تازا ترين
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

عورت جو آواز سنھو ۽ مرد جو آواز گھرو ڇو ٿيندو آھي…؟ … مشتاق سعيد

فطري طور عورت ۽ مرد ۾ انيڪ طبعي فرق موجود آھن جن ذريعي صنفي سڃاڻپ آسان ھوندي آھي پر عورتن ۽ مردن ۾ سڀ کان اھم ۽ واضع فرق اھو پڻ آھي جو عورت جو آواز سنھو ۽ مرد جو آواز گھرو ٿيندو آھي، اھو ئي سبب آھي جو دروازي جي ٻئي پاسي کان آواز ٻڌڻ ۾ اچي يا کڻي فون ڪال تي ڪو نئون آواز اچي پر اسان ھڪدم پرکي وٺندا آھيون ته اھو آواز ڪنھن عورت جو آھي يا ڪنھن مرد جو آھي. ھونئن ته ھر انسان جي آواز جي فريڪوئنسي ۽ پچ الڳ ھوندا آھن جنھن ذريعي ماڻھو آواز کي پرکي وٺندو آھي ۽ جن سان اڪثر ڳالهھ ٻولهھ ٿيندي رھندي آھي اسان انھن جو آواز ٻڌڻ سان ئي سڃاڻي وٺندا آھيون ته ڪنھن جو آواز آھي، انسان جي ڳلي ۾ آواز پيدا ڪرڻ لاءِ انتھائي باريڪ تارون لڳل ھونديون آھن جن کي (vocal cords) چيو ويندو آھي، انھن آواز پيدا ڪندڙ سنھين تارن جي جوڙ جڪ ڪنھن حد تائين ھڪ انسان جي ٻئي انسان کان مختلف ھوندي آھي جنھن ڪري ھر ھڪ انسان جي آواز ۾ فرق ھوندو آھي، آواز جو سنھو ھجڻ يا گھرو ھجڻ جو دارومدار به انھن باريڪ آواز پيدا ڪندڙ تارن جي جوڙ جڪ تي ھوندو آھي،
عورتن مان پڻ ھر عورت جي آواز ۾ فرق ھوندو آھي ته ھر ھڪ مرد جو آواز پڻ سندن آواز جي فريڪوئنسي ۽ پچ جي لحاظ کان مختلف ھجي ٿو پر يڪسانيت اھا آھي جو ھر مرد جو آواز گھرو ۽ ھر عورت جو آواز نسبتن سنھو ٿئي ٿو، در اصل ڳالھائڻ دوران ھوا جي نالي مان جيڪا ھوا ٻاھر نڪري ٿي اھا آواز پيدا ڪندڙ تارن ۾ حرڪت (vibration) پيدا ڪندي آھي جنھن سان آواز جون لھرون پيدا ٿينديون آھن، انھن تارن جي جوڙ جڪ ئي آواز کي سنھو يا گھرو ڪندي آھي، ان فرق جو اصل سبب انسان ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ ھارمون (Androgens) آھي جنھن جا انساني جسم ۾ ڪيترائي طبي ڪم ۽ اثر ھجن ٿا، ھي ھارمون گردن جي مٿان لڳل (Adernal glands) مان نڪرندو آھي، جيڪو مرد توڙي عورت ۾ يڪسان پيدا ٿيندو آھي پر مرد ۾ ھن ھارمون جو مقدار ڪجهھ سرس ٿيندو آھي، ھن ھارمون جا ڪيترائي ڪم آھن پر انھن ڪمن مان ھڪ ڪم آواز پيدا ڪندڙ تارن تي اثر انداز ٿيڻ پڻ آھي، مردن ۾ ھي ھارمون وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿو جنھن ڪري مرد جي ڳلي ۾ لڳل آواز پيدا ڪندڙ تارون نسبتن ڪجهھ ٿلھيون ٿي پونديون آھن ۽ نسبتن ڪجھه گھرو آواز پيدا ڪنديون آھن جڏھن ته عورتن ۾ ھن ھارمون جو مقدار ڪجھه گھٽ ٿيندو آھي جنھن ڪري عورتن جي ڳلي جون آواز واريون تارون نسبتن ڪجهھ سنھيون ٿينديون آھن ۽ انھن مان پيدا ٿيندڙ آواز مرد جي آواز جي ڀيٽ ۾ سنھو ٿيندو آھي.
ڪڏھن ڪڏھن اتفاقي طور ڪنھن عورت ۾ اينڊروجين ھارمون وڌيڪ مقدار ۾ پيدا ٿي ويندو آھي ته اھڙين عورتن جو آواز پڻ گھرو ۽ مرد جي آواز سان ملندڙ جلندڙ ٿي پوندو آھي ۽ اھڙين عورتن کي چپن مٿان شھپرن جا وار ۽ کاڏي تي ڏاڙھي جا وار پڻ پيدا ٿي پوندا آھن، ساڳي ريت اتفاقي طور جيڪڏھن ڪنھن مرد ۾ اينڊروجين ھارمون گھٽ مقدار ۾ پيدا ٿيندو آھي ته اھڙن مردن جو آواز پڻ ڪجهھ سنھو ۽ عورتن جي آواز سان ملندڙ ٿي پوندو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *