تازا ترين
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان … ڊاڪٽر نواز علي شوق

1956ع ۾ مون گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌ ڪوٽ مان مئٽرڪ ڪئي ته منهنجي والد صاحب ڪن پڙهيل ڳڙهيل ڏاهن سان مشورو ڪيو ته نواز علي کي وڌيڪ تعليم لاءِ ڪهڙي ڪاليج ۾ داخلا وٺرائي ڏيان، انهن ڏاهن بابا سائين کي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ پڙهائڻ جي صلاح ڏني، بابا سائين مون کي ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ داخلا وٺرائي ڏني،حالانڪه جيڪب آباد، شڪارپور ۽ سکر ۾ به ڪاليج هئا پر واقعي ان زماني ۾ اپر سنڌ ۾ سڀ کان ممتاز ، ممتاز ڪاليج هو، جڳ مشهور مفڪر ماهر تعليم پروفيسر ڪرار حسين انگريزي پڙهائيندوهو ۽ مشهور اديب ۽ شاعر، مشفق مهربان استاد عطامحمد حامي سنڌي پڙهائيندو هو، ٻيا آرٽس ۽ سائنس جا استاد به مثالي استاد هئا، تنهنڪري ممتاز ڪاليج سنڌ جو هڪ مثالي ڪاليج هو، ڪاليج ۾ داخلا کانپوءِ ڪرنل شاهه هاسٽل ۾ داخلا ملي، اتي عطامحمد ڀنڀري، سيد محسن علي شاهه بخاري ۽ محمد رمضان اعواڻ سان اهڙو پريت جو پيچ پئجي ويو،
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تيئن من ماروئڙن سين
سي ماروئڙا ٿر ٿئا، جي ڳڻن جا ڳهير
تني ري همير، گهنگهر گهاريان ڏينهڙا
اسان چار يار ڪرنل شاهه هاسٽل جي روم نمبر 32 ۾ رهندا هئاسين، جنهن تي ”اسان فقراءُ منزل“ جي تختي هڻي ڇڏي هئي، اتي هر هفتي محفل مچائيندا هئاسين، ڪڏهن مشاعرو، ڪڏهن تنقيدي نشست ته ڪڏهن وري ڀوڳ چرچي جا مقابلا ٿيندا هئا، جنهن ۾ خيرپور جا مشهور چرچائي شريڪ ٿيندا هئا، ڪڏهن وري ڪو فنڪار وٺي ايندا هئاسون ته راڳ رنگ جي محفل مچي ويندي هئي، مطلب ته فقراءُ منزل ادب ۽ ثقافت جو مرڪز هئي. 1960ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ اسان چارئي يار ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ ڪراچي وياسين ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ داخلا ورتيسون، جناح ڪورٽس هاسٽل ۾ داخلا ملي وئي، مون سيد محسن علي شاهه ۽ محمد رمضان اعواڻ ايم اي سنڌي ادب ڪرڻ لاءِ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پڻ داخلا ورتي، ان زماني ۾ هڪ ئي وقت ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي، ايم اي جا ڪلاس صبح جو ٿيندا هئا ۽ ايل ايل بي جي پڙهائي شام جو ٿيندي هئي، سيد محسن علي شاهه ۽ محمد رمضان اعواڻ ايل ايل بي اڌ ۾ ڇڏي فقط سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي، مون ايم اي ۽ ايل ايل بي ڪئي، ڀنڀري به ايل ايل بي ڪئي.
سيد محسن علي شاهه نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو، محمد رمضان اعواڻ پهريائين اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار ٿيو پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سپيرئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو جتان پرنسپال جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو، عطامحمد ڀنڀري وڪالت ڪئي، ڪجهه وقت شيخ اياز جو جونئير ٿي رهيو، شيخ اياز کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، مان پهريائين 1963ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس، 3 جنوري 1972ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس ۽ اتان ئي 1998ع ۾ رٽائر ٿيس، عطامحمد ڀنڀري کي وڪالت نه وڻي، هو حيدرآباد اچي پنهنجي پٽ عبدالحق سان نسيم ننگر ۾ رهڻ لڳو. اسان جي دوستي مثالي هئي، پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪارنجش نه ٿي، ڪوبه دوست ڪنهن کان ناراض نه ٿيو، ڪجهه سال اڳ سيد محسن علي شاهه بخاري ۽ محمد رمضان اعواڻ جدائي جي جهوري ڏيئي اڻ ڏٺي ڏيهه هليا ويا
مان ۽ ڀنڀرو جڏهن ملندا هئاسون ته انهن يارن جي ياد ستائيندي هئي، پيارن جيءُ جيارن جون ڳالهيون ڪندي ڳوڙها ڳڙي پوندا هئا. چوياري جو اڌ وڍجي ويو ته اندر ۾ وڍ پئجڻ لڳا هنيون ڄڻ اڌو اڌ ٿي ويو، هڪ يار عطامحمد ڀنڀرو وڃي رهيو هو سو به سوين سور ڏيئي هليو ويو، عطن يار جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي انتهائي شريف، بااخلاق ۽ ايماندار انسان هو، ڪوڙ ڪپت کان ڏور، ٺڳي ٺوڙي ڄاڻي ئي نه، هر وقت سندس منهن تي مرڪ، ڪڏهن وري وڏا ٽهڪ، اهڙن انسانن لاءِ ڀٽائي فرمايو آهي ته
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي
اسان جي 1956 کان دوستي نه ڀائپي به نه پر عشق هو، ٻن پيڙهين جيترو عرصو نينهن جو ناتو رهيو، ان وڏي عرصي جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن، سي سڀ سهيڙجن ته ڪتاب تيار ٿي ويندو، دل چاهي ٿي ته انهن يادگيرين مان فقط هڪ ڳالهه اوهان کي ٻڌايان، عطامحمد ڀنڀري جي ڳوٺ واري گهر مان چوري ٿي، چور سندس گهر کي ٻهاري ڏئي ويا، سڀ قيمتي شيون زر زيور کڻي ويا، ڏاڍو ڏک ٿيو، اسان ٽيئي ڄڻا محسن شاهه بخاري، مان ۽ محمد رمضان اعواڻ ارمان ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ وياسون ساڻس ڏک جو اظهار ڪيوسون، چيائين ته مون سان ڇا جو ارمان، ڇا جو ڏک ڪيو ٿا، منهنجي گهر مان چوري ٿي آهي، واقعي منهنجو ڪجهه نقصان ٿيو آهي، پر يار اهو ته سوچيو سڄي سنڌ لٽجي ڦرجي رهي آهي، ڌاڙا لڳي رهيا آهن، سڀ ڌاڙا ڳڻي ٻڌايائين، افسوس ۽ ارمان ته ان تي ڪرڻ گهرجي، باقي هڪ گهر جي چوري تي ڇا جو ارمان ۽ افسوس، اچو ته ان لٽ ڦر تي احتجاج ڪريون. هو سڄي عمر اهڙو احتجاج ڪندو رهيو ۽ مرڻ کانپوءِ به پنهنجي قبر تي احتجاج جي علامت ڇڏي ويو.
عطامحمد ڀنڀرو وڏو بهادر ۽ اصول پرست انسان هو اسان پارا ڪيترائي اديب ۽ شاعر ڪي هزارن ۾ ڪي پنجن ڏهن لکن جي ايوارڊن ۾ وڪجي ويا “ هر ڪو ماڻهو پنهنجي ملهه وڪاڻو” پر ڀنڀرو نه وڪيو نه جهڪيو کيس ڪروڙ ملن ها ته اهي ٿوڪاري ائين چئي ها ته
ايءُ نه مارن ريت ، جيئن سيڻ مٽائن سون تي
ڇا سائين جي ايم سيد کي ڪو خريد ڪري سگهيو؟ ته پوءِ ان جي عاشق عطن کي ڪير خريد ڪري سگهي ها! قوم پرستي جو جذبو اسان چئني يارن ۾ هو پر ڀنڀرو جنون جي حد تائين سنڌ جو عاشق هو، جيئن ليليٰ جي عاشق مجنون (قيس) جي قبيلي مان وري ڪو قيس جهڙو جوان پيدا نه ٿيو ، تيئن ڀنڀرن مان عطامحمد ڀنڀري جهڙو وري ڪو پيدا نه ٿيندو.
مان 1994ع ۾ ٻولي اختياري ۾ هئس ته مون ٻين ڪمن سان گڏ سنڌو لکت کي اهميت ڏيندي محترم محمد عمر چنڊ کان سنڌو لکت تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيل تحقيق جي عنوان تي ليڪچر ڏياريو هو ، ان جي وڊيو رڪارڊنگ اختياري جي رڪارڊ ۾ موجود آهي، پنهنجي پياري دوست عطا محمد ڀنڀري کي اها ذميواري ڏني هيم ته هن وقت تائين سنڌو لکت بابت جيڪي ڪتاب مختلف ملڪن ۾ شايع ٿيا آهن، تن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪري، مون سڀ ڪتاب کيس مهيا ڪري ڏنا هئا، منهنجو ارادو هو ته سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ شاگردن کي ايم اي سنڌو لکت ڪرائڻ گهرجي، ان کان علاوه کيس اها به ذميواري ڏني هيم ته هو سنڌو لکت کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، هو محنتي ماڻهو هو، هن اهي ٻئي ذميواريون پوريون ڪيون، سنڌو لکت جا ڪيترائي ڪتاب انگريزي کان سنڌي ۾ ترجمو ڪيائين، ان کان علاوه سنڌو لکت جي ڀاڃ (ڊي ڪوڊ) بابت ٻه ڪتاب هڪ سنڌي ۾ هڪ انگريزي ۾ تيار ڪيائين اهي ٻئي ڪتاب چپجي چڪا آهن، سنڌي ڪتاب حيدرآباد جي هڪ خانگي اداري ڇپرايو ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪتاب سائين مظهرالحق صديقي چپرايو هو پر افسوس جو اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽي جي گدام ۾ پيل آهي، خبر ناهي ڇو اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ نٿو آندو وڃي، ٿي سگهي ٿو ته اهو سبب هجي جو ڀنڀري ان ڪتاب ۾ سنڌ جي نام نهاد ٻولي ماهرن جي نظرين کي عالماڻي انداز ۾ رد ڪيو آهي، تنهنڪري انهن پنهنجو اثر رسوخ هلائي ڪتاب قيد ڪرائي ڇڏيو هجي.
عطا محمد ڀنڀري کي سنڌ سان سنڌي ٻولي سان ۽ سنڌ جي ماڻهن سان انوکو عشق هو ان عشق جي انداز کي هرڪو سمجهي نٿو سگهي، بقول صوفي امام الدين فقير
هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڌکيو آ
هو مسڪين ماڻهو هو پر محنتي ۽ مخلص هو هن چاهيو ٿي ته سنڌ جو عام ماڻهو جيڪو ٻه چار درجا پڙهيل آهي، ان کي سنڌ جي عظمت کان واقف ڪرايان، منجهن شعور جاڳايان ان لاءِ هن مختلف موضوعن جهڙوڪ، سنڌ جا قديم آثار، سنڌ جي تاريخ، تهذيب تمدن، سنڌو درياهه، سنڌو لکت ۽ لطيفيات متعلق انگريزي ۾ لکيل ڪتاب سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪري اشاعتي ادارن ذريعي ڇپرائي عوام آڏو اندا، جن جو تعداد ڪافي آهي، اڃان سندس ڪي ڪتاب مختلف ادارن وٽ ڇپائي جا منتظر آهن، اهو ڪم هن شاندار نموني ڪري ڏيکاريو، حالنڪه اهو ڏکيو ڪم هو تنهنڪري ڪنهن به ان ۾ هٿ نه ٿي وڌو، خاص طور سنڌ جي قديم آثارن ۽ سنڌي لکت وارن ڪتابن کي سولي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي، هن محسوس ڪيو ته ٻاراڻي ادب جي کوٽ آهي، ان کي شاهوڪار ڪرڻ لاءِ ٻارن جي ڪهاڻين جا ڪيترائي ڪتاب انگريزي مان ترجمو ڪيا، جن ۾ مختلف ملڪن جا ليکڪ شامل آهن، انهن ڪتابن جو به وڏو انگ آهي، لڳ ڀڳ پنجاهه کن ٿيندا، جي ڪنهن اداري کي ڇپائي لاءِ ڏنا هئائين.
ڀنڀري هر ڪتاب جو اهڙو ترجمو ڪيو آهي جو اهو ترجمو نه پر اصل ڪتاب محسوس ٿيندو، مرزا قليچ بيگ کان پوءِ مترجمن ۾ عطا محمد ڀنڀري جو نالو وڏي فخر سان ڳڻائي سگهجي ٿو، هن ڪهاڻيون لکيون، ڪالم لکيا ۽ شاعري به ڪئي، شاعري ۾ سندس تخلص حسرت هو، پوين ڏينهن ۾ هڪ پيري ، ٻيو وري شگر جي مرض کيس هيڻو ڪري ڇڏيو هو، نظر به تمام گهٽجي وئي هئس، ٻن فوٽن جي وٿي تي به ماڻهو کي سڃاڻي نه سگهندو هو، پوءِ به ترجمي وارو ڪم ڪندو رهيو، هر روز ٻه دوست وٽس ايندا هئا، هڪ دوست انگريزي واري ڪتاب مان جملو پڙهندو هو، ڀنڀرو ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندو هو، ٻيو دوست اهو لکندو ويندو هو اهڙو مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي مطلب ته هن پنهنجي ياري توڙ نڀائي، بقول ڀٽائي
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي، ساريندي کي سڄڻين
جڏهن اهڙو جاني جدا ٿي وڃي ته پوءِ ڪنهن سان عشق ڪجي؟
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان
جان جو جانان نه رهيو

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *