تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

عشق تمام بره تمام … اڪبر لغاري

هي ناول ٻڌ مت جي فڪري پس منظر ۾ لکيل، عشق جو هڪ داستان آهي جنهن جو ڪئنواس سنڌ کان وٺي، لداخ، لمبيني ۽ ويٽنام تائين ڦهليل آهي. سڀ ڪردار ڪنهن اهڙي ڳولا ۾ آهن جيڪا کين شانتي ڏيئي سگھي. هن ناول ۾ داستان گوئي جو وڏو رس ۽ چس آهي. ٻوڌي ساڌوئن جا داستان، ٻوڌي ڏند ڪٿائون، ويٽنام جون سياسي حالتون، لداخ جي ٻوڌيشالائن جا قصا، مک ڪردارن جي زندگين جو احوال…سڀني ۾ ڪنهن ڪاروان سراءِ جي قصه خواني جو ذائقو آهي. هن ناول کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: هڪ ناول جي مک ڪهاڻي، ٻيو ٻڌ مت جي تعليم، تشريح ۽ تنقيدي جائزو ۽ ٽيو سفر نامو. هن ناول جا ڪردار پنهنجي پنهنجي ڳولا ۾ لداخ، منالي، ليھ ، نوبرا وادي، هيمس، ڪيلانگ،هندر، لمبيني ۽ سائگان ۾ وڃن ٿا ۽ اتي هو ٻوڌيشالائون گھمڻ سان گڏ، سياحت به ڪن ٿا. انهن علائقن جي حسن ۽ خوبصورتي ڏاڍي شاندار ۽ سفرنامي واري انداز ۾ بيان ڪيل آهي.
جادم ٻڌ مت سان تعلق رکندڙ سنڌي نوجوان آهي جيڪو ميرا سان بي حد محبت ڪري ٿو پر هن کي ٻڌ مت سان به ايتري ئي محبت آهي ۽ هو سنڌ ۾ ٻيهر ٻڌ مت جو اوج ڏسڻ چاهي ٿو. هڪ ڏينهن هو سنياسي ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ سڀ ڪجهه تياڳ ڪري، وڌيڪ تربيت لاءِ ، لداخ جي ٻوڌيشالائن ۾ داخل ٿئي ٿو. سندس زال ميرا، کيس روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي پر هو هڪ به نٿو ٻڌي ۽ محبت کي مايا جو موه ۽ ٻوڌي سفر ۾ رڪاوٽ سمجهندي، هليو وڃي ٿو ۽ پنجن سالن تائين ميرا جي ڪا خبر به نٿو وٺي. ايتري تائين جو ميرا جي ڪنهن خط جو جواب به نٿوڏي. سندس واسطو هڪ ٻي سنڌي ٻوڌي، لطيف سان ٿئي ٿو جيڪو 1963 ۾ ويٽنام هليو ويو هو. جادم خط و ڪتابت جي ذريعي، لطيف کان ٻڌمت جا اسرار و رموز به سکي ٿو ته ساڻس ٻڌمت جي فڪر بابت پنهنجي اعتراضن تي بحث به ڪري ٿو،خصوصي طور سنياس وٺڻ ۽ ناري تياڳ بابت هو گھڻو ڳالهائين ٿا پر جادم، ناري تياڳ جي فڪر سان سهمت نٿو ٿئي ۽ کيس ميرا کي ڇڏڻ جو افسوس ٿو ٿئي. شديد پڇتاءُ سبب، هو ، ” موٽ“ کائي ٿو ۽ ميرا طرف واپس اچي ٿو. پنهنجي گهر پهچڻ کان پوءِ کيس خبر پوي ٿي ته ميرا ته کيس، ” ڳولڻ“ لاءِ گھڻو اڳ ئي نڪري ويئي هئي.
ناول جو مک ڪردار، ڪبير برطانيه مان ائنٿراپالجي ۾ ڊگري وٺڻ کان پوءِ، پنهنجي ٻن ساٿين سميت، ٻڌمت تي تحقيق ڪرڻ لاءِ لداخ وڃي ٿو. هڪ ڏينهن هو ڪنهن نوجوان ٻوڌي عورت، مينتوخ، کي يوگا جون مشقون ڪندي ڏسي ٿو جيڪا کيس ڏاڍو وڻي ٿي. هو سندس انٽرويو وٺي ٿو ۽ آخرڪار سندس محبت ۾ گرفتار ٿيو وڃي. هو مينتوخ جي ويجهو رهڻ ۽ سندس دل کٽڻ لاءِ، مينتوخ سان گڏجي ننڍن ننڍن تربيتي ڪورسن ۾ حصو وٺي ٿو. ٻيئي آهستي آهستي هڪٻئي جي ويجهو ايندا وڃن ٿا. ڪبير مينتوخ سان شادي ڪري، کيس برطانيه وٺي وڃڻ چاهي ٿو پر مينتوخ، محبت کي مايا جو ڄار سمجهي ٿي ۽ پنهنجي ٻوڌي سفر کي جاري رکڻ چاهي ٿي. هڪڙي صبح، مينتوخ، ڪبير کي ڇڏي هلي وڃي ٿي. ڪبير کيس ڪافي ڳولي ٿو پر هو نٿي ملي. ڪبير مايوس ٿي سنڌ موٽي اچي ٿو. هو ٻيهر ۽ ٽيهر به مينتوخ کي ڳولڻ لاءِ لداخ وڃي ٿو. کيس مينتوخ ته نٿي ملي پر ان دوران سندس ملاقات، جادم سان ٿئي ٿي جيڪو لداخ ۾ پنهنجي زال ميرا جي، ” ڳولا“ ڪري رهيو هو. جادم کيس، پنهنجي ۽ ساڌو لطيف سان ٿيل خط و ڪتابت ڏي ٿو ته جيئن، ڪبير کي ٻڌمت سمجهڻ ۾ آساني ٿئي . هڪ ڏينهن کيس مينتوخ جو خط ملي ٿو جنهن ۾ صرف هڪ جملو ئي لکيل آهي، ” ڪبير! تو سمجهيو؟ محبت موه جو ڄار آهي!“ . خط تي لمبيني جي ائڊريس پڙهي، ڪبير جلد ئي لمبيني پهچي وڃي ٿو ۽ مينتوخ سان ملي ٿو پر مينتوخ کيس گھڻي بدليل نظر اچي ٿي. هو ٻوڌي سفر جي انتهائي ڏکيي ڏاڪي يعني سنياس وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي. ڪبير هن کي گھڻو ئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پنهنجي محبت جا واسطا به ڏنا پر هو اٽل رهي. مٿس اهو راز به کلي چڪو هو ته مينتوخ ڪا ٻي نه پر اصل ۾ اها ميرا ئي هئي جيڪا جادم کي ڳوليندي ڳوليندي پاڻ ئي سنياسي بنجي چڪي هئي. ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، ڪبير، جادم کي اطلاع ڪري ٿو جيڪو پڻ جلد ئي لمبيني پهچيو وڃي. ٻيئي مينتوخ عرف ميرا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر بيسود. هوءَ، ڊگهي ڌيان ۾ هلي وڃي ٿي ۽ ويٺي ئي ويٺي سندس موت ٿي وڃي ٿو. هنن ٻنهي جي دلين ۾ ته ماتم هوندو آهي پر ٻوڌي دنيا پرجوش آهي ته گوتم ٻڌ جي ديس ۾ هڪ ٻوڌي ستوَ ناري جو اضافو ٿيو آهي جنهن کي نرواڻ مليو آهي.
جوسٽن گارڊن جو ناول، ” سوفي جي دنيا“ فلسفي جو سليس نصاب هو، ان وانگر، هي ناول جزوي طور، ٻڌ مت جو سليس نصاب آهي جنهن ۾ ٻڌ مت جون شاخون، ٻوڌي فڪر ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ تپسيائن جا تفصيل، ان جو تاريخي پس منظر، ان جو ڦهلاءُ وغيره دلچسپ، قصن ڪهاڻين، ڏندڪٿائن ۽ حڪايتن جي ذريعي بيان ڪيل آهي. ان سان گڏ ويٽام ۽ آمريڪا جي جنگ دوران، ويٽنام ۾ ٻوڌين سان ڪيل ظلمن جو داستان به لڱ ڪانڊاريندڙ پيرائي ۾ قلم بند ڪيل آهي. ناول ۾ ٻڌ مت جي تفهيم ۽ تشريح سان گڏ ان جوتنقيدي جائزو به ورتل آهي جنهن ۾ فاضل مصنفه، ٻڌ مت جي هيٺين شين کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي….توهم پرستي، سنياس وٺڻ ۽ ناري تياڳ.تياڳ ڪرڻ وارا سڀ جو سڀ، محبت کي مايا جو موه چون ٿا ۽ ان کي ٻنڌڻ سمجهي ٽوڙڻ چاهين ٿا. هي ناول انهيءَ بيانيي کي انساني فطرت جي خلاف ۽ انسان تي وڏو ظلم سمجھندي، ان کي رد ڪري ٿو.
اسان جي سڄي وايو منڊل ۾ عشق ۽ عقل جو جھيڙو متل هوندو آهي ۽ عشق کي عقل تي فوقيت ڏني ويندي آهي پر هتي فاضل مصنفه اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي آهي ته،” جڏهن عشق، عقل بنا نروار ٿيندو ته ان ۾ اهڙا جنوني ڏيک نظر ايندا. ٻڌ مت، بحيثيت مذهب نه پر هڪ فڪر ۽ رويي طور ئي زنده رهي سگهي ٿو. ٻڌ مت کي عشق ۽ عقل ساڻ کڻي هلڻا پوندا.“ خواهشون ئي انسان جي ڏک جو سبب آهن. خواهشن کي لغام ڏجي. گوتم ٻڌ به پهرين سڀ لذتون تياڳيون هيون پر پوءِ هن ميانه روي جي ڳاله ڪئي. گھڻ هوند ۽ اڻ هوند ٻيئي خراب شيون آهن. سچ ٻن انتهائن جي وچ ۾ هوندو آهي. (ارسطو به ساڳي ڳاله ڪئي) جادم کي سچ جي تلاش آهي ۽ هو سچ کي عقل ۽ استدلال ذريعي ماڻڻ چاهي ٿو نه ڪه عقيدي جي ذريعي.
پلاٽ جي حوالي کان هي ناول، ”ڳولا“ (Quest) جي ذمري ۾ اچي ٿو. (ڪرسٽوفر بڪر، پلاٽ جا ست قسم ٻڌايا آهن). ڳولا جي پلاٽ وارن ناولن ۾ مک ڪردار، ڪنهن عظيم مقصد، لڪل خزاني يا ڪنهن امله شئي جي ڳولا ۾ نڪرندا آهن، جنهن کي ڳولڻ انهن لاءِ انتهائي ضروري بنجيوپوي. هزار قسمن جون مشڪلاتون سهڻ کان پوءِ ،آخرڪار مک ڪردار پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا آهن ۽ ڪهاڻي جو اختتام خوشگوار هوندو آهي. اهڙي اختتام کي روشن (Light) چيو وڃي ٿو پر ان جي ابتڙ، ساڳي ئي ساخت جي ڪجه ڪهاڻين جو اختتام، اونداهو (Dark) هوندو آهي يعني، مک ڪردار جڏهن پنهنجي ڪاميابي جي صفا ويجهو هوندو آهي ته سندس مقصود يا مطلوب ، سندس ئي اکين اڳيان تباه ٿي ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ مک ڪردار جي حصي ۾ ازلي ڏک، پيڙا ۽ درد ايندو آهي.آخر فاضل مصنفه هن ناول جو اختتام خوشگوار ڇو نه ڪيو؟ جواب اهو آهي ته هڪ ته ڪهاڻي جي ساخت اهڙي آهي جو، ڪبير ۽ جادم، ٻيئي هڪ ئي هستي جي ڳولا ۾ آهن ۽ ٻيو ته خوشگوار انجام واريون ڪهاڻيون ڪو زياده وقت تائين جٽاءُ نه ڪنديون آهن. بظاهر هي اختتام سانحاتي (Tragedy) لڳي ٿو ليڪن ٽرئجڊي ڪهاڻين جي اختتام وقت صورتحال ڪجه ائين بيهندي آهي ته ليکڪ اهڙي ٻه واٽي تي اچي بيهندو آهي جنهن ۾ کيس انساني قدر يا انساني ڪردار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي ۽ هميشه انساني قدرن کي بچائڻ لاءِ ، کيس مک ڪردار جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. هن ناول ۾ مک ڪردار کي بچائي، مقصد ۽ مقصود جي قرباني ڏني ويئي آهي. هن ناول جي اختتام کي ڪنهن حد تائين ڪافڪائي انداز (Kafkaesque) چئي سگھجي ٿو.
ناول ۾ سٺي ڄاڻ به ملي ٿي پر ڪٿي ڪٿي ته ڄاڻ جي ايتري ڀرمار آهي جو ان تي ڊاڪيومينٽري جو گمان ٿو ٿئي. ويٽنام جي باري ۾ پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ وڪي پيڊيا پيو پڙهجي. ڪيترين ئي شين جو گھڻو ورجاءُ آهي. ناري تياڳ بابت بار بار بحث ٿو هلي، لفظ مختلف پر ڳالهيون ساڳيون. ايترو ورجاءُ ناول جي جماليات کي ڇيهو ٿو رسائي. ناول ۾ استعمال ٿيل ٻولي رک رکاءُ واري آهي پر سڀني ڪردارن جي ٻولي ۽ لهجي ۾ يڪسانيت آهي. سڀ هڪ ئي انداز سان ڳالهائين ٿا.ناول جي ڪهاڻي جاندار آهي پر ان ۾ ٻوڌي فڪر تي ايترو ته گھڻو لکيو ويو آهي جو ان کي جيڪڏهن ناول کان الڳ ڪري ڇپائجي ته ايم فل ته لهڻي هي ناول پنهنجي تمام تر خوبين ۽ خامين جي باوجود، سنڌي ادب ۾ تمام اهم اضافو آهي. مستقبل ڏسندو ته هي ناول، سنڌي ٻولي ۾ لکيل تمام اهم ناولن مان هڪ ثابت ٿيندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *