تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

عورتن تي تشدد جي خاتمي جي ويڙهه ۽ اسان جون ذميواريون….ريحانه شيخ

هاڻي اها ڳالهه عالمي طور تي تسليم ٿي چڪي آهي ته عورتن تي تشدد ۽ زيادتي جو بنيادي سبب سماجي ۽ معاشي طور ڪمزور حيثيت آهي ۽ ان ڪمزور حيثيت جون جڙون صدين تي ٻڌل پدرشاهي نظام سان ڳنڍيل آهن، جيڪي مرد کي بالادست بڻائين ٿيون. پدرشاهي نظام جون غلاظتون ايتريون ته گهريون آهن جيڪي هڪ انسان کي ٻئي انسان کان بالاتر/ مٿانهون سمجهڻ هو حق ڏين ٿيون نه ته اها ڳالهه ڪنهن به سوچيندڙ ماڻهو جي سمجهه کان ٻاهر آهي، ته هڪ ماڻهو ٻئي تي ڪنٽرول ڪرڻ جو حق ڇو ٿو رکي؟ جڏهن ته ٻئي ماڻهو پنهنجي صلاحيتن، دماغ ۽ احساسن ۾ هڪجھڙا آهن. ڇا رڳو جسماني فرق جي ڪري هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو تي برتري حاصل ڪري سگھي ٿو؟ اها صورتحال رڳو مردن ۽ عورتن جي حد تائين ناهي، پر ٽئين جنس جا ماڻهو به ساڳئي يا کان به بدترين تشدد جا شڪار ٿين ٿا. اسين رڳو پنهنجي آسپاس نظر ڦيرايون ته نظر اچي ويندو ته ڪيئن ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو فرق ڄمڻ کان وٺي شروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو عمر وڌڻ سان گڏ اڃان به وڌيڪ سگھارو ٿيندو وڃي ٿو، تڏهن ئي ته هڪ ڇوڪري يا عورت جي حفاظت لاءِ 5 سالن جو ڇوڪرو ئي ڪافي آهي. اهو اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇو هڪ ڇوڪري ڇوڪرن وانگر پڙهڻ، راند ڪرڻ ۽ ڪم سانگي ٻاهر نٿي نڪري سگھي ۽ ڇو هڪ عورت پنهنجي خوابن ۽ آدرشن کي پورو نٿي ڪري سگھي ۽ ڇو هوءَ ڪنهن ٻئي فرد جي فيصلي جي محتاج آهي؟ ۽ ڇا اهو ايترو ڏکيو آهي جو مرد ۽ عورتون برابري جي بنياد تي هڪ ٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿي سگھن؟
مٿين سوالن جا جواب اسان کي هڪ ئي طرف وٺي ويندا ته پدر شاهي جو نظام ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پالنا ۽ پرورش اهڙي ريت ڪري ٿو ۽ سڄي نظام، قانونن، پاليسين ۽ ادارن کي اهڙي طرح منظم ڪري ٿو جيڪي مردن کي طاقتور ۽ عورت کي ظلم ۽ نابرابري سهڻ واري مشين هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏين ٿا، مشين به اها جيڪا نظراندازي کان وٺي مار موچڙي ۽ جنسي زيادتي جھڙن عذابن کي سهي سگھي. ساڳئي طريقي سان پدرشاهي نظام مرد جي آکين تي عزت ۽ غيرت جي اهڙي پٽي ٻڌي ٿو ڇڏي جا کين عورت جي معاملي ۾ پيار، خلوص، نرمي ۽ ٻين تي اعتماد ڪرڻ جھڙين خوبين کان پري ڪريو ڇڏي ۽ مرد روايتن جي آڙ ۾ پنهنجن کي قتل ڪندي به دير نٿو ڪري. نه صرف ايترو پر سماج عورت کي اندروني طور تي ايترو هيڻو ٿو ڪري ڇڏي جو هوءَ مرد جي بالادستي کي ان جو حق سمجھندي ناانصافي، غلامي ۽ تشدد کي سهڻ هڪ سٺي عورت جون نشانيون سمجھي ٿي. مثال طور، 2014ع ۾ يونيسيف جي سهڪار سان ٿيل سنڌ حڪومت جي هڪ سروي (Sindh Multi Culture indicator survey) موجب 15 کان 49 سالن جي عمر وارين عورتن جي 49 سيڪڙو ٻڌايو ته هيٺين 5 سببن جي ڪري جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي ڌڪ يا موچڙا هڻي ٿو ته اهو جائز آهي.
جيڪڏهن عورت بنا ٻڌائڻ جي گھر کان ٻاهر وڃي ٿي.
ٻارن کي نظرانداز ڪري ٿي.
ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪري ٿي.
جنسي تعلق (Sex) کان انڪار ڪري ٿي
کاڌو ساڙي ٿي.
هاڻي سوچيو ته باقي عزت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ ڇا بچيو؟ هي مردن جا تشدد ۽ ناانصافي پسندگي وارا رويا ڪنهن هڪ ڏينهن جي پيداوار نه آهن. انهن روين ٺاهڻ جي پٺيان صدين ۽ سالن جي طاقتور طبقن، گروهن ۽ فردن جي محنت ٿيل آهي. پورو سياسي، معاشي ۽ سماجي ڍانچو عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد ۽ ناانصافي کي وڌائڻ ۾ مددگار آهي. اسين صرف سرڪاري انگن اکرن کي ڏسنداسين يا اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن جو جائزو ئي وٺنداسين ته عورتن ۽ ڇوڪرين ڏانهن عام ماڻهن ۽ سڄي نظام جو نابرابري وارو رويو سمجھه ۾ اچي ويندو. تعليم جھڙي بنيادي حق کان محروم رکڻ کان وٺي، ننڍي عمر جي شادي، زوري شادي، زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ، صحت ۽ خانداني منصوبه بندي جي سهولتن تائين پهچ نه هجڻ، جنسي زيادتي، ڪارنهن جي الزام ۾ مارجڻ تائين، انيڪ قسمن جي زيادتي جا نمونا ملندا جتي عوام ۽ رياست جي ناانصافي صاف ۽ چٽي نظر ايندي. رڳو تعليم ۾ ئي ڏسنداسين ته صرف 25 سيڪڙو ڇوڪريون مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگھن ٿيون. اهڙي نموني ننڍپڻ جي شادي به عروج تي آهي. مٿي ذڪر ٿيل سروي موجب31 سيڪڙو عورتون/ڇوڪريون 18 سالن جي عمر کان پهرين شادي ڪن ٿيون.
ان سڄي صورتحال ۾ هاڻي سوچڻو اهو آهي ته ڇا عورتن جي حقن جي حاصلات ۽ تشدد کان صاف سماج کان سواءِ ترقي ممڪن آهي؟ تجربو ۽ مشاهدو ٻڌائي ٿو ته اهو بلڪل به ممڪن نه آهي. سنڌ جي انهن گھرن ۾ جتي ڇوڪرين جي تعليم ۽ ٻين حقن کي اوليت ڏني وئي آهي، اهي پنهنجين صلاحيتن کي اجاگر ڪندي محنت سان نه رڳو پاڻ ۽ خاندان پر سماج جي لاءِ به ڪارآمد ثابت ٿيون آهن. ملڪن جي تاريخ پڻ اهو ٻڌائي ٿي ته عورتن جي حقن جي حاصلات کان سواءِ هڪ صحتمند سماج جيڪو انصاف ۽ برابري تي ٻڌل هجي، ٺاهڻ ناممڪن آهي. اڌ آبادي کي گونگو، ٻوڙو ۽ جهالت جي انڌيري ۾ رکي ترقي حاصل نٿي ڪري سگھجي. جيڪڏهن اسين واقعي چاهيون ٿا ته اسان جو وطن ترقي ڪري ته پوءِ عورت، ڇوڪري ۽ هر ڪمزور طبقي ۽ فردن ڏانهن ناانصافي ۽ تشدد جي روش کي ختم ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ سڀ کان پهريان پنهنجي گھر اندر ماحول کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ بنيادي طور تي اهو سمجھڻو پوندو ته سڀئي انسان برابر آهن، سڀني کي جيئڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۽ آزادي سان رهڻ جو هڪ جيترو حق حاصل آهي. سڀئي انسان حقن ۽ ذميوارين کڻڻ جي حوالي سان برابر آهن. مردن ۽ عورتن جي ضرورتن ۾ فرق ٿي سگھي ٿو ۽ اهو فرق ڪنهن کي به اهو اختيار نه ٿو ڏي ته پاڻ کي طاقتور سمجھي ۽ ٻئي کي ڪنٽرول ڪري. اسان کي طاقتور هجڻ يا طاقت جي وصف کي بدلائڻو پوندو. سماج، گھر ۽ رشتا طاقت جي بنياد تي نه پر ٻڌي ۽ خلوص، عزت ۽ برابري جي بنياد تي وڌندا ويجھندا آهن.
هتي اها ڳالهه به سمجھڻ ضروري آهي ته انفرادي طور تي کنيل قدمن جو اثر محدود ٿئي ٿو، جيستائين مجموعي طور تي پوري نظام، قانونن، پاليسين ۽ عوامي خدمتن جي ادارن جھڙوڪ پوليس، ڪورٽن، اسپتالن ۽ اسڪولن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي برابري جي بنياد تي ترجيح نه ٿي ڏني وڃي. تنهن ڪري اسان کي هڪ طرف پنهنجي آسپاس رهندڙ (مردن ۽ عورتن) جي روين تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي ۽ ساڳئي وقت ان ڳالهه تي به ڪڙي نظر رکڻي آهي ته رياست پنهنجي قانونن، پاليسين ۽ عملن وسيلي عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪهڙا ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿي. اسان کي پنهنجي وس آهر هر ان عمل جو حصو ٿيڻو پوندو جيڪو سماج ۾ ظلم ۽ تشدد کي نندي ۽ ايندڙ نسل لاءِ انصاف ۽ برابري جي بنياد تي سماج اڏڻ جي ڪوشش ڪري.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

One Response to عورتن تي تشدد جي خاتمي جي ويڙهه ۽ اسان جون ذميواريون….ريحانه شيخ

  1. ZJ says:

    Read it. It is fresh and not ‘NGOised’. Please keep continue writing we need more writers.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *