تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

عورتن ۽ ٻارن سان زيادتي ڪندڙن کي نامرد ڪرڻ جي تجويز: سوشل ميڊيا تي بحث

عورتن سان لڄالٽ ۽ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن نامرد ڪرڻ يا سرعام ڦاهي ڏيڻ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ لڄالٽ ۽ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ ڏوهارين کي نامرد ڪرڻ جو حامي آهيان، ان سلسلي ۾ قانونسازي جي ضرورت آهي. قتل جيان قانون ۾ جنسي ڏوهن جي به درجا بندي هجڻ گهرجي ۽ ريپ ڪندڙ ڏوهارين کي جنسي طور ناڪارا بڻائڻ گهرجي، لاهور موٽر وي لڄالٽ واقعي سڄي قوم کي لوڏي ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت زيادتي جي جوابدارن جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ لاءِ قانون آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذيشان جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نيون سزائون متعارف ڪرائي رڳو عوام کي بيوقوف ٺاهيو ويندو، جڏهن قانون ۾ پهرين ئي سخت سزا موجود آهي رڳو (Implementation)کي يقيني بڻايو، ريپ ڪيسز کي (First Priority)تي کڻو، بغير ڪنهن سياسي (Influence) جي جاچ ٿئي ڇو ته اهڙن ڪيسن ۾ مجرمن جي ڪا نه ڪا سياسي پٺڀرائي نڪري ايندي آهي. جاچ آفيسرن کي گهربل سائنسي تربيت ڏئي (Victim Blaming) کي روڪيو وڃي ته اهو به گهڻو ڪجهه ثابت ٿيندو. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اڪبر علي لکيو ته سڀ ڪوڙا قسم کڻي وڃن ٿا، ان سسٽم کي ختم ڪري فرانزڪ شهادت کي لاڳو ڪيو وڃي هر ضلعي ۾ ليب کوليون وڃن. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفاقي حڪومت پاران زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي نامرد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي غلام عباس چاچڙ لکيو ته وزيراعظم هڪ سوال تي اهڙي راءِ ڏني آهي، اسلم انڍڙ لکيو ته اهو تمام وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي، محمود چاچڙ لکيو ته اهو غير شرعي عمل آهي جڏهن شريعت ۾ سزا مقرر آهي ته شادي شده کي سنگسار ڪيو غير شادي شده کي ڪوڙا هڻو، چور جو هٿ ڪٽيو پوءِ ڏسون ته ڪير ٿو اهڙا ڏوهه ڪري، عزيز جان مغل لکيو ته سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي وڃي، ستار جانور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنسي زيادتي وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي جنسي صلاحيت ختم ڪرڻ واري وزيراعظم جي تجويز کي ڪئين ٿا ڏسو؟ ماجد سمون لکيو ته وزيراعظم اهڙي تجويز تي يوٽرن وٺندو، فقير سڪندر علي لکيو ته تجويز ڀلي آهي اهڙن ماڻهن سان گڏ ڪرپشن ڪندڙن کي به ان قسم جي سزا ڏيڻ گهرجي.ذوالفقار وساڻ لکيو ته فيصلو بهتر آهي پر ان تي عمل نه ٿيندو، علي نواز لکيو ته جوابدار کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي يا وري سرعام گولي مارڻ جي سزا ڏني وڃي،قاسم عادل لکيو ته اها سزا تمام گهٽ آهي.برڪت نوناري لکيو ته جيڪڏهن اهو قانون لاڳو ٿئي ته اسڪولن، مدرسن، اين جي اوز، پوليس، ٽرڪ ڊرائيون ۾ اڌ کان وڌيڪ نامرد ٿي ويندا.عزيز الله شر لکيو ته ان فهرست ۾ وڏيرا جاگيردار بيوروڪريٽ به لکيا وڃن، عارف علي لکيو ته گهٽا ڊاڪٽر به ان فهرست ۾ ايندا، محمد اسحاق لوهر لکيو ته انهي ساز سان گڏ اهڙن جوابدارن کي يقينن قيد جي به سزا ملندي هڪ ڏينهن آزاد ٿي جيل کان ٻاهر ايندا، ڪاوڙ، نفرت، ڪروڌ ڀريل سوچون کڻي معاشري ۾ قتل جهڙا ڏوهه ڪندا، تنهن ڪري اهڙي سزا عجيب لوجڪ ۽ سزا جو تصور آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *