تازا ترين
  • *ڪرونڊي : اڪري چودڳي لڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل همراهه نواب شاهه اسپتال ۾ فوت * گذريل رات دير سان لاريب هوٽل وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ محمد بچل بالادي زخمي ٿي پيو هو *زخمي کي نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو *
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

عورت انساني تهذيب جي باني … ڊاڪٽر مبارڪ علي/ صدام ساگر

انساني تاريخ ۾سنسني خيز واقعن جي تفصيل سبب تاريخدان گهڻو ڪري سياست، جنگ ۽ حڪمران خاندانن جي تبديلي تي توجهه ڏيندا هئا. انساني تهذيب جي ارتقا ۾عورتن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان کي پدرشاهي جي استحڪام کانپوءِ نظرانداز ڪيو ويو ۽ انساني تاريخ مردن جي ٿي وئي، پر هاڻي جڏهن تاريخ کي نئين سري سان لکيو وڃي پيو ۽ تاريخ جا اُهي ذريعا استعمال ڪيا وڃن پيا جنهن ۾عورتن جي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۽ تهذيب کي تشڪيل ۾ان جي حصي ۽ ڪردار کي سامهون آندو پيو وڃي. تاريخ جي ابتدائي دور ۾جڏهن مرد غذا جي حاصلات لاءِ شڪار ڪندا هئا، تڏهن عورتون ڦُلن ۽ جڙي ٻوٽين جي تلاش ۾رهنديون هيون. هن عمل ۾اُنهن قدرتي جڙي ٻوٽين جي باري ۾تمام گهڻو علم حاصل ڪيو ته ڪهڙي ٻوٽي کائڻ جي قابل آهي، ڪهڙي بيماري ۽ زخمن جي علاج لاءِ ضروري آهي. عورتن جو جڙي ٻوٽين جي باري ۾علم نسل در نسل منتقل ٿيندي اسان جي زماني تائين آيو ۽ جيڪو اڄ به ٽائون ۽ ڳوٺن ۾استعمال ٿئي ٿو. آثار قديمه جي ماهرن ان جي نشاندهي به ڪئي آهي ته زراعت جي پيداوار به عورتن جي ئي آهي. هُن ڪاٺي سان زمين کوٽي ۽ اُن ۾ٻڄ ڇٽيو، جيڪو ٻوٽن جي شڪل ۾پيدا ٿيو. جڏهن زراعتي معاشرو شروع ٿيو ته اُن تجربي کي وڏين ٻنين ۾استعمال ڪري فصل تيار ڪيا ويا، هي ڪم به عورتن جو ئي هو. عورتن جو ٻيو ڪم مال جي سار سنڀال لهڻ هو، کير ڏوهڻ ۽ پوءِ کير مان دهي، مکڻ ۽ پنير ٺاهڻ به هُن جي دماغ جو ئي نتيجو آهي.
ميسوپوٽاميه جي تهذيب ۾پنير جو استعمال ڪافي مقبول هو ۽ انهي کي نظر طور انانا ديوي جي مندر ۾پيش ڪيو ويندو هو. گهريلو زندگيءَ اختيار ڪرڻ بعد عورت لاءِ اِهو لازمي هوندو هو ته هو مختلف قسم جا کاڌا پچائي، کاڌن ۾گوشت ۽ سبزي ٻنهي جو استعمال ٿيندو هو ۽ هُن کي ذائقيدار ٺاهڻ لاءِ مصالحن جو استعمال به شروع ٿي ويو هو ۽ گهرن ۾دعوتون به ٿيڻ لڳيون هيون، جتي گهر ڀاتي ۽ دوست گڏجي کاڌي کائڻ وقت شريڪ ٿيندا هئا. جڏهن اسان عورت جي روز مرهه جي زندگيءَ جو جائزو وٺندا آهيون ته اُن ۾واندڪائي جو وقت گهٽ نظر ايندو، هي به اُن جو ڪم هو ته ٻين ڪمن مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ ڪپڙا به ٺاهيندي هئي ۽ ڪپڙو ٺاهڻ جي ان تياري ۾ڪپهه مان ڌاڳو ٺاهڻ جي ذريعي لباس تيار ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم هو، جيڪو بعد ۾پيشه ور ڪاريگرن وٽ آيو. قديمي آثارن جي ماهرن وٽ اهڙيون شاهديون موجود آهن جنهن مان پتو پوي ٿو ته عورتون روز مرهه جا اوزار ۽ مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ ۾به مردن جي مدد ڪنديون هيون. ان جون به شاهديون موجود آهن ته عورت ڪاريگري جي ڪجهه پيشن ۾مهارت رکنديون هيون ۽ ضرورت جون شيون تيار ڪري پنهنجي آمدني کي وڌائينديون هيون.عورت جي ڪري شادي جي رسمن ۽ تهوارن ۾رنگيني ايندي هئي، ان موقعن تي هُو گيت ڳائينديون هيون ۽ رقص ڪنديون هيون. خاص طور تي مندرن ۾ديوي، ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ان جا مذهبي نغما، گيت، ڀڄن ۽ ان جو رقص مندر ۾ايندڙ ماڻهن تي جادو واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو ۽ اِهو رواج به هو ته هُو پنهنجي ڇوڪرين کي ديوي يا ديوتا جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا هئا، جيڪو ديو داسيون چورائينديون هيون.
تهذيب جي ترقي ۾عورتن جو هڪ اهم حصو اهو آهي ته هُن معاشري ۾خوبصورتي ۽ نفاست جو احساس پيدا ڪيو، مثال طور ٿانون تي نقش چٽي انهن کي خوبصورت بڻايو، گهرن کي به سليقي سان ترتيب ڏنو ته جيئن محنت کانپوءِ گهر ۾سڪون ۽ آرام ملي سگهي. عورتن واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾حصو ورتو، جڏهن انهن مان ور ڪاروبار جي سلسلي ۾ٻاهر ڪٿي ويندا هئا ته عورتون نه صرف گهر جو انتظام، سار سنڀال، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت کي به ڏسنديون هيون پر پنهنجي ورن سان خطن ذريعي رابطي ۾رهنديون هيون ۽ ان جي ضرورت مطابق انهن کي تجارتي مال موڪلينديون ڪنديون هيون. جڏهن رياست جو ادارو وجود ۾آيو ته حڪمران طبقي فوجي طاقت جي ذريعي پنهنجي حاڪميت قائم ڪئي ۽ پنهنجي سلطنت جي حدن کي وڌائڻ ۽ مال غنيمت جي حاصلات لاءِ جنگن جو سلسلو شروع ڪيو، عورتون ذهني طور تي جنگن جي خلاف هيون، ڇو ته انهن جي روز مرهه جي پُر امن زندگيءَ متاثر ڪنديون هيون، ان ڪري جو انهن جا پُٽ ۽ ور جنگ جي لاءِ ويندا هئا ۽ ان جي واپسي جي اُميد رهندي هئي، ڇو ته فتح ۽ شڪست ٻنهي صورتن ۾ان خانداني زندگيءَ تي اثر پوندو هو، اُنهن جنهن تهذيبي روايتن کي تشڪيل ڏنو هو، جنگ ۽ خونريزي ان کي برباد ڪري ڇڏيندي هئي. پراڻي زماني جي داستانن ۾عورت ۽ مرد جي وچ ۾محبت جا تذڪرا آهن، جڏهن ته هي داستان مردن جا لکيل هوندا آهن پر ان ۾عورت جو ڪردار خاموش ناهي، رونما ٿيل آهي. ان ۾هُو پدرشاهي معاشري جي روايتن کي چئلينج ڪندي آهي، پنهنجي ذات ۽ شخصيت کي آزاداڻو ۽ خودمختيار ٺاهي ڪري پيش ڪندي آهي.
اسان جيڪڏهن تاريخ کي سياسي لاها چاڙهه، اقتدار جي هوس ۽ سازشن کان بالاتر ٿي ڪري اُن جي سماجي ۽ تهذيبي ارتقا کي ڏسنداسين ته اُن ۾عورت جو ڪردار مردن جي مقابلي ۾گهڻو مثبت نظر ايندو، ڇو ته هُن روايتن کي پيدا ڪيو ۽ انهن کي پذيرائي ۽ ترقي ڏني جنهن جو تعلق اڄ به اسان جي روز مرهه جي زندگيءَ سان آهي، يعني ذائقيدار کاڌ خوراڪ، زيورن جو استعمال، رنگن ۾خوبصورتي، فيشن ايبل لباس، گيت ۽ رقص ۽ گهريلو مامرن ۾سليقه مندي. اِهي سڀ عورت جي تهذيبي عمل جو حصو آهن، ان لاءِ ضروري آهي ته عورتن جي هِن شاندار پهلو ۽ ڪردار کي تاريخ ۾وٺي اچڻ گهرجي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *