تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

عظيم آمريڪي عورت جينيفر هيلر ….ديال صحرائي

تاريخ ۾ هن 43 سالن جي عظيم آمريڪي عورت جينيفر هيلر کي ياد رکيو ويندو جنهن پنهنجي ٻن ٻارن سان گڏ زندگي اڏي تي رکي ڪرونا جي ويڪسين ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ پاڻ آڇيو۔ جنهن ڪرونا 6000 کان مٿي انساني حياتيون ڳڙڪايون۔ چين،اٽلي ۽ ايران جا لاهه ڪڍي ڇڏيا! دنيا کي لاڪ ڪري ڇڏيو۔ تاريخ ۾ پهريون دفعو ڌرتي تي سڀئي عبادتگاهون بند ٿي ويون آهن۔ ماڻهو ماڻهو کان منهن لڪائڻ ۾ پورو آهي۔ عالمي واهپي ۽ ونهوار جا ٺپ ٺري ويا آهن۔ سڀئي پاکنڊي ۽ سائينس کي گاريون ڏيندڙ سڀئي پهرين کان موجوده مشڪريون ۽ وچڙندڙ “وبائون” ڦيڻا هڻندڙ رانگ نمبرس ٻرن ۾ لڪي ويا آهي۔ جن شين جي خلاف سڄو ڏينهن واويلا آهي انهن شين کي منٿون ڪري وٺڻ ۾ پورا آهن ڇاڪاڻ جو مجبوري آهي هر سينٽائزرس ۾ 70 سيڪڙو اها شي موجوده آهي! سڀئي “بلي والي بابا” ۽ “شيرون والي بابا” ايئن گم ٿي ويا جيئن ڍڳي جامٿيئن ڏند۔!! سپر پاور پنهنجي افعالن جا ڪري ئي سهي پر وائڙا ٿي ويا آهن۔ دنيا جي مصروف ترين مارڪيٽن ۾ جهڙو ڪر راڪاس گهمي ويو آهي
انهي ماجرا جي اصل سبب ،ظالم ۽ قاتل وائررس ڪرونا کي شڪست ڏيڻ لاء سڀ کان پهرين ويڪسين انجڪشن هن مائي کي لڳائي وئي آهي۔ هاڻي دنيا جون اکيون انهي آسري ۾ آهن ته ويڪسين ڪامياب وئي ته ڪرونا جهڙي وبا کان بچي سگهبو! دنيا جون ليباريٽريون رات ڏينهن هڪ ڪري هن ڪم ۾ جنبي ويون آهن۔ هن عورت جي همٿ اڳيان انسانيت کي جهڪي سلام ڪرڻ گهرجي!
انسانيت جي ديوي آهي هي امڙ!
اسان وٽ ماڻهو ڪرونا جو نالو ٻڌي ڏهڪاءُ ۾ اچي وڃي ٿو! ٻين لاءِ جيئندڙ فردن جا انبوهه جن قومن ۾ هوندا آهن اهي ئي قومون عالمي وبائن ۽ عذابن سان وڙهي پار پوندا آهن! جينيفر هيلر کي هن دور جي ايشور جو اوتار چئجي ! ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي اهڙي ڀيانڪ مسئلي ۾ قرباني ڏيڻ جي شروعات وري به عورت ڪري ٿي! منهنجي عظيم ´´استاد “ سچ چيو آهي ته عورت جسماني توڙي نفسياتي ٻنهي حوالن سان مضبوط آهي! فطرت کي لکن سالن کان عورت ئي پاليندي آئي آهي۔ عورت ئي ڄاڻي ٿي انسان بي يارومددگار هجي تڏهن ڪيئن هن جي مدد ڪري اتساه جي سُتي ڏجي ۽ مايوسي جي غار مان ڪڍي وري زندگي جيئڻ جو حوصلو ڏجي!
اهڙين امڙن ئي بني آدم لاء اوجاڳا ڏٺا آهن!
هنن جي ٿڃ حيات جي ڪاروان کي هلائي پئي! انهي عورت جي اهڙي جرئت جي پٺيان سندس سماج آهي۔ هن کي مليل صدين کان اها آزادي آهي جنهن جي خلاف هتي اسان جي سماج واري مخلوق کي وڏي تڪليف پهچندي آهي۔ هن جي اها تعليم ۽ تربيت آهي جيڪا هن جي مائٽن ۽ سماج ڪئي آهي۔ هن جي اها صحت آهي جيڪا انهن جي صحت جي نظام هن کي مويا ڪئي۔ اهو جذبو آهي جيڪو انسان ذات جي ترقي ۽ ڀلائي لاء سندن دلين ۾ شرشار آهي۔ هن جو اهو فيصلو انهي داداگير ۽ درندگي سان ڀريل ،ڊالرن جي نشي ۾ ڌُت وحشي لابي جي منهن تي چماٽ آهي جنهن عالمي گروه پنهنجي معاشي مفادن خاطر پوري هي وائرس ڦهلائي انسان ذات کي موت اڳيان جهڪائي ذليل ڪيو آهي! انهن مري ويل 7000 ماڻهن جي ڪڙمن تان ڇا گذرندو هوندو جن جا لخت جگر سندن اکين اڳيان تڙپي تڙپي مري ويا آهن! ۽ انهن سڀني ماڻهن جي روح لاءِ تسڪين ۽ آرزو جو مينار آهي هي عورت جيڪي آئسوليشن وارڊس ۾ تڙپن پيا ! انهي عورت جي جذبي مان سکجي۔ ٻيو ڪجهه به نه ته خدا جا بندو گهٽ ۾ گهٽ احتياط ته ڪريو۔ پنهنجي پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ئي احتياطي اپاءُ وٺرايو۔ پاڻي نڪ کان مٿي چڙهي ويو ته پوء پڇتائبو ۔ انهي ڪري هن عظيم عورت کي مان ڏيندي اسان جي عورتن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي پنهنجي ٻارن جو وڌ کان وڌ بچاء ڪن۔ انسان ذات هن عظيم عورت جو ڀرم رکي سڄي دنيا ۾ ڪرونا خلاف وڙهي ۽ اچو ته پوري عالم کي عذاب کان بچايون ڌرتي کي حسين رنگارنگيون موٽائي ڏيون!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *