تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

علم لسانيات جا مڪتبه فڪر… عرفان ڏاهري

ڪنهن به ٻوليءَ بابت سائنسي اڀياس ڪرڻ کي علم لسانيات(Linguistics) سڏيو ويندو آهي.جنهن جي مدد سان لسانياتي ماهرن طرفان ڪنهن به ٻوليءَ بابت صوتياتي،صرفياتي،نحوياتي ۽ معنياتي خاصيتن سان گڏوگڏ ان ٻوليءَ جي تاريخي ۽ سماجي حالتن جو سائنسي اصولن تحت تحقيقي جائزو ورتو ويندو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته لسانيات جي وجود سان ٻولين بابت جيڪو به ڪم ٿيو آهي سو نهايت ئي مستند ۽ معياري انداز ۾ ٿيو آهي جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب 20 هين صدي ڌاري لسانياتي دنيا ۾ ٻين سائنسي ۽ سماجي علمن وانگر تبديلي جو اچڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف لسانياتي ماهرن جي اندر هڪ نظرياتي جنگ جو باقاعده آغاز ٿيو ۽ مختلف ماهرن طرفان مختلف قسم جا نظريا پيش ڪيا ويا،جڏهن ته اهي سڀئي نظريا لسانياتي ماهرن طرفان انفرادي ۽ اجتماعي بلڪ ٻنهي صورتن ۾ پيش ڪيا ويا ۽ جيڪڏهن اسان ڏسون ته اجتماعي طور تي اهي سڀئي نظريا لسانيات جي اندر مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن طرفان پيش ڪيا ويا هئا،جن جو مقصد مجموعي طور تي ڪنهن به ٻوليءَ بابت وڌ کان وڌ سائنسي قانونن ۽ قاعدن موجب تحقيق ڪرڻ هو.
علم لسانيات جا هوئنن ته ڪيترائي مڪتبه فڪر آهن،پر لسانيات جي ماهرن موجب انهن منجهان چار مڪتبه فڪر(School of Thought) بنيادي حيثيت رکن ٿا. جن جو تفصيلي جائزو ڪجهه هن ريت پيش ڪجي ٿو.
1.عمليت پسندي وارو مڪتبه فڪر: (Functionalism)
عمليت پسنديءَ وارو مڪتبه فڪر لسانيات جي ميدان ۾ هڪ اهم ۽ بنيادي مڪتبه فڪر (School of Thought) جي حيثيت رکي ٿو، جنهن بابت هڪ لسانياتي محقق ۽ ماهر ڊيليا مئسي ٽائيني (Dalia Masaitiene) پنهنجي هڪ اهم تصنيف ” لسانيات جو تعارف (Introduction into Linguistic)“ ۾ ڪجهه هن ريت لکي ٿو ته،فنڪشنلزم جو مڪتبه فڪر لسانيات جي تاريخ ۾ هڪ بنيادي مڪتبه فڪر ”دي پريگ اسڪول آف ٿاٽ“ (1926) جي اثر هيٺ شروع ٿيو،جنهن ”فرڊينند دي ساسر“ جي مڪتبئه فڪر اسٽرڪچرلزم (Structuralism) جي روايت کي به برقرار رکيو. هن مڪتبئه فڪر جي نظريي کي جيسپرسن (Jesperson)،بالنگر (Bolinger)،هالي ڊي (Halliday) ۽ شيف (Chafe) جهڙن لسانياتي ماهرن تمام گهڻي اهميت ڏني،جنهن جي نتيجي ۾ 1970ع ڌاري هن نظريي لسانيات جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي باقاعده هڪ اهم نظريي جي صورت ۾ مڃرائڻ شروع ڪيو، هن نه رڳو لسانياتي دنيا کي متاثر ڪيو پر گڏوگڏ لسانيات جي اندروني ۽ خارجي شاخن جهڙوڪ؛ نحويات (Syntax)،ادراڪي لسانيات(Cognitive Linguistic) ۽ تحريري لسانيات (Documentary Linguistic) وغيره جهڙين شاخن تي به پنهنجا گهرا اثرات ڇڏيا،جنهن جو اثر هن دور ۾ به ملي ٿو.
هن مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ سڀني لسانياتي ماهرن جو اهو نظريو هو ته، ” ڪابه ٻولي سماج اندر ڪهڙا ڪم (Functions) سرانجام ڏئي ٿي ۽ انهن ڪمن کي تڪميلي صورت مختلف ٻولين ۾ ڪهڙن عنصرن جي مدد سان ملي ٿي.جنهن لاءِ انهن ڪنهن به ٻوليءَ جو سماج اندر روزمره جي استعمال کي پرکي ۽ پروڙي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به سماج ۾ ٻولي پنهنجو اهو حقيقي ڪردار ڪهڙي ريت ۽ ڪيئن ادا ڪري ٿي،جنهن لاءِ انهن ڪنهن به ٻوليءَ جي صوتياتي،معنوياتي ۽ نحوياتي ڪمن تي زور ڏنو،انهن چيو ته ڪابه ٻولي سماج ۾ ٻه اهم ڪم سرانجام ڏئي ٿي،جنهن ۾ سڀ کان پهرين ته اها اسان جي وچ ۾ رابطي (Communication) جو ذريعو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اها ڪنهن به ڳالهائيندڙ جي احساسن ۽ جذبن جو اظهاري (Expressive) ذريعو به هوندي آهي،جنهن لاءِ ميليوسڪي (Maliowski) جهڙي لسانياتي ماهر چيو ته ٻولي اسان جي سماجي لاڳاپن کي اصل صورت ۾ برقرار رکڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن جو استعمال اسان پنهنجن ڪيترن ئي سماجي ڪمن جهڙوڪ ملڻ جلڻ وغيره ۾ ڪيون ٿا،هن ٻوليءَ جي اهڙي ڪردار کي “Phatic Function” جو نالو ڏنو هو. بهرحال هي نظريو مڪمل طور تي ٻوليءَ جي مختلف ڪمن جهڙوڪ؛ صوتياتي ڪمن (Phonological Funtions)،معنوي ڪمن ((Semantic Functions،نحوي ڪمن (Syntactic Functions) ۽ سندس حقيقت پسندي وارن ڪمن (Pragmatic Functions) وغيره سان سڌي ريت واسطو رکي ٿو.
2.ساختيات پسندي وارو مڪتبه فڪر:(Structuralism)
هن مڪتبه فڪر جو باني مباني ” فرڊينند دي ساسر“ آهي ۽ هن مڪتبه فڪر جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن ساسر جي ويجهن دوستن منجهان چارلس بيلي (Charles Bally) ۽ البرٽ سيچي (Albert Sechehaye) ٻنهي ڄڻن گڏجي ” عام لسانيات (General Linguistic)“ جهڙي موضوع تي سندس طرفان مختلف وقتن تي شاگردن کي ڏنل ليڪچرن کي سهيڙي 1916ع ڌاري “Course de linguistique generale” جي نالي سان هڪ ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرايو. هي اهوئي ساسر آهي. جنهن لسانيات جي تاريخي (Synchronic) ۽ غير تاريخي (Diachronic) پهلوئن تي مفصل ۽ جامع انداز ۾ بحث ڪيو،جنهن جي بنياد تي هن لسانيات جي غير تاريخي پهلوءَ کي ڇڏي تاريخي پهلوءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏني،جنهن جي ڪري کيس ” جديد لسانيات جو ابو“ به تسليم ڪيو وڃي ٿو. لسانيات جي ماهرن موجب؛ساسر جيڪو نظريو پيش ڪيو، سو فرينچ جي هڪ عمرانياتي ماهر ايملي درخيم (Emile Durkheim) جي سماجياتي نظريي سان ملندڙ جلندڙ آهي،جنهن چيو هو ته ” سماجيات،سماجي حقيقتن جو هڪ علم آهي،اهڙي ريت ساسر وري چيو ته ٻولي هڪ سماجي حقيقت آهي،جنهن ۾ سماجي فردن جو سندن عام ثقافتي معيارن،قدرن ۽ سماجي جوڙجڪ جو حصو شامل هوندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ڪنهن به ٻوليءَ جو غير تاريخي (Diachronic)جائزو وٺڻ بدران تاريخي جائزو (Synchronic View) وٺڻ تي زور ڀريو ۽ چيائين ته اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪنهن به ٻوليءَ جو موجوده دور ۾ ڪهڙي ريت ۽ ڪيئن استعمال ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته ان ٻوليءَ جو ڪنهن ٻي ٻوليءَ سان تقابلي جائزو ڪري،انهن جي اندر موجود هڪجهڙائي ۽ فرق ٻنهي کي واضح ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هر ڪنهن ٻولي ۾ هڪ مربوط ايڪن (Interconnected Units) جو ساڪنُ (Motionless) نظام سمايل هوندو آهي،جنهن ۾ هڪڙا مخصوص قاعدا ۽ قانون شامل هوندا آهن ۽ اسان مان هر هڪ ڳالهائيندڙ يا ٻڌندڙ انهن قانونن ۽ قاعدن جي هڪڙي محدود دائري اندر رهي ڪري ڪابه ٻولي سکندو يا ڳالهائيندو آهي . هن ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ اهڃاڻ يا اشاري وارو تصور (The Concept of Sign) ڏنو، اهڃاڻ يا اشاري مان سندس مراد ڪا اهڙي شيءِ آهي جيڪا اشارو ڪندڙ ((Signifier ۽ جنهن کي اشارو ڪيو وڃي (Signified) انهن جي وچ ۾ ٿئي ٿي. جنهن جي لاءِ اشارو ڪندڙ وٽ ان شيءِ جو طبعي وجود (Physical Existence) ۽ جنهن کي هو ان شيءِ بابت اشارو ڪري ٿو، ان وٽ ان شيءِ بابت ڪو ذهني تصور (Mental Concept) جڙي ٿو ۽ اهي ٻئي ڄڻا ان شيءِ بابت پنهنجون ڪيفيتون ڪنهن به ٻوليءَ ۾ صوتياتي (Phonological) يا لکت (Orthodoxical) بلڪ ٻنهي صورتن ۾ ڪتب آڻين ٿا. ان سان گڏوگڏ هن ڪنهن به ٻوليءَ بابت ٽي اصطلاح جوڙيا جهڙوڪ؛ لينگيج (Langage)،لينگو (Langue) ۽ پيرول (Parole) انهن ٽنهي صورتن ۾ اسان ڪنهن به ٻوليءَ جو استعمال ڪندا آهيون.
3.جنريٽوِزم وارو مڪتبه فڪر: (Generativism)
هن مڪتبه فڪر جو اڳواڻ هڪ مشهور انگريز لسانياتي ماهر ”نوم چومسڪي (Noam Choamsky) “ آهي،جنهن 1957ع ۾ نحوي بناوت (Syntactic Structure) نالي پنهنجي هڪ اهم تصنيف ۾ (Transformational Grammer) بابت پنهنجو هڪ واضح نظريو پيش ڪيو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان نظريي مان اڳتي هلي هن مڪتبه فڪر جو باقاعده بنياد پيو. جڏهن ته محققن جو به اهو ئي رايو آهي ته هن مڪتبئه فڪر کي جنم ڏيندڙ سندس اهو ڪتاب ئي هو. هن ڪتاب ۾ نوم چومسڪي (Noam Chomsky) ويا ڪرڻ (Grammer) ۽ سندس مختلف قسمن بابت مفصل ۽ جامع انداز ۾ لکيو آهي. جڏهن ته نوم چومسڪي جي هن مڪتبه فڪر جو نظريو به ڪنهن ٻوليءَ جي لاءِ ويا ڪرڻ جي اهميت ۽ افاديت تي دارومدار رکي ٿو. سندس نظريي موجب؛ ”قدرت طرفان هر ماڻهو جي ذهن ۾ ويا ڪرڻ (Grammer) جا ڪي قانون ۽ قاعدا اڳ ۾ ئي موجود هوندا آهن،جنهن جي
بقايا صفحي نمبر 6 تي

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *