تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ رياستي ذميواريون!….شميم مري

انسان جيئن جيئن شعور جي انتھائن کي ڇھندو، ڪائنات جي اسرارن کي ڦلھوريندو ۽ سمجھندو پيو وڃي تيئن تيئن ھو پاڻ کي وڌيڪ سمجھدار ۽ ذميوار به محسوس ڪندو پيو وڃي. اڄ جو انسان اھو ڄاڻي ٿو ته ترقي ۽ خوشحالي گڏيل ڪوششن ۽ امن سان ئي ممڪن آھي. اھو امن جنهن ۾ ھر ڪو پاڻ کي محفوظ سمجهي پنهنجون صلاحيتون مجموعي انساني ترقي لاءِ استعمال ڪري بغير ڪنهن طبقاتي ۽ صنفي اڻ برابري جي. خوشحالي اھا جيڪا ڪنهن مخصوص طبقي، صنف، ملڪ ۽ کنڊ بجاءِ ھر ھنڌ، ھر ملڪ، ھر کنڊ ۽ ھر ھڪ لاءِ ھجي. ان ئي سوچ کي کڻي اڄ جي انسان مختلف عالمي ادارا جوڙيا ته جيئن پاليسيون جوڙجن ۽ دنيا جي ھن گولي کي دوزخ جي در بجاءِ ھر عام و خاص لاءِ سک ۽ سڪون جو ھنڌ جوڙجي. اھوئي سبب آھي ته ماضي جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۽ ملڪن جا حڪمران اڄ وڌيڪ ذميوار به آھن ته وري پاڻ کي پنهنجي ملڪ جي عوام ۽ باقي عالمي دنيا اڳيان جوابده به سمجھندا آھن. ھنن کي پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ھر انساني غلط عمل ۽ ظلم جو عالمي ادارن اڳيان جواب ڏيڻو پوي ٿو، پوءِ چاھي اھي انساني حق ھجن يا ٻارن ۽ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتيون ھجن. دنيا جي تبديل ٿيندڙ حالتن، مسلسل وڌندڙ آبادي ۽ ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي چٽاڀيٽي اڄ جي مرد کي مجبور ڪيو ته ھو عورت بابت سندي سوچ کي به تبديل ڪري ۽ کيس شيءِ بجاءِ انسان سمجھي. کيس ملڪيت سمجهي گھر ۾ بند ڪرڻ بجاءِ ان جي صلاحيتن کي پنهنجي خاندان ۽ ملڪي ڀلائي لاءِ استعمال ڪري.
ويجھڙائي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جن به ملڪن ان ڳالھ کي سمجھيو ۽ پنهنجي اڌ آبادي جي صلاحيتن کي ملڪي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو، اھي ملڪ ترقي جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳيان اڳيان آھن ۽ جتي به عورتن جي صلاحيتن کي جنسي مت ڀيد جي ور چاڙھيو ويو اھي ملڪ اڄ به پندرھين سورھين صدي جي زندگي گذاري رھيا آھن ۽ ترقي جي عمل ۾ گھڻو گهڻو پٺيان آھن. انھن ملڪن جي آبادي جو گھڻو حصو ته ذھني، جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۽ مونجھارن جو شڪار آھي. انھن ملڪن ۾ عورتن کي مارڻ، مٿن تشدد ڪرڻ ۽ زيادتي عام ڳالھ آھي. ايسيتائين جو اتي معصوم ٻار به ظلم ۽ زيادتين جو شڪار آھن. توڻي جو اھي ملڪ ۽ انهن جا سربراھ ان ظلم زيادتين کان باخبر به آھن ۽ ھر سال عالمي ادارن اڳيان انهن سڀني عملن جي ڪري شرمندھ به ٿيندا آھن ۽ نوان واعدا به ڪري ايندا آھن پر عملي طور ڪجھ به ڪرڻ کان عاجز ھوندا آھن ۽ ان لاءِ ھو مختلف بھانا پيا ڳوليندا آھن، ڪڏهن معاشي حالتن جو روئڻ روئيندا آھن ته ڪڏهن وري مذھب جي آڙ وٺندا آھن. اھڙن ئي ملڪن ۾ ھڪ ملڪ پاڪستان به آھي.عورتن ۽ ٻارن سان ظلم ۽ زيادتين جي حوالي سان پاڪستان دنيا جي ڇھين نمبر تي خطرناڪ ملڪن ۾ شامل آھي. اخباري رپورٽن مطابق صرف 2014ع کان ٢٠١٧ع جي وچ عرصي ۾ عورتن تي تشدد جا 51,241 ڪيس رپورٽ ٿيا. انھن ۾ 5500 ڪيس ته صرف عورتن جي اغوا جا ھئا. ھي ڪيس ته اھي آھن جيڪي رپورٽ ٿيا پر انھن ظلم ۽ زيادتين جا انگ اکر ڪٿان گڏ ڪجن جيڪي گھرن جي چارديوارن اندر ٿيا ۽ دٻجي ويا؟. جيڪي ڪيس منظر عام تي آيا ۽ رپورٽ ٿيا انھن جو به ڇا ٿيو؟ صرف 2.5 سيڪڙو ماڻھن کي سزا آئي باقي سڀ آزاد. سنڌ اندر ئي ڏسون ته ٻھراڙي ته پرتي اسان وٽ ته نياڻيون اسان جي تعليمي ادارن ۾ به محفوظ ناھن ۽ ھاسٽلن اندر ڏينهن ڏٺي جو ماريون ٿيون وڃن ۽ بجاءِ صحيح تحقيق جي ۽ انصاف جي الٽو اھي ڪيس نه صرف خودڪشي قرار ڏئي دٻايا ٿا وڃن پر ميڊيا تي اچي ذميوار حلقن ھٿان انهن جي ڪردارڪشي به ڪئي ٿي وڃي ۽ والدين کي مجبور ڪيو ٿو وڃي ته ھو ڪيس جي پوئواري تان ھٿ کڻي وڃن. سنڌ يونيورسٽي جي نائله رند کان وٺي لاڙڪاڻي جي نمرتا تائين ڪنھن کي انصاف مليو؟. ٻيو ته ٺھيو لمس جي سائرا ته حال حيات آھي ۽ انصاف لاءِ پيءُ سميت ٻاڪاري رھي آھي پر الزام ھيٺ آيل استاد اڄ به يونيورسٽي اندر موجود آھن. ميرپورخاص نرسنگ ھاسٽل اندر ته الائي ڪيتريون ڪھاڻيون آھن جيڪي اڄ تائين دٻيل آھن تازو ئي ٽئين سال ۾ پڙھندڙ ندا آرائين سان گينگ ريپ جو واقعو ٿيو جنهن جو الزام ھاسٽل وارڊن ۽ اسپتال جي ايم ايس تي آھي پر اھي ٻئي اڄ به ساڳين عھدن تي ڪم ڪري رھيا آھن.
سوال اھو آھي ته ڇا اھڙي صورتحال ۾ انصاف جي اميد رکي سگھجي پيو. ھن سڄي صورتحال ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن ۽ ادارن جو ڪردار نه جي برابر آھي ۽ ايئن پيو لڳي ته عورتون ھن ملڪ جي شھري ئي نه ھجن. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ٿيندو آھي ته واقعي به اسين ڪنهن رياست ۾ رھون ٿا؟ ڇاڪاڻ ته رياست ۽ رياستي ادارا ته ڪٿي ڳولي نه ٿا ملن ھي ملڪ ته ڏاڍن، ظالمن ۽ رھزنن جي حوالي ٿيل آھي جتي اھي ظالم ۽ رھزن بي خوف ٿي گھمندا ۽ ظلم ڪندا ٿا وتن. عالمي ادارن مطابق ايٿوپيا، افغانستان، يمن ۽ شام بعد پاڪستان عورتن ۽ ٻارن سان ظلم ۽ زيادتين جي حوالي سان بدترين ملڪ آھي ۽ جي پاڪستان سرڪار ڪي فوري ۽ عملي قدم نه کنيا ته شايد ئي ھو ٢٠٣٠ع تائين ايس ڊي جيز ٽارگيٽ پورو ڪري سگھي. پاڪستان ته صنفي برابري جي حوالي سان ڏکڻ ايشيا جي ملڪـن ۾ به سڀ کان پٺيان آھي. ان کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالھ ڪھڙي ھوندي ته جنهن ملڪ ۾ ٻه دفعا ھڪ عورت وزيراعظم ٿي ھجي. جنهن ملڪ ۾ عورت اسپيڪر ٿي اچن، جنهن ملڪ جي نياڻي نوبل انعام کڻي چڪي ھجي اھو ملڪ مجموعي صنفي اڻ برابري ۾ ايس جي ڊيز معاھدي جي 149 ملڪن منجھان 148 نمبر تي ھجي.
ظلم ۽ زيادتيون رڪجي سگھن ٿيون، اڻ برابري ختم ٿي سگھي ٿي، تڏهن جڏهن رياست سنجيدھ ٿئي. عورتن کي معاشري جو فرد سمجھيو وڃي. عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ ھر ضلعي اندر الڳ جيل ۽ ڪورٽون ھجن جيڪي صرف عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جي مسئلن کي ڏسن ۽ انھن کي تڪڙو حل ڪن. عورتن لاءِ وڌ کان وڌ تعليمي ادارا قائم ڪيا وڃن جيڪي گھرن جي ويجهو ھجن ته جيئن انھن تائين رسائي آسان ھجي. پڙھيل عورت ئي ھڪ با اخلاق ۽ تربيت يافته نسل ڏئي سگھي ٿي. عورتن کي نوڪرين لاءِ ھمٿائجي ۽ انهن لاءِ ڪجھ نرميون رکجن ته جيئن وڌ کان وڌ عورتون نوڪريون حاصل ڪري سگھن ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي اقتصادي حالتن کي بھتر ڪري سگھن.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *