تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

عظيم ليکڪا تارا ميرچنداڻي ۽ ھٺ يوگي ناول…..!! …ڪيلاش ميگھواڙ

تاريخي طور تي نثر جو اثر ( Prose effect ) صنعتي معاشري واري معروضي پيڙھ فيز جو ارتقائي مرحلو آھي، ساڳي طرح شاعري جو اثر (Poetry effect) زرعي سماج جي سونھن ۽ پيچيده تاريخي دور جي عمارت جو رنگ آھي ۽ ائين نثر ۽ شاعري دنيا جي ڪنھن به خطي سان وابسته زرعي معاشري کان وٺي صعنتي معاشري تائين گڏوگڏ رھيا آھن! نثر جي ٻرندڙ لاٽ ناول، ڪھاڻي، ڊراما، مختصر ڪھاڻي، ڪالم وغيره آهي.
ڪجهه اهڙيون صنفون به آھن جيڪي اڄ به تمام سٺي نموني لکيون وڃن ٿيون. ناول ھڪ ڊگھو داستان آھي ھن جي منظرن ۾ حقيقتون ملن ٿيون، اھي مختلف مرحلن جو حصو ٿينديون رھيون آھن. ڪردارن جا سونھن سينگار پاسا دل ڇھندڙ انداز ۽ سماجي حالات وڏي وک سان بيان ٿيندا آھن. سنڌي ادب ۾ ناول جي حيثيت بنھه مختلف ۽ سونن جھومڪن جھڙي ڌيان طلب رھي آھي. “رھجي ويل منظر”  نيٺ گونگي ڳالھايو” کان وٺي “خواب خوشبو ۽ ڇوڪري” “پيار پناھون ڇانورا” تائين ھرھنڌ خوشگوار قدرن جي مھڪ دل کي پڙھڻ تي مجبور ڪيو آھي.
تارا ميرچنداڻي جو ڪم ھند توڙي سنڌ ۾ واڱڻائي وارتا سان ٻکيل آھي، ڪھاڻي ھجي يا ناول اهي ٻنھي علائقن تي ڪڪر بڻجي بارشون وسائي وڃن ٿا، تڏھن جديد توڙي پراڻن قدردان رسمن ريتن جا جذبا، ڪومل احساس، چمڪندڙ رات ۾ واٽ تي ويندڙ وڳ جيان موھڻ ۽ دل کي وڻڻ لڳندا آھن. سنڌ ڌرتي، امرتا پائي محبوب منظرن جا لاجواب رنگ اوتي وٺي ٿي!
تارا ميرچنداڻي جو سنڌي ادب ۾ پيش ڪيل ڀلوڙ ناول”ھٺ يوگي” وفاداري ۽ خاموشين سان سنگم بڻيل سرگوشين جھڙو دلربا ۽ ھوشربا آھن. ناولن واري لسٽ ۾ قلمي وھڪرو اڳڀرو ٿيندي، عام زندگي جا انيڪ روپ کڻندو نظر اچي ٿو. ھونئن به انسان وسيع راز ۾ سوچيندڙ ذھن سان ڀرپور قول ۽ عمل سان رھيو آھي پر اُن باھ جي شعلن جهڙين ڪيفيتن کي پنن تي پٿارڻ واري نغمغي تمام ٿورڙن ماڻھن وٽ ھوندي جيڪي خاموشين مان کاٽ ھڻي ڳولي لڀندا آھن ۽ بعد ۾ اڻمٽ نشان ڇڏي وڃن ٿا. تارا ميرچنداڻي جو وجود سنڌ جي سڳنڌ ڀري مٽي سان واڳيل ۽ مھڪيل آھي، اُن ڪري ڏات جو علمي خزانو جرڪي ٿو. ناول نگاره جو جنم حيدآباد ۾ ٿيو. پاڻ ڪافي اڳ ورھاڱي وقت حيدآباد جي ھوائن کي ۽ حسناڪين کي الوداعي ڏني ھئي. تارا ميرچنداڻي جو جنم  6 جولاء 1930ع تي ڏيارام جي گھر ۾ ٿيو ھو، سندس والد حيدآباد ۾ مشھور ماڻھو ھو، يعني ڪڪي تارا تي والد ڏيارام ۽ ماءُ جسي ٻائي جو گھڻو اثر ٿيو. ماءُ کان ٻڌل لوڪ ڪھاڻين کيس ادب ۾ اڳتي بيھاريو آھي! تارا جي ناولن، ڪھاڻين توڙي ٻين لکڻين ۾ سنڌ جو ذڪر اچي ٿو، پاڻ پھريان 17 سال حيدآباد ۾ رھي ھُئي. ڀارت وڃڻ کانپوءِ پروفيسر منگھارام ملڪاڻي جي چوڻ تي پھرئين ڪھاڻي سرجي ھئي، جنھن جو نالو “سرڳ جو سير” آھي. ياد رھي ته اُن وقت ليکڪا بمبئي جي جئه ھند ڪاليج ۾ اسٽڊي ڪندي ھئي!
بنيادي طور تي ھٺ يوگي ناول بنارس جي چوڌاري گول ڌرتي جيان گھمي ڦري ٿو، ناول ۾ حسناڪي، جٽادار پلاٽ، سرشٽ ۾ اُڻيل گفتا، مور کنڀن جيان لڳن ٿا. عبارت بڻيل ڪھاڻي جو سمورو ڪريڊٽ تارا جي مڙس جي دوست سان واڳيل آھي. منظرڪشي جي زاوين ۽ البيلي اسٽائيل واري هن ناول جي ڪهاڻي ۾ڪٿي خوش اخلاقي جا پهر آهن ته ڪٿي ڏک جا آيل زلزلا آهن. ھن ناول جي وڏي خوبي اھا آهي ته بنارس جو ڪو پھلو شايد رھيل ھجي جيڪو ھن ناول ۾ نه آيو ھجي…!! بنارس جي مندرن ۽ آسپاس پکڙيل منظر تي ته انيڪ ھندي فلمون ٺھي چڪيون آھن پر تارا سڀني کان گوءِ کڻي وئي آهي.
ھڪ ٻاويھن سالن جو سادو سرل ڇوڪرو ڪراچي کان بنارس تائين تعليم لاءِ گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيئي ٿو. بنارس ۾ ھندو يونيورسٽي ۾ داخلا (Geology) ۾ وٺي ٿو. ائين اڳتي ڪھاڻي جي اُڻت اُڻتڻ ۾ وجھي ڇڏيندي آھي. داخلا ٿيڻ  کانپوءِ گنگا ندي تي آرتي جي آوازن سان ھمڪلام ٿي ھيڪلو ھر روز سانجھي جو دشاميد گھاٽ ڏانھن وڃي ٿو، اُتي ملاقات ھڪ پينُو ڇوڪري سان ٿئي ٿي، جيڪا پنھنجو نالو “ملڪا” عرف “مالوُ” ٻڌائي ٿي. جڏھين ته جوان جو پنھنجو نالو “بابوُ جي” آھي. اُتي خبر پئي ٿي ته ڇوڪري جو اصلي والد وڃايل آھي، ننڍپڻ ۾ الائي ڪيئن جُدا ٿي وئي ھئي. ائين اڳتي ڪھاڻي جو عنوان بيحد ڀلوڙ ٿيل آھي. ان وڃايل والدين کي ڳولهي ڇوڪري اُنھن حوالي ڪري ٿو، بعد ۾ ڇوڪري جي بابوجي سان شادي ٿئي. اُنھي وچ دوران ڪيئي ڪھاڻيون ليٽيل آھن، بيشمار ڏکن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو! ھر پيج جي صفحي تي دل لڀائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ جملا ملي وڃن ٿا، ھر جملي کي عالمي رنگ آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *