تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

عوامي تحريڪ ۾ ڏڦيڙ: ڳجها ميسيجز ظاهر؟

عوامي تحريڪ ۾ ڏڦيڙ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي به بحث هلي رهيو آهي، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن بابت مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪاميٽين سان استعيفيٰ ڏيندڙ جي اين کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي سچائي سان وڏي غور ويچار بعد مون محسوس ڪيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ساٿين ۽ ڪارڪنن به اها ڳالھه محسوس ڪئي هجي ته عوامي تحريڪ ۾ منهنجي سرگرمي سان پارٽي جي اڳواڻ ساٿين کي ڏکيائي محسوس ٿي رهي آهي ، مان عوامي تحريڪ جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشون رکندي سندن سهولت خاطر مرڪزي رابطه ڪائونسل، مرڪزي اسٽينڊنگ ڪاميٽي، مرڪزي ڪاميٽي ۽ ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيان ٿو . کيس جواب ڏيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر محترم ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته غلام نبي کوسو عرف جي اين کوسو سندس ذاتي دوستن طرفان فيس بوڪ تي سندن طرفان بيان ڪيل موقف ڏسي ڪري تمام گھڻي حيرت ۽ افسوس ٿيو، ساٿي کوسو ۽ سندس ٽولي طرفان اِھو چيو ويو آھي ته سندن سياسي سرگرمين تي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ خوش نه هئا، پوءِ اوهان جا اهڙي ڪهڙي سرگرمي هئي جو خوش نه هئا؟ جي اين کوسو حقيقت ۾ ته رسول بخش پليجو جي موجودگي ۾ ئي پنھنجي صدارت جو مُدو مُڪمل ڪرڻ کانپوءِ واري ٿيندڙ مرڪزي اليڪشنس 2017 ۾ مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر طور چونڊجڻ لاءِ فارم ئي نه ڀريو هو پوءِ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيل مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبرن پنھنجا آئيني اختيارات استعمال ڪندي کيس مرڪزي ميمبر طور چونڊيو ھو، جي اين کوسو اوھان سماجي رابطن واري ويبسائيٽ تي پارٽي مخالف مھم ھلائيندا رھيا پر پارٽي جي ڪنھن به فورم تي پنھنجي ڳالهه نه رکي، اوھان جي اھڙي ڪھڙي سرگرمي ھُئي جنھن تي اوھان جي بقول عوامي تحريڪ جي قيادت سميت ڪارڪُنن کي تڪليف پھتي آھي، ڪٿي اوھان طرفان پنھنجي مختلف ساٿين ڏانھن سماجي ميڊيا تي ھلائڻ لاءِ موڪليل ڳجھا ميسيجز ته ظاھر ڪو نه ٿي پيا آھن ؟، ان کانسواءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن پاران جي اين کوسو، سجاد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن جي جتي حمايت ڪئي وئي اتي انهن مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *