تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

عظيم فلاسافر بائي پيشيا کي ڇو شهيد ڪيو ويو؟ …. سنڌيڪار:طفيل مگسي

علم جي دنيا جي هن عظيم فلسفي ۽ رياضي دان 400ع ۾ اسڪندريا(موجوده مصر) جيڪو ان وقت اوڀر رومن سلطنت جو حصو هو جي هڪ مشھور رياضي دان ٿيون جي گهر ۾ جنم ورتو.هن فلسفي ۽ رياضي جي تعليم پنهنجي گهر ۾ قابل ۽ ذھين رياضي دان پيءُ کان حاصل ڪئي. هو ھڪ ذھين ۽ نهايت قابل عورت هئي جنهن رومن اميرن جي مخالفت ڪري فلسفي تي ڪم ڪري پاڻ کي سدائين جي لاءِ امر ڪري ڇڏيو.بائي پيشيا کي فلسفي، فلڪيات ۽ رياضي تي عبور حاصل هو. هو پهرين عورت هئي جنهن يونيورسٽي سطح تي فلسفي.فلڪيات ۽ رياضي جي موضوعن تي ليڪچر ڏنا.هو پاڻ غير مسيحي هئي پر مسيحن سان گڏ رواداري جو سلوڪ ڪندي هئي. هن ڪافي مسيحي نوجوانن کي تعليم ڏئي انهن جي ذھنن ۾ روشن خيالي جي شمع روشن ڪئي ۽ ڪيٿولڪ مذھب جي مخالفت جي نشاني بڻجي وئي اها ان دور جي ڪهاڻي آھي جڏھن رومن امير ۽ شدت پسند رياست تي قابض ھئا علم کي جهالت سمجهيو ويندو هو.(اسڪندريا جون ساڙيل لائبرريون ان جو هڪ زنده مثال آھي) عورتن جي فلسفي ۾ نالو ونشان ئي نه هو حالانڪ ان زماني ۾ به ڪافي مفڪر موجود هئا پر تعليمي ميدان ۾ عورتن جو دائرو تمام گهٽ ھو بائي پيشيا اسٽروليپس ۽ ھائيڊرو ميٽر تعمير ڪيا جنهن سان علم جو هڪ نئون دور شروع ٿيو پراڻي ذريعن( ريڪارڊ ڪيو آھي ته بائي پيشيا کي ڪافرن ۽ عيسائين ۾ڪافي پسند ڪيو ٿي ويو. قسطنطنيا ۾ ھن جي همدرد سقراط لکيو “هن پنهنجي ذھن جي پوک جي نتيجي ۾ جيڪو خودمختياري ۽ سولائي جو مظاهرو ڪيو هو ان جي سبب هو ميجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ڪڏھن به عوام سامهون پيش نه ٿي“ “نه ئي هن کي مردن جي مجلس ۾ وڃڻ تي شرمساري ٿي.هن جي غير معمولي وقار ۽ فضيلت جي ڪري سمورن مردن جي دل ۾ ھن جي لاءِ وڌ کان وڌ احترام هو“
بائي پيشيا جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ آزاد سوچ کي ڏسندي ان جي عيسائي مخالفن (جيڪي عورتن جي اثر رسوخ کي گهٽ ڪرڻ چاهيندا هئا) بائي پيشيا جي خلاف جوشيلن، شدت پسند عيسائين کي ڀڙڪايو ۽ ان تي جادوگرن ۽ ڪافر هئڻ جا الزام هڻي ان کي ميڙ جي هٿان مارائي ڇڏيائون.هن جو ڏوهه هي هو ته هو پنهنجي وقت جي سڀني مردن کان ذھين ۽ علم ۾ ڪافي اڳتي هئي هو فلسفي ۽ رياضي جي ماهر استاد هئي ۽ اهوئي سندس ڏوهه هو. تاريخ ۾ لکيل آھي ته ڪافي فلسفي بائي پيشيا کي عيسائي مردن جي ميڙ راهبن جي موجودگي ۾ آرچ بشپ جي حڪم تي ميڙ جي سامهون سنگسار ڪيو ويو. هن کي شھر جي رستن ۾ گهلي هڪ مندر ۾ وٺي ويا اڳ ۾ ھن کي اگهاڙو ڪيو ويو هن کي ميڙ ايستائين پٿر هنيا جيستائين سندس سيني ۾ ساهه هو.پوءِ ماڻھو هن جي عضوون کي ڪٽي گهٽي ۾ گهليندا رهيا.هن جي عضوون کي ساڙيو ويو.بائي پيشيا جو موت عيسائيت جي فتح جي نشاني بڻجي وئي هئي پر رياست جي روشن خيالن ۽ علم سان محبت رکڻ واري بائي پيشيا جي موت تي ڏک جو اعلان ڪيو ۽ ھن کي( فلسفي جي شھيد) جو خطاب ڏنو ويو.بائي پيشيا جي زندگي هڪ عورت جي مسلسل جدو جهد ۽ آزاد سوڇ جي ڪهاڻي آھي. ان تي ڪافي ناول .ڊراما ۽ فلمون ٺھي چڪيون آھن .يورپي ادب ۾ خاص طور تي ان تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آھي.جنهن ۾ چارلس ڪنگسلي جو 1853ع جو ناول) بائي پيشيا ذڪر جي قابل آھي.ڪافي جڳهن تي هن جا مجسما ۽ پينٽنگ ٺاهيون ويون آھن. مطلب ته هن جي زندگي کي تاريخ جي ڪتابن ۾ ته جڳهه ملي وئي پر سائنس جي دنيا ۾ ھن جي خدمت کي فراموش ڪيو ويو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *