تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

عرب دنيا ۾ مظاهرن جي نئين لهر

عرب دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرن جي زد ۾ آهي. عراق، لبنان، مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ ماڻهو معاشي بحران، ڪرپشن ۽ حڪومتي نااهلي جهڙن مسئلن خلاف روڊن تي اچي رهيا آهن. انهن سڀني ملڪن مان عراق جي حالت بنهه خراب آهي، جتي مارجي ويل مظاهرين جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، هيستائين سئو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ ڏهاڪي کان به گهٽ عرصي ۾ مصري عوام ٽئين انقلاب جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. اهڙي موقعي تي مبصر2011ع ۾ آيل نام نهاد عرب بهار ۽ موجوده مظاهرن جي هڪ نئين لهر جي ڀيٽ ڪري رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته 2011ع واري عرب بهار ۽ احتجاجن جي هاڻوڪي لهر پويان ڪارڻ اهو ئي ساڳيو آهي. نوجوانن جو وڏو انگ فرسٽريشن ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته حد درجي جي بيروزگاري ماڻهن جو ڊگهي وقت کان حڪمراني ڪندڙ بادشاهن ۽ حاڪمن ۾ اعتماد ختم ڪري ڇڏيو آهي.
تيونس، جتي هڪ ڀاڄي وڪرو ڪندڙ پورهيت طرفان پوليس خلاف احتجاج طور پاڻ ساڙڻ واري واقعي جي نتيجي ۾ پوري ملڪ ۾ مظاهرا شروع ٿيا هئا ۽ ماڻهن ۾ تبديلي جو مطالبو زور وٺي ويو هو، اتي ڪجهه مهينن جي وڳوڙڻ بعد ٻيهر جمهوري عمل بحال ٿي چڪو هو، پر ان جي ابتڙ مصر ۾ هڪ ٻئي پويان ٻه تبديليون آيون ۽ آخرڪار ملڪ کي هڪ فوجي ليڊر ئي نصيب ٿيو. ٻي عرب دنيا ۾ احتجاج ٿمجي ويا، پر لبيا، شام ۽ يمن هڪ نه کٽندڙ گهرو ويڙهه جو شڪار ٿي ويا، جيڪا اڃا تائين انهن کي کائيندي ٿي رهي.
هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر صورتحال ساڳئي پوائنٽ تي وڃي پهتي آهي، وچ اوڀر، اتر آفريڪا سميت پوري دنيا ۾ حڪومتون ان صورتحال کي ويجهڙائي کان ڏسي رهيون آهي.
عراق
عراق ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ جنگين جي نتيجي ۾ اتان جي معيشت تباهي جي ڪناري تي اچي پهتي آهي. 1980ع ۾ عراق ۽ ايران جي جنگ ٿي، ان کانپوءِ 1990ع جي ڏهاڪي ۾ عراق ڪوويت تي ڪاهه ڪئي جيڪا ناڪام ٿي وئي، ان کانپوءِ عالمي پابنديون، آمريڪا جي عراق تي ڪاهه، ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تباهي ۽ بدامني، شدت پسندي، 21 هين صديءَ ۾ داعش جي اڀرڻ جهڙا مسئلا عراق لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿيا. 2017ع ۾ جڏهن ملڪ جي ٻئي نمبر وڏي شهر موسل کي داعش جهڙي طاقتور شدت پسند گروهه کان خالي ڪرايو ويو ته ماڻهن کي اميد هئي ته هاڻ ڏهاڪن کان جاري بحرانن جو خاتمو اچي ويندو.
پر افسوس ته ڪا بهتري نه اچي سگهي. عراق جي نئين سر تعمير نه ٿي سگهي، ان لاءِ اڪثر ماڻهو حڪمران طبقي کي ذميوار قرار ڏين ٿا. جيتوڻيڪ، آمريڪا هٿان صدام حسين جي موت کانپوءِ عراق ڪنهن هڪ بادشاهه يا طاقتور حڪمران جي هٿ ۾ ناهي پر طاقت وري به ڪجهه اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي ان کي مذهبي ۽ فرقيواراڻي بنيادن تي هلائي رهيا آهن.
ريڊ ڪراس جي انٽرنيشل ڪاميٽي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل نيوز ويڪ کي اماڻيل پنهنجي بيان ۾ عراق ۾ تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. تازو آيل رپورٽن مان معلوم ٿئي تو ته وزير اعظم عادل عبدالمهدي پاران ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ۽ ڪرفيو لاڳو ڪرڻ خلاف احتجاج دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ رياستي مليشيا سان ٿيل وڳوڙن ۾ 46 (هاڻ اهو انگ هڪ سئو کان به وڌي ويو آهي) ماڻهو مارجي چڪا آهن.
لبنان
لبنان ۾ فرقيوراڻن تڪرارن جا نتيجا اڃا تائين ظاهر ٿي رهيا آهن. 1975ع کان 1990ع تائين 15 سالن جي جنگ ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ مذهبي توڙي نظرياتي طبقن ۾ وڏا ويڇا پيدا ڪري ڇڏيا، جيڪي اڃا تائين هلندا پيا اچن.
ان کانسواءِ 2006ع ۾ اسرائيل سان تڪرار ۽ پاڙيسري ملڪ شام ۾ هلندڙ جنگ جي اثرن جو شڪار لبنان هميشه سياسي اقتدار جي حاصلات لاءِ ويڙهه ۾ مصروف ٻاهرين ملڪن سان ويجها لاڳاپا رکندڙ ماڻهن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ اتحادين جو سهارو ورتو آهي. ڪنهن امڪاني تڪرار کان بچڻ لاءِ هن ننڍڙي ملڪ 1932ع کان وٺي سرڪاري سطح تي آدمشماري به نه ڪرائي آهي. بيروت ۾ ڪم ڪندڙ انفارميشن انٽرنيشنل جي انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ هن وقت شيعا، سني ۽ مسيحي آدمشماري لڳ ڀڳ هڪ جيتري آهي، جڏهن ته اقليتي گروپن جو به چڱو خاصو تعداد آهي.
اهڙي ريت، حڪومتي جڏائپ جا سماج تي ڪيترائي ناڪاري اثر پيا آهن. وڌندڙ قرضن جو مسئلو، ڊالر جي کوٽ ۽ ناڻي قدر گهٽجڻ کانسواءِ توانائي جو بحران ۽ صفائي نظام به وڏا مسئلا ٿي سامهون آيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو بيروت ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ هن وقت ملڪ جي ٽنهي وڏن ليڊرن خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن.
مصر
مصر ۾ 2011ع ۾ ڊگهي وقت کان حڪمراني ڪندڙ حسني مبارڪ کي ڪڍيو ويو ته اهو لمحو ملڪ لاءِ تاريخ جو هڪ نئون دور تصور ڪيو پئي ويو. نه فقط عرب جيو پوليٽيڪل پر پوري دنيا ۾ پنهنجي ڪردار سبب مصر کي پيار منجهان “دنيا جي ماءُ” به سڏيو ويندو آهي. حسني مبارڪ جي نيڪالي کانپوءِ لڳ ڀڳ اڍائي سالن اندر هن جو جانشين اخوان مسلمين جو ميمبر محمد مرسي به عوامي احتجاجن دوران فوجي ڪاهه جي نتيجي ۾ گهر هليو ويو. 2013ع واري اليڪشن کانپوءِ اڳوڻي ڪمانڊر عبدالفتاح السيسي سمورا اختيار پاڻ ۽ ملڪ جي آرمي وٽ رکيا آهن. پر ملڪ کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، سنائي ٻيٽن تي اڃا تائين داعش قابض آهي جيڪا مک شهرن ۾ رکي رکي بم ڌماڪا ڪرائيندي رهي ٿي، تنهن ڪري عبدالفتاح سيسي لاءِ پنهنجي واعدن تي پورو لهڻ مشڪل بڻجي رهيو آهي.
گذريل مهيني اداڪار مان واپاري بڻيل محمد علي وڊيو جاري ڪري عبدالفتاح سيسي تي پنهنجي مشهوري وارن منصوبن تي لکين رپيا خرچ ڪرڻ جو الزام هنيو ته ان کانپوءِ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ انهن مصري حاڪم خلاف احتجاج شروع ڪري ڏنا. سرڪار مظاهرين کي روڪڻ لاءِ گرفتاريون ڪري رهي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا جي سينسرشپ سخت ڪئي وئي آهي. رڳو اهي ئي ملڪ ناهن جتي هن وقت مظاهرن جي لهر اٿي آهي، الجيريا ۾ هن ئي سال ماڻهن صدر کي نيڪالي ڏني، اتي به اڃا تائين مظاهرن جو سلسلو هلندڙ آهي.
(نيوز ويڪ جي ٿورن سان)

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *