن کي زندگي جي مختلف شعبن “جنهن ۾ پوليس، بئنڪون ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام قابل ذڪر آهن” ۾ عورتون وڏي تعداد ۾ آيون ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته عورت ڪنهن به شعبي اندر ڪارڪردگي ۾ مرد کان گهٽ ناهي.
ٿي سگهي ٿو ته مردن کي اهو خدشو هجي ته عورت آزاد ٿيندي ته مردن جا حق غصب ڪندي پر ائين ناهي. عورت پڙهيل لکيل هوندي، معاشي طور مضبوط هوندي ته ڪير به ان کي دوکو ڏيئي نه سگهندو.ڇا مرد اهو نٿو چاهي ته ان جي ڌيءُ، ڀيڻ يا زال ايتري مضبوط هجي جو ڪير به ان کي نقصان رسائڻ کان پهرين ڏهه ڀيرا سوچي. اها هڪ صحتمند معاشري ۾ بهترزندگي گذاري. اصل ۾عورت جي آزادي سان معاشري جي آزادي ۽ ترقي جڙيل آهي.
عروسه کٽي ملڪي ۽ بين الاقوامي ڊولپمينٽ جي ادارن ۾ گذريل 20 سالن کان ڪم ڪرڻ جو تجربو رکي ٿي.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *