تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ عدالتي ڇاپو: ٿاڻي تي زنجيرن سان ٻڌل شهري بهادر علي بازياب*
  • *اسلام آباد: کنڊ جا اگهه ڇو وڌيا؟ وزيراعظم عمران خان پاران کنڊ جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم * اسلام آباد: ڪميٽي ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب ۽ آءِ بي جو نمائندو شامل هوندو *
  • *راڄو خاناڻي ڀرسان 55 ورهين جي پيرسن محمد بچل ڪوري وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي*
  • سنڌ سرڪار ڪي سي آر جي بحاليءَ لاءِ نقشو پيش ڪري ڇڏيو*ايندڙ ٻڌڻيءَ تي وري نقشو ٻيو هوندو (چيف جسٽس) نه سر! ساڳيو ئي هوندو: اي جي سنڌ*
  • سوچي ڳالهايو، هتان جيل موڪلي سگهون ٿا، ٻارن وانگر لڳا پيا آهيو ته هي ڪنداسين، هو ڪنداسين: سُپريم ڪورٽ جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ*سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ سيڪريٽري ريلوي پيش*لکي ڏيو ته نٿو ٿي سگهي ته جيئن قصو ئي ختم ٿئي، توهان جي ڪهاڻي سنڌ حڪومت هڪ سال اڳ ٻڌائي ڇڏي هئي: چيف جسٽس جا ريمارڪس*

عورتن جي هر پسند فيمينسٽ ناهي هوندي ….هيريٽ هال

جڏهن هيٽي فريڊن کي چيو ويو ته هوءَ پنهنجي ڪلاسين کان، پندرهين ري يونين تي سروي ڪري ته هن هڪ عالمي تحريڪ شروع ڪرڻ جو نه سوچيو هوندو پر سندس سوالن جا جواب هي جواب سامهون آيا ته هن جون سهيليون گھريلو عورتن جي زندگيءَ مان ناخوش هيون. انهن جا جواب 1963ع ۾ سامهون ايندڙ “دي فيمينن ميسٽيڪ” جي بنياد تي رکيل هئا، جيڪا فيمنزم جي ٻين لهر جو سبب بڻي.
هاڻي اڌ ڏهاڪي کانپوءِ انٽرنيٽ جو هڪ ننڍڙو حصو واپسي جي رستي تي هلي رهيو آهي ۽ اهو پاڻ سان وڌيڪ عورتن کي آڻي رهيو آهي. هٿ ٺوڪيو “ٽراڊ – وائيوز” گھريلو عورتن جو هڪ گروپ آهي، جيڪي خوشي سان قبول ڪنديون آهن ته عورتن جو ڪردار رڳو گھر جي حد تائين محدود آهي ۽ اهي پنهنجي مڙس جي فرمانبرداري ڪن، ايستائين جو هڪ پرهيزگاري واري زندگي گذارين، جيڪو انهن جو خيال آهي ته فيمينسٽن انهن کان کسي ورتي آهي.
جڏهن برطانيا ۾ جيم سينڊوچز ۽ ٽي پارٽين جو دور هلندو هو، يعني هي ٻين مهاڀارين جنگ جي دور جي ڳالهه آهي. جنهن ۾ عورتن گھر هلائڻ وارو محاذ به سنڀاليو هو، هنن پنهنجي گھر جي ذميوارين کي ڇڏي، پنهنجي مڙس جو ڪردار ادا ڪرڻ به شروع ڪيو هو ۽ وڏي انگ ۾ نوڪريون پڻ ڪرڻ لڳيون هيون. هي اهائي جنگ هئي، جنهن ۾ فيمينزم جي ٻي لهر ڇولي بڻجي اٿي هئي ۽ جڏهن عورتن کي اندازو ٿيو ته اهي وڏو ڪردار ادا ڪرڻ جي اهل آهن، ته اهڙي ريت پاڻ کي حقيقي ٽراڊ وائيف (ڄاڻايل گروپ جي ميمبر) ثابت ڪندي پنهنجي مڙس جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ چيو ته ڇا توهان کي ڪم نه ڪرڻ گھرجي؟ هڪ نقطو جيڪو آئون واضح ڪرڻ چاهينديس، اهو هي آهي ته هي عورتن جو ئي اختيار آهي ته هو گھر ۾ رهڻ چاهين ٿيون يا گھر کان ٻاهر ڪنهن به شعبي ۾ ڪم ڪرڻ ٿيون چاهين، پر ان بابت اسان پوءِ ڳالهائينداسين.
ان سموري “تحريڪ” جو سڀ کان حيران ڪندڙ حصو انهن عورتن طرفان ڪيل “روايت” جو ذڪر آهي. اهي عورتون ايئن ظاهر ڪري رهيون آهن ته اهو سڀ ڪجھه فطري آهي ۽ کين اهو رويو ناهي سکياريو ويو. جيئن سائمون ڊي بووئر جي مشهور چوڻي آهي ته “هڪ عورت پيدا ناهي ٿيندي پر هوءَ ٺهندي آهي”. عورتن جي گھرن ۾ رهڻ، صفائي ڪرڻ ۽ جوراب ڌوئڻ جو ڪو فطري يا بائلاجيڪل سبب نه آهي. گھرن ۾ شام ڇهين وڳي تائين کاڌو تيار ڪري ميز تي رکڻ، ازدواجي رشتن ۾ “مخلص” رهڻ يا پرهيزگار هجڻ ۾ ڪجھه به فيمنن نه آهي. “فيمينزم” جو اهو خيال مڪمل طور هٿرادو آهي. روايت جيڪا اسان جي ذات ۾ پاڙون هڻي وئي آهي ۽ اهي رويا جيڪي اسان کي سيکاريا ويا آهن، اهي هزارين سالن کان پدرشاهي اسان تي مڙهيا آهن. ڇا اسان وٽ ڪو ٻيو رستو نه بچيو آهي جڏهن مردن ڊگھو عرصو اڳ ئي اهو سڀ ڪجھه طئه ڪري ڇڏيو آهي؟
هن گروپ (ٽراڊ وائف) سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي عورتن 9 کان 5 وڳي تائين گھر کان ٻاهر رهي ڪم ڪرڻ جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ کان پوءِ گھر رهڻ جو خيال، کاڌو تيار ڪندي پسنديده موسيقي وغيره ٻڌڻ هڪ دلچسپ زندگي محسوس ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن اسان حقيقي طور روايتن تي عمل ڪريون ٿا ته ڇا اسان کي پنهنجي ووٽ کان موڪلائڻ نه گھرجي؟ ۽ ان وقت ۾ واپس هليو وڃڻ گھرجي جڏهن عورتن کي بيجان مال جيان وڪيو ويندو هو ۽ جڏهن مڙسن کي پنهنجي زالن جو ريپ ڪرڻ جي قانوني اجازت هئي؟
جيڪڏهن هن تحريڪ لاءِ اهي ئي شڪايتون آهن ته اهو ڄاڻن دلچسپ هوندو ته پدرشاهي نظام جي سامهون هار مڃڻ کان پوءِ ڇا عورتن جي ان گروهه اها ڳالهه يقيني بڻائي ورتي آهي ته اهي غيرمساوي پگھار يا جنسي هراساني جھڙن مسئلن سان منهن ڏيڻ کانپوءِ گھر واپس اچڻ ۽ روزمرهه جي ڪمن ۾ واقعي دلچسپي بحال رکي سگھن ٿيون؟ اهڙين حالتن ۾ آڻ نه مڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي.
هاڻي ڳالهه ڪريون ٿا پسند جي: هي اهو مٺو لفظ آهي جيڪو فيمينزم جي باري ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻول ۾ هر هر استعمال ٿيندو آهي. فيمينزم کي صرف پسند تائين محدود رکڻ هڪ ٿڪل ۽ ڊگھي وقت کان وساريل خيال آهي جيڪو فيمينزم جي بنيادن کي کوکلو ڪري رهيو آهي. هر اهو قدم جيڪو عورتون کڻنديون آهن، اهو فيمينست فيصلو ناهي هوندو، بلڪل اهڙي ريت گھريلو عورت بڻجن بغاوت نه آهي. توهان هڪ ئي وقت ۾ باغي ۽ روايت پسند نٿا ٿي سگھو. ڪيترائي عنصر آهن جيڪي ٻڌائين ٿا ته گھر ۾ رهڻ ڪيترين ئي عورتن کي پسند ناهي ايندو ۽ ايئن ڪرڻ انهن جي مجبوري هوندي آهي. پر ان کي پسند قرار ڏيڻ اشرافيه جي سوچ آهي ۽ هي عورتن ڪو ڪريڊٽ ناهي ڏيندو.
ڪجھه ماڻهن ٽراڊ وائيوز جھڙن گروپن جو لاڙو وڌڻ کي مردن جي غلبي واري تمام ساڄي ڌر جي سوچ جي عروج سان ڳنڍيو آهي، ان جي ڀيٽ جرمني جي نازي حڪومت ۽ ان پروپئگنڊا سان به ڪئي پئي وڃي ته “عورتن جو تعلق صرف گھر سان آهي.” ڪيترين ئي ٽراڊو وائيوز ان راءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ گھڻن، خاص طور هڪ عورت جنهن اسان ڳالهايو آهي ۽ هن جيڪا زبان استعمال ڪئي آهي، ان کان پوءِ اهو ڏسڻ تمام سولو آهي ته نازين سان ڀيٽ اصل ۾ ڇو پئي ڪئي وڃي.
ايلينا ڪيٽ ۽ پيٽسيٽ، جوڊي ڊارلنگ اڪيڊمي نالي يوٽيوب چينل هلائينديون آهن، هنن براڊڪاسٽر کي ٻڌايو ته جڏهن اهي پنهنجي مڙس سان مليون ته هنن چيو ته “مان ڄاڻان ٿو ته توهان کي اهڙو مرد گھرجي جيڪو توهان جو خيال رکي ۽ توهان کي تحفظ جو احساس ڏياري.” هو چون ٿيون “ڏاڍي نرميءَ سان پاڻ کي اهڙي انسان طور پيش ڪيو.” ان ۾ فيمينزم جو ڪهڙو حصو آهي، جنهن ۾ سندن مڙس انهن کي پنهنجي پسند جي چونڊ ڪرڻ جو حق ڏنو هجي؟
هلندڙ مهيني “ميڪ ويمن گريٽ اگين” نالي ڪانفرنس خبرن ۾ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ واعدو ڪيو ويو آهي ته هو عورتن کي سيکارينديون ته هو ڪيئن “مثالي گھرواري” بڻجي ٿيون سگھن ۽ ڳورهاريون ٿي اڻ ڳڻيا ٻار ڄڻي ٿيون سگھن. ان ۾ چيو ويو آهي ته “هاڻي توهان کي فيمينسٽن جي جارحاڻي ۽ پريشان ڪندڙ رويي کان آڻ مڃڻ جي ضرورت نه آهي ۽ نه ئي هڪ عورت طور پنهنجي قديم ۽ حياتياتي ڪردار خلاف وڃڻ جي ضرورت آهي. مرد توهان جي مدد لاءِ اچي چڪا آهن جيئن عورتن کي ٻيهر عظيم بڻائي سگھجي.” اهو ياد رهي ته عورتون به مردن جيتريون ئي عورت دشمن ٿي سگھن ٿيون.
– ترجمو: ارشد سولنگي

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *