تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

علم ۽ عقل جي لاٽ ٻاريندڙ محبتي مسيحا … رفيعه ملاح

جنھن جڳ جھان ۾ پاڻ سڀ پساهه کڻون پيا اھو انيڪ ۽ مختلف ماڻھن سان ٽپ ٽار لڳو پيو آھي. ڪجهه ماڻھو ڪجهه ھلڪا سلڪا چڱا ڪم ڪري پاڻ ڀير تي ڏاڪو ھڻي پنھنجي تعريف ڪندي نه ٿڪبا، ڪي وري ويچارا چپ چاپ خلق جي خدمت ۾ ڏينھن رات رڌل رھندا پر مجال آھي جو ڪا ٻڻڪ ٻاھر ڪڍن. اھڙا انسان ڏيکاءَ جي ڏڍ تي نه ھلندا آھن پر اھي انسان پنھنجي من ۽ مالڪ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ پيا جيءَ جا جتن ڪندا آھن. اھڙا بي مثال ۽ بي نظير انسان ڏيک ويک کان ڪوھين ڏور ھوندا آھن. منھنجي من ۾ ڪافي عرصي کان آنڌ مانڌ رھي آھي ته معاشري ۾ مشھوري رکندڙ ماڻھن لاءِ ڪافي ڪجهه لکيو ويو آھي پر ڇو نه اھڙن انسانن لاءِ قلم کڻجي جن خاموشي سان خلق جي خدمت ڪئي آھي. جيتوڻيڪ اھڙا املهه انسان شھرت جا بکيا نه ھوندا آھن، اھي فقير طبيعت ھوندا آھن. منھنجي دل چڱي عرصي کان اھو چاھيو پئي ته اھڙن گمنام انسانيت جي خدمت ڪندڙ آدرشي انسانن جي باري ۾ ڪجهه لکان. مان پنھنجي ان محبت ڀري مھم جي شروعات ھڪ اھڙي ئي گمنام ھيرو ڊاڪٽر حامد رضا سان ڪيان ٿي.ھو ڪنھن خانگي اداري مان علم پرائي ان منزل تي پھتو ھو پر ھا ھن پنھنجي تعليم ۽ تربيت جو سفر سرڪاري درسگاھن ۾ جاري رکيو. سيتا ننڍي جي رھواسي ان مسيحا ٻھراڙي جي سرڪاري درسگاھن کان ويندي لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج تائين پنھنجي علم جي اُڃ اجھائي، ھو جيڪڏھن چاھي ھا ته پنھنجي اعليٰ تعليم ۽ تربيت کي سھارو بڻائي ڪنھن ترقي يافته ملڪ جو رخ ڪري ھا ته اتي آسودي ۽ آرامدهه زندگي گذاري سگھي ھا، پر ڊاڪٽر حامد رضا ائين نه ڪيو. ھن پکا ۽ پنھوار نه ڇڏيا ۽ ھن پنھنجي ماروئڙن جي خدمت کي پنھنجو وڙ بڻايو. ھن کي پنھنجي ڌرتي سان ايترو ئي پيار آھي جيترو ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر ۽ ٻين انيڪ اھڙن مسيحائن کي آھي.
ھڪ استاد جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر حامد رضا نه صرف ھڪ مايا ناز مسيحا جو ڪردار نڀايو آھي، پر ھن پنھنجي شاگردي واري زماني کان ئي پنھنجي علائقي ۾ پنھنجي ھڙان ۽ وڙان ھڪ سماج سڌارڪ جو ڪردار به ڏاڍو خوش اسلوبي سان نڀايو. ڊاڪٽر حامد کي خدمتِ خلق جي ستي پنھنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي ھئي، پنھنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ ھن جي علم ۽ ادب ۾ تمام گھڻي ۽ گھري دلچسپي ھئي. ھو نه صرف پاڻ علم ۽ ادب جي راهه جو راھي ھو پر ھن جي ڪري علائقي جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن پڻ علم ۽ عقل جي اڃ اجھائي. ھو ھميشه پنھنجي علائقي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي غيرنصابي ادبي مواد جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندو رھيو. منھنجي ادب ۾ دلچسپي جو سھرو به ڊاڪٽر حامد رضا طرف وڃي ٿو. ھن جي رھبري ۽ رھنمائي منھنجي شخصيت ۾ موجود اديب کي اجاگر ڪيو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙھائي دوران ھن نه صرف پنھنجي نصاب تي پنھنجي اڻٿڪ ۽ لڳاتار محنت سان عبور حاصل ڪيو پر ھن پنھنجي نصابي پڙھائي سان گڏ علم، ادب ۽ فلسفي تي موجود ملڪي ۽ غير ملڪي مواد جو گھرائي سان مطالعو ڪيو ۽ علم جي انھن پيچيدهه ۽ اھم شاخن تي عبور حاصل ڪيو. ھن جا گھر ۾ ۽ يونيورسٽي وارا ڪمرا لائبريري جو ڏيک ڏيندا ھئا. سنڌي توڙي انگريزي ادب جي پارکو ڊاڪٽر حامد رضا جو ميڊيڪل ڪاليج ۾ ۽ سيتا ۾ سندس ھم عمر دوستن جو حلقو ھوندو ھو جيڪو ملڪي ۽ بين الاقوامي ادب، سياست، تواريح، فلسفي ۽ حالات حاضره تي بحث ڪندو ھو. ھن وٽ قومي ۽ بين الاقوامي سطح جي ادب جا ڪتاب ۽ رسالا ھر وقت موجود ھوندا ھئا، جيڪي ھو پاڻ به پڙھندو ھو ۽ ٻين کي پڙھڻ لاءِ ھميشه ھمٿائيندو ھو.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ھو 1981ع کان وٺي 1987ع تائين زير تعليم رھيو، ھي اھو دور ھيو جنھن ۾ ترقي پسند لڏو لاڙڪاڻي ۾ سوڀي گيانچنداڻي، سندس حلالي فرزند ڊاڪٽر ڪنعيا لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏاڍو متحرڪ ھو. ٻي اھم ڳالهه اھا به آھي ته ان وقت کاٻي ڌُر جو ادب ماسڪو مان ايندو ھو، ڊاڪٽر حامد رضا کاٻي ڌُر سان سلھاڙيل ھجڻ ڪري ھن جي ماسڪو مان ايندڙ اردو ادب تائين سولائي سان پھچ ٿي. اھڙي ترقي پسند ادب سان گڏوگڏ ھو پنھنجي گھر ۾ سائمن ڊي بوائز جو عورتن سان ورتاءُ متعلق” “ The Second Sex جھڙا ڪتاب گھر ۾ پنھنجي ڀيڻن جي پڙھڻ لاءِ آڻيندو ھو، اھڙا ڪتاب آڻڻ جي پويان سندس اھو مقصد ھوندو ھوته جيئن سندس ڀينرون تاريخ ۾عورت جي مقام جي باري ۾ڄاڻ حاصل ڪري سگھن.
وري جڏھن پيشي جي ڳالهه ڪبي ته ڊاڪٽر حامد رضا ھڪ مڪمل مسيحا آھي. ھو ڊاڪٽر حامد رضا گھٽ پر ) ڀائو سليم ( وڌيڪ آھي، سندس گھر ڀاتي ۽ ويجھا دوست کيس ان نالي سان سڏيندا آھن. مريضن سان سندس رويي کي ڏسي ھر انسان ائين محسوس ڪندو آھي ته انسان ذات لاءِ حد کان وڌيڪ حساس جذبو رکندڙ ڊاڪٽر حامد رضا پيدا ئي ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ ٿيو ھو. مريضن لاءِ ھو نرم نازڪ دل رکندڙ مڪمل مسيحا آھي.غريب، بي پھچ ۽ مسڪين مريضن جي مفت علاج ۽ آپريشن جي لاءِ ھو ھميشه ڪوشان ھوندو آھي. پنھنجي وڏڙن، خاص طور تي ابي امان تي ساهه ڏيندڙ ھن مسيحا جو والد جڏھن اسپتال داخل ٿيو ته ھن پنھنجي پيءُ جي بي مثال خدمت ڪئي. ھڪ ڊاڪٽر طرفان سندس بيمار پيءُ جي اھڙي بي مثال تيمارداري کي ڏسي اتي موجود ماڻھن دعائن لاءِ ھٿڙا کنيا ته الله تعاليٰ اھڙو نيڪ اولاد ھر انسان کي عطا ڪري.
اڄ ڪلهه جي ھن وٺ پڪڙ ۽ ڇڪ ڇڪان واري معاشري ۾ انسان پنھنجي ۾ پورو آھي، اھڙي صورتحال ۾ جيڪڏھن ڪو انسان سماج کي سڌارڻ لاءِ ۽ پنھنجي اوسي پاسي، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن لاءِ جيڪڏھن ڪجهه گھڙيون وقف ڪري ٿو ته اھو انسان واقعي بي نظير آھي. اھڙا ڪردار اڄ ڪلهه اسانجي معاشري ۾ سفا اڻلڀ ناھن ته جھان ۾ جھجھي مقدار ۾ به نه آھن. پر جيڪي ڊاڪٽر حامد رضا جھڙا موجود آھن انھن جي اتم اخلاق ۽ ڪامل ڪردار کي ساراھڻ ھڪ سٺو سنوڻ آھي. مون ان شاندار عمل جي شروعات ڪئي آھي. اچو ته پنھنجي گمنام ھيرن جي ھاڪ ۾ پوئتي نه رھون، اچو ته ھنن کي ھمٿايون ته جيئن ھنن جا حوصلا بلند ٿين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *