تازا ترين
  • *وڏو وزير سيد مراد علي شاهه رين ايمرجنسي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد پهچي ويو *وڏو وزير ڪمشنر ۽ ڊي سيز سميت ٻين عملدارن سان گڏجاڻي ڪندو *وڏو وزير تلسي داس پمپنگ اسٽيشن، سحرش نگر ۽ لطيف آباد ۾ برساتي نالن جو دورو ڪندو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ امريڪي عورت سنٿيارچي کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ پ پ جي درخواست تي ٻڌڻي *عدالت گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ٻيهر آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي *عدالت پاران گهرو وزارت کي درخواست تي ٽن هفتن ۾ فيصلو جاري ڪرڻ جو حڪم *
  • *مورو۾ بجلي جي تارن ۾وچڙي فوت ٿيل پورهيت جي وارثن ۽ شهرين جي علامتي بک هڙتال *بک هڙتالي ڪيمپ تي مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست جماعتن جا اڳواڻ به شريڪ *3مھينا گذرڻ باوجود گل حسن عرف ڏاڏو چوھاڻ جي وارثن کي انصاف ناهي ملي سگهيو: مظاهرين *
  • *ڪنري: رولو ڪتن وڌيڪ ٽن ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، تعلقا اسپتال منتقل *رولو ڪتن نوجوان دودي، گل محمد ۽ شير علي کي ڏاڙھي زخمي ڪيو *ھڪ مھيني دوران رولو ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن جو انگ 50ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال عملي جي لاپرواهي سبب عورت رڪشا ۾ ٻارڙي کي جنم ڏئي ڇڏيو *شورا ڳوٺ واسڻ عورت جا وارث مدد لاءِ ليبر وارڊ سامهون عملي کي سڏيندا رهيا پر ڪنهن مدد نه ڪئي*
  • *چونڊڪو: ڳوٺ محمود چانڊيو ۾ ٻن ورهين جي نينگر محرم چانڊيو کي پوليو جو شڪ ظاهر *گذريل هڪ مهيني کان پٽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي: غلام اڪبر چانڊيو *سول اسپتال خيرپور جي ڊاڪٽرن پوليو جو شڪ ڏيکاريو آهي: غلام اڪبر چانڊيو*
  • *ڪنڊيارو: ڏيڍ مهينو اڳ اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري وارو مامرو*نوشھروفيروز جي عدالت پاران نينگري جي عمر جي تصديق لاءِ ٽي او تعليم ڪنڊيارو ڏانهن ليٽر جاري *نينگري جي عمر وارو سرٽيفيڪيٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي: حڪم *
  • *گهوٽڪي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ٿيل جروار واسي جو ڪراچي جي اسپتال ۾ آپريشن *ڊاڪٽرن عبدالرحيم گبول جو آپريشن ڪري سندس گوڏي وٽان ڄنگهه ڪٽي ڇڏي *گهوٽڪي پوليس ظلم ڪيو آهي، عدالت جو در کڙڪائينداسين: نوجوان جا وارث*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ442 ٿي ويو *109ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا، 7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي: ڊي ايڇ او *
  • *ڪراچي ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ پاران ٻيڙين تي چڙهي ريلي *ريلي ۾ حليم عادل شيخ، حنيد لاکاڻي، شاهنواز جدون ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ *گجرات جو ڪاسائي ڪشميري مسلمانن جو جاني دشمن بڻجي چڪو آهي: حليم عادل شيخ *پاڪ فوج جون قربانيون لازوال آهن، سڀاڻي ڪراچي کان سکر تائين ٽرين مارچ ڪيو ويندو: حليم عادل شيخ*
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پاران سينٽرل پوليس آفيس ۾ يادگار شهداءَ تي حاضري *اسان پوليس جي شهيد جوانن کي سلام پيش ڪيون ٿا: آءِ جي سنڌ مشتاق مهر *اسان شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان گڏ آهيون، کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو: آءِ جي سنڌ *
  • *ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين جو ڌرڻو، نعريبازي *شهرين مانجهند جي شاهي بازار مان احتجاجي ريلي ڪڍي مين چونڪ تي ڌرڻو هنيو *اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ سبب سخت عذاب ۾ مبتلا آهيون، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *ڪرمپور : انڊس هاءِ وي تي منگي لاڙي وٽ خوفناڪ حادثو، زال مڙس فوت *ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيارو جعفري ۽ سندس زال مارئي فوت*
  • *وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ رين ايمرجنسي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ حيدرآباد پهچندو *وڏي وزير جي حيدرآباد پهچڻ کان اڳ ئي تلسي داس پمپنگ اسٽيشن ٻاهران صفائي شروع *وڏو وزير ڪمشنر ۽ ڊي سيز سميت ٻين عملدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *آمدني کان وڌيڪ اثاثن وارو ڪيس: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي اڄ عدالت ۾ پيشي *احتساب عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي، خورشيد شاهه کي سخت سيڪيورٽي ۾ پيش ڪيو ويندو *خورشيد شاهه کانسواءِ ضمانت تي آزاد جوابدار به احتساب عدالت ۾ پيش ٿيندا *

عمرڪوٽ جو قلعو ڪهڙي دور ۾ تعمير ٿيو؟ ……..عزيزڪنگراڻي

عمرڪوٽ شهر توڙي قلعي جي قدامت بابت مختلف ۽ متضاد رايا آهن. تاريخدانن ۽ محققن عمرڪوٽ قلعي جي تاريخ جو سٽ ايترو ته منجهائي ڇڏيو آهي جو سلجهائيندي ماڻهو خود الجهي وڃي ٿو. جيئن رني ڪوٽ قلعي جي تاريخ ۽ قدامت سان حشر ٿيل آهي، تيئن عمرڪوٽ قلعي جي تاريخ سان به ويڌن ٿيل نظر اچي ٿي. ڪي هن کي عمر بادشاهه جي نسبت سان سومرن جي دور سان ڳنڍين ٿا ته ڪي ان کي اڃا به قديم ٻڌائين ٿا. ڪي امر سنگهه راڻي جو جوڙايل سمجهن ٿا. ڪي راڻي پرساد يا پرمار جو حوالو ڏين ٿا. ڪن ته مورڳو 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تعمير ٿيل ڄاڻايو آهي. 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو هو ته ميان نور محمد عمرڪوٽ قلعي ۾ پناهه ورتي هئي ۽ شاهه لطيف ڪوڪ ڪئي هئي ته:
ڪاڇي پيئي ڪوڪ، آيل سنگهارن جي
مادر اوءِ ملوڪ، اوٺي ويا اڪري. ڪاڇي ڪاهيائون، سچ ڪه سنگهارن لڏيو؟
مان تن ماريائون، پاڻان وجهي گوندرين.
ڪلهوڙن جو تعلق ڪاڇي سان ڳنڍيو ويندو هو. شاهه عنايت رضوي پنهنجي شاعري ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي ڪاڇي جو سڏيو آهي. ان نسبت سان لطيف کي حڪمران جي ڀاڄ سبب ڪاڇي جي عوام تي نازل عذابن جو فڪر هو تڏهن حڪمران بجاءِ عوام جو پڇيائين. بهرحال، ميان نور محمد جي عمرڪوٽ قلعي ۾ پناهه واري ڳالهه ظاهر ڪري ٿي ته عمرڪوٽ قلعو اڳ ۾ موجود هو، تڏهن ميان نورمحمد پناهه ورتي. اهو به عجيب منطق آهي ته ميان نور محمد اڳيون قلعو ڊهرائي نئين سر تعمير ڪرايو. اهو ممڪن آهي ته اڳ ۾ موجود قلعي جي نادر شاهه جي حملي کان پوءِ ميان نور محمد 1746ع ۾ مرمت ڪرائي هجي.
ٻئي طرف، جڏهن شير شاھ سوري کان شڪست کائي مغل همايون عمرڪوٽ ۾ پناهه ورتي ۽ جتي 1542ع ۾ مغل اڪبر جنم به ورتو، تڏهن قلعو نه هو ڇا؟ ضرور هوندو. ڇو ته همايون حڪمران هو ۽ شڪست کاڌل هو، سو سوڍن حڪمرانن وٽ ڪنهن ميدان يا پڌر تي پناهه نه ٿو وٺي سگهي. هن قلعي ۾ ئي پناهه ورتي هوندي. جڏهن عمرڪوٽ شهر جي قدامت بيان ڪرڻ وقت ٻڌمت ۽ شوازم جو حوالو ڏنو وڃي ٿو يا جوڳيرائي ۽ لانڀي تلاءُ جي نسبت سان شهر جي قدامت تي روشني وڌي وڃي ٿي. يا عمرڪوٽ قلعي جي دروازي تي سورج مکي جي گل جي اڪر جو ذڪر نڪري ٿو، تڏهن عمرڪوٽ قلعي جي قدامت سومرن جي دور کان به اڳتي سفر ڪري ٿي.
جوڳيرائي جي تلاءُ ۽ لانڀي تلاءُ جي ذڪر سان عمرڪوٽ شهر جي قدامت قبل از مسيح بيان ڪئي وڃي ٿي ته عمرڪوٽ قلعو ڪيئن قديم ناهي؟ يا اهو ڪلهوڙا دور ۾ ڪيئن تعمير ٿيو؟ ممڪن آهي ته ايئن هجي پر ان جا تاريخي حوالا ڪهڙي تاريخي ماخذ منجهان ورتا ويا آهن يا ڪهڙي ماخذ ۾ موجود آهن؟ عمرڪوٽ قلعي ۽ رني ڪوٽ قلعي اندر ميري ڪوٽ قلعي ۾ ٻه هڪجهڙايون نظر اينديون. هڪ ٻنهيءَ جو مک دروازو لڳ ڀڳ ساڳي طرز تعمير جو آهي ۽ ٻيو ٻنهيءَ جي مک دروازن تي سورج مکي جا گل اڪريل آهن. جيڪا ڳالهه ٻنهي قلعن جي قدامت کي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي تائين وٺي وڃڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿي. گمان غالب آهي ته عمرڪوٽ جو قلعو اسلامي دور کان اڳ جو تعمير ٿيل شاهڪار آهي. اڳ ويو هئس ته عمرڪوٽ قلعو تباهي جي ڪناري هو. بلڪل خسته حالي جو شڪار هو. ويجهڙ ۾ عمرڪوٽ ويو هئس. ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ويندڙ روڊ جي تعمير جاري هئي پر ان خطرناڪ روڊ سان سفر نه وسرڻ جهڙو رهيو.
دوست ڪريم بخش شيخ جي مهرباني سان سڄو قلعو گهميس. عمر ڪوٽ قلعي ۾ نوادرات جو ميوزم به آهي جن جو عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف قديم ماڳن سان تعلق آهي. اهڙو ميوزم رني ڪوٽ قلعي ۾ به هجڻ گهرجي. عمرڪوٽ جو قلعو پنهنجي انوکي طرز تعمير وارو شاهڪار قلعو آهي. اندران ڪچي چيڪي مٽيءَ جو جڙيل آهي ۽ ٻاهران اڏاوت ۾ پڪيون سرون ڪم آيل آهن. ڪچو ڪوٽ پڪين سرن سان ڍڪيو ويو آهي. مٿي قلعي جي ديوار سان رني ڪوٽ توڙي رني ڪوٽ ۾ تعمير ٿيل ميري ڪوٽ وانگر فوٽ پيري ۽ فوٽ پيري سان تير بازي يا بندوق بازي لاءِ ٻاهرين ڪنگري نما ڪنار سان سوراخ به ٺهيل آهن.
ڪوٽ جي مک دروازي وٽ ٻنهي پاسي وڏا مورچا آهن. اهڙا مورچا ڪوٽ جي هر ڪنڊ تي به تعمير ٿيل آهن. ڪوٽ تي چڙهڻ سان آس پاس واري سڄي ماحول جو نظارو نظرن آڏو اچي وڃي ٿو. گهمڻ دوران معلوم ٿيو ته قلعي جي درست حالي ۽ بحاليءَ جو ڪم تيزي جاري هو. اصل چيرولي جي مصالحي سان نه سهي چن جي چيروليءَ واري مصالحي سان ئي سهي پر درستحالي جو ڪم بهتر نموني تيزي سان جاري هو. هاڻ گهڻو ڪري مڪمل ٿيو هوندو. مون کي هي درستحالي رني ڪوٽ قلعي واري درستحالي کان بهتر نظر آئي. درستحالي مڪمل ٿيڻ سان ڪي صديون بربادي کان بچي ويل عمر ڪوٽ جو قلعو تاريخي ورثو هوندو ۽ رهندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *