تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

عورتن جو اسان جي سماج ۾ مقام…ورثا پيرزادو

ماضي تي غور ڪري ڏسون ته اڄ عورت وڌيڪ آزاد ۽ خودمختيار آهي پر هاڻي به عورت کي حقير ۽ ڪمتر سمجهڻ وارو ذهن ڪٿي نه ڪٿي نظر اچي ٿو.مان پنهنجي مضمون جي شروعات هڪ ڪتاب تي ٿوري تجزيي سان ڪريان ٿي ته هڪ ڪتاب “بهشتي زيور” ۾ عورت جي مقام کي “اشرف علي ٿانوي” جيترو ڪريل ۽ حقير ڪري پيش ڪيو آهي ان مطابق اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ڪجهه مردن کي عورتن سان ۽ عورتن جي ترقي/جدوجهد ڪرڻ سان ذاتي مسئلو رهيو آهي.اهڙن مردن کي انگريزي ۾ Misogynist چيو ويو آهي. ان جي ابتڙ ماڻهو سمجهندا آهن ته Feminist اهي عورتون آهن جيڪي مردن کان نفرت ڪنديون آهن.حقيقت ۾ اها سوچ غلط آهي.فيمينسٽ عورتن شروع کان وٺي سماج ۾ برابري آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جنس جي بنياد تي سماجي تفريق جي مخالفت ڪئي آهي.هتي فيمينزم جو مطلب سمجهائڻ ان لاءِ ضروري آهي ته اڳتي هلي فيمينسٽ پاران هر سال ٿيندڙ عورت مارچ بابت ڳالهه ٿيندي.اسان جي مرداڻي سماج ۾ اهڙا مارچ ڪرڻ ناممڪن ڪم هجڻ جي برابر آهي پر هتي ڪجهه بهادر ۽ باهمت عورتن پنهنجي باصلاحيت ڪارڪردگي سان هميشه عورتن کي اتساهيو آهي ته هو به ايئن هر ميدان ۾ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري سگھن ٿيون.
اشرف علي ٿانوي صاحب جا پيروڪار هينئر به موجود آهن.مولانا صاحب “مرد عورت کان افضل آهي” تي هي سڄو ڪتاب لکي عورتن کي ڪيئن هلڻ گھرجي،ڪيئن کائڻ گھرجي، ڪيئن اٿڻ گھرجي ۽ ڪيئن ويهڻ گھرجي جهڙيون ڳالهيون لکيون آهن پر ان ڪتاب ۾ ڪٿي به “علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي” جهڙين ڳالهين کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو آهي.اهڙا ڪتاب هڪ سوچ کي جنم ڏيندا آهن اهڙي سوچ جيڪا سڀن کي خاص ڪري مردن کي مسوجنسٽ ٿيڻ طرف راغب ڪندي آهي .اهڙا ڪتاب سماج ۾ عورت جي مقام کي متاثر ڪندا آهن.ان کان پوءِ هڪ دور اهڙو به آيو جنهن ۾ اسلامي سوشلزم جو نعرو لڳايو ويو ۽ عورتن کي ڪجهه آزادي ملي. ڪنهن حد تائين عورتون بزنس وومين ٿيڻ شروع ٿيون، پڙهڻ لکڻ شروع ڪيو ۽ هڪ آزاد ماحول ۾ هڪ آزاد فرد جي حيثيت سان رهڻ شروع ڪيو پرگھڻو وقت اهو نه هلي سگھيو ۽ هڪ مذهبي انتها پسند ڊڪٽيٽر اچي عورتن کي ٽارگيٽ بڻايو. مذهب جي نالي تي اهڙا قانون لاڳو ڪيا ويا جيڪي بلخصوص عورتن لاءِ زنجيرن جو ڪم ڪري ويا. عورتن جي آزادي واري حقن جي لتاڙ ڪئي وئي.انهي سختي کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڪجهه عورتن آواز اٿاريو.ان دور ۾ ايئن عورتن جو احتجاج ڪرڻ ۽ آواز اٿارڻ ايترو آسان نه هو پر جس هجي انهن بهادر عورتن کي جيڪي روڊن رستن تي پنهنجي لاءِ ۽ ٻين عورتن لاءِ حقن جي ڳالهه ڪرڻ آيون. انهن عورتن تڪليفون ۽ سختيون برداشت ڪيون. عورتن لاءِ عورتن پاران تنظيمون ٺاهيون ويون ۽ معاشري ۾ عورت جي ڪردار،صلاحيت ۽ اهميت بابت شعور پکيڙيو ويو.ان جو اعزاز به انهن پڙهيل لکيل عورتن کي ڏبو جيڪي هن مرداڻي سماج ۾ باغي ٿيون ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو رقم ڪيو.انهن عورتن سماج ۾ عورتن جو بهتر مقام رکڻ جون ڪوششون ڪيون.اهي ڪوششون هاڻي به جاري آهن.
موجوده حالتن ۾ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ عورت جي اهميت لاءِ جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي اها “عورت مارچ” جي نالي سان مشهور آهي. عورت مارچ جو ذڪر ڪندي هلان ته هن مارچ جو مقصد عورت ۾ خود اعتمادي ۽ بهادري بحال ڪرڻ آهي جيڪا وقت بوقت گھٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.هي مارچ انهن رسمن ۽ رواجن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي جيڪي دقيانوسي آهن ۽ عورتن جي تذليل جو باعث آهن.عورت مارچ جي مخالفت ڪرڻ وارن جي ذهنيت اڃا تائين “بهشتي زيور” واري آهي.اهڙا ماڻهو جن ۾ ڪجهه عورتون به شامل آهن ۽ مردن جي اڪثريت شامل آهي، اهي نٿا چاهين ته پدرشاهي وارو نظام ختم ٿئي. جيئن ته ماڻهو جي سماج ۾ حيثيت ماڻهن جي ذهن سان لاڳاپيل آهي ته ضروري آهي اهڙا قدم کڻجن جيڪي ذهنيت تبديل ڪن.هڪ ماڻهو جيترو باشعور هوندو اوترو آزاد خيال هوندو ۽ جيترو آزاد خيال هوندو اوترو شخصي آزادي جو حامي آهي.شخصي آزادي هر فرد جو بنيادي حق آهي. موجوده دور ۾ عورتن کي ڪنهن حد تائين آزادي ملي آهي.ان باوجود کين هيسائڻ لاءِ، ڊيڄارڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن، کين هن مرداڻي سماج ۾ گھر کان نڪرڻ وقت خوف رهندو آهي،.هر وقت کين پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي.ڇاڪاڻ ته هتي عورتون محافظن کان به محفوظ ناهن.بي شڪ سڀ مرد هڪ جهڙا ناهن پر عورتن سان ٿيندڙ سانحه سڀني مردن سان لاڳاپيل آهن.سڀ عورتون مرداڻي سماج ۾ ڀوڳينديون آهن.بحرحال موجوده دور ۾ ميڊيا جي آزادي سان اسان وٽ معاشري ۾ ٿيندڙ خراب واقعن جي خبر جلد پئجي ويندي آهي جنهن سان اندازو لڳايو ويو آهي ته عورتن سان جنسي زيادتي ، تشدد ۽ جنسي هراسان ڪرڻ وارا واقعا وڌندا پيا وڃن.اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ ان کي هر گز نظر انداز نه ڪرڻ گھرجي.عورت جو سماج ۾ ڪردار مٿي لکيل ڳالهين مان واضح ٿي چڪو آهي.
هاڻي ان سوال جو به جواب آهي ته اهي واقعا ٿيڻ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ظاهر آهي ته اها سوچ آهي جنهن جي ڪري عورت کي انسان نٿو سمجهيو وڃي.ان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڏوهاري کي ڦاهو ڏيڻ سان سي سي پي او لاهور جي سوچ تبديل نٿي ٿي سگھي. انهن جي سوچ جو اثر و رسوخ هن وقت تائين آهي.هاڻي ان جو حل ڇا ٿي سگھي ٿو؟ ڪيئن ذهنيت يا سوچ تبديل ڪجي؟
01-اسان جي درسگاهن ۾ اهڙا مضمون هن وقت تائين شامل آهن جيڪي صرف ڇوڪرين کي پڙهايا ويندا آهن مثال طور “گھريلو معاشيات” نالي جو ڪتاب صرف ڇوڪرين کي پڙهائڻ جو مقصد ڇا آهي؟ گھر جو علم ته مردن ۽ عورتن ٻنهي کي هجڻ گھرجي.اهڙا مضمون يا ته ختم ڪيا وڃن يا وري بنا فرق جي ٻنهي کي پڙهايا وڃن.
02-ميڊيا جي ذريعي اهو پيغام پکيڙجي ته ٻئي جنس برابر آهن.ٻارن جي پرورش جي ذميداري جيتري عورت جي آهي اوتري مرد جي آهي.ٽيڪنيڪل ڪم جيترو مرد ڪري سگهي ٿو اوترو هڪ عورت به ڪري سگهي ٿي.
03-گھرن ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي ان قسم جي تربيت ڏين ته ٻارن ۾ فرق نه هجي . ڌيءُ ۽ پٽ ۾ بنا فرق جي حق ۽ فرض ورهائين ۽ کين دنيا بابت سمجهائن.
04-فيڪٽري يا آفيس يا ڪنهن اداري ۾ عورت کي اهو احساس ڏيارڻ بدران ته هو عورت آهي جيڪا مردن جي وچ ۾ عجيب مخلوق لڳي ٿي کيس انسان سمجهي عزت ڏين.اهڙا مزاق يا جملا نه چوڻ جيڪي عورت جي تذليل ڪن.
05- اهڙا ڊراما يا فلمون تخليق ڪرڻ جن ۾ سماج اندر عورت ۽ مرد کي معاشي،معاشرتي ۽ سياسي طور برابر ڏيکارين.
انهن ڳالهين تي عمل ڪري معاشري ۾ عورت جو حقيقي مقام کيس واپس ملي سگھي ٿو جنهن سان معاشري ۾ امن امان بحال ٿي ويندو ۽ ملڪ و قوم عالمي طور تي ترقي ڪندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *