تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

عربي ادب ۽ شاعريءَ جو تحقيقي جائزو … عرفان ڏاهري

عربن وٽ سڀ کان پهرئين لفظ ”ادب“ جو استعمال تعليم و تربيت،تهذيب و نفس ۽ اخلاق سيکارڻ وغيره جي معنيٰ ۽ مفهوم هيٺ وجود ۾ آيو.جنهن جو استعمال ساڳي ئي معنيٰ ۾ ايامِ جاهليت واري دور ۾ لکيل ڪجهه خطن، شاعرن جي شعرن ۽ اسلامي دور ۾ ڪجهه حديثن وغيره ۾ ملي ٿو،جيئن هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته، ” ادبني ربي فاحسن تاذيبي“  يعني منهنجي رب منهنجي تربيت احسن طريقي سان ڪئي! اهڙي ريت ” تحفته الادب “ وارو صاحب لفظ ”ادب“ بابت لکي ٿو ته، ” ادب لفظ جي اصل تاريخ بنو اميه جي دور کان شروع ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ ئي اهو لفظ رائج ۽ شايع ٿيڻ لڳو ۽ ان زماني کان ئي ان لفظ جو استعمال سڀ کان پهرئين تعليم و تربيت ڪرڻ جي معنيٰ هيٺ وجود ۾ آيو. (ص:6،7)“ جڏهن ته ٻي،ٽئين ۽ چوٿين صدي هجريءَ  ۾ ادب لفظ جي معنائن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون،جنهن جي نتيجي ۾  پنجين صدي هجريءَ  ۾ ادب لفظ مڪمل طور تي هڪ علم جي صورت اختيار ڪئي،جنهن ۾ نثر ۽ شعر وشاعري سان گڏوگڏ لغت، صرف و نحو،اشتقاق،علم عروض ۽ علم معاني ۽ بديع وغيره جهڙا علم به شامل هئا،پر اڳتي هلي لفظ ادب جو دائرو الڳ مقرر ڪري ان کي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ڏني وئي. اهڙي ريت لفظ ادب ” مادبه “ مان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ دعوت ڏيڻ آهي يعني ڪنهن کي طعام جي لاءِ ڪوٺڻ کي ”مدعاۃ “  يا  ”مادبه“ چئبو آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ ادب لفظ جو اطلاق ڪنهن سٺي شاعري يا ڪلام ۽ نثر جي لاءِ ٿيندو آهي،جنهن جي باري ۾ ”لسان العرب“  ۾ اچي ٿو ته ”ادب “ ماڻهن کي هميشه ڀلائي جي لاءِ راغب ڪري ٿو جڏهن ته برائي کان روڪي ٿو. اهڙي ريت سنڌي شعبي جي هڪ محسن استاد ” ڊاڪٽر فياض لطيف “  شعبي جي هڪ پروگرام ۾ چيو هو ته ” اهو ادب ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائي ٿو!
عربن ۾ شاعريءَ جي شروعات سڀ کان پهرئين ”مسجع نثر“ کان ٿي،جنهن جي باري ۾محققن جو چوڻ آهي ته، عربن جي شاعري ۾ نثر وڌيڪ ۽ شعر جو مادو تمام گهٽ آهي. اهڙي طرح تاريخي حوالي سان ”عربن ۾ شاعري جي شروعات ڪڏهن ٿي،ان جي ڪابه تاريخ نٿي ملي. ( تاريخِ عربي ادب،ص:74)“ پر جيڪي تاريخي انگ اکر ملن ٿا، ان جي مطابق عربن ۾ سڀ کان پهرئين شاعريءَ جي شروعات ” بنو ربيعه“ قبيلي کان ٿي پر ڪن محققن جو رايو آهي ته ان جي شروعات ” بنو ڪنده“ قبيلي کان ٿي پر گهڻي ۾ گهڻا محقق بنو ربيعه قبيلي تي متفق آهن،تنهنڪري بنو ريبعه کان بنو قيس،بني تميم،بنو هذيل ۽ بجيله جهڙن قبيلن کان عربي شاعري جون پاڙون سڄي عرب جزيري تائين ڦهلجي وئيون.
عربن وٽ شاعر جو قدر ۽ اهميت:
عربن ۾ هڪ شاعر جو تصور سڀني قومن کان مٿانهون هو،انهن وٽ هڪ شاعر جي حيثيت بيحد گهڻي بلند و بالا هئي.ڪنهن به قبيلي ۾ جيڪڏهن ڪو شاعر ظاهر ٿيندو هو ته ٻين قبيلن جا ماڻهو ان قبيلي کي اچي مبارڪباد ڏيندا هئا! ڇاڪاڻ ته انهن جي نظر ۾ اهو شاعر ئي هو،جيڪو ان قبيلي جي مان ۽ مروت،شان ۽ شوڪت جو تحفظ رکي سگهي ٿو ۽ جڏهن ڪو شاعر ٻين ۾قبيلن جي هجوگوئي وسيلي پنهنجي قبيلي جو مان مٿانهون ڪندو هو ته ان قبيلي جا ماڻهو ان شاعر جي آڏو سِر جهڪائي کيس خراج تحسين پيش ڪندا هئا،اهي پنهنجي شاعر جي هڪ شعر تي سِر ڏيندا به هئا ته وٺندا به هئا ۽ انهن وٽ شاعر جي حيثيت ايتري ته مٿاهين هئي جو اهي ”لبيد بن ربيعه العامري “ جي شاعري  ٻڌندي ئي کيس تعظيم وچان سجدو ڪري ڏيندا هئا! ۽ ”ميمون بن قيس“ جي شاعري ٻڌندي ان مٿان پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا ته گڏوگڏ   ” اميه بن ابي الصلت“ جي شاعري ٻڌندي سڀئي هم آواز چئي ڏيندا هئا ته ان جهڙو ڪو داناءُ هن پوري روءِ زمين تي ته ڄائو ئي ناهي وغيره وغيره جهڙيون حقيقتون تاريخ جو دلچسپ تبصرو ٿي رهيون آهن.
عربي شاعريءَ جا قسم:
1-وجداني،داخلي يا غنائي شاعري:
هن قسم جي شاعريءَ ۾،شاعر جي اندروني جذبن،احساسن،ڪيفيتن،حالتن ۽ وارداتن جو اظهار ٿيل هوندو آهي،عربن ۾ خاص طور تي ايامِ جاهليت واري زماني  کان وٺي موجوده دور تائين هن قسم جي شاعريءَ کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي.
2- قصه گو يا بياني شاعري:
هن قسم جي شاعريءَ ۾ عربن جي وچ ۾ ٿيل معرقن،لڙائين ۽ جنگين جو ذڪر ٿيل آهي،جنهن ۾ خاص طور تي سندن شجاعت ۽ بهادريءَ جا قصا ۽ ڪارناما بيان ٿيل آهن.
3- تمثيلي يا ڊرامائي شاعري:
هن قسم جي شاعريءَ ۾ ڪو شاعر ڪنهن واقعي کي سامهون رکندي هڪ قسم جي ڪهاڻي پيش ڪندو آهي،جنهن ۾ هو پنهنجا ڪي ڪردار جوڙي انهن وسيلي پنهنجي مرضي مطابق جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪندو آهي.
عربي شاعرن جا قسم:
1-جاهلي شاعر:
ان قسم جي شاعرن ۾ گهڻي ڀاڱي اسلام جي ظهور کان اڳ وارا شاعر شامل آهن،جهڙوڪ؛امراءُ القيس،زهير،لبيد،الاعشيٰ وغيره.
2- مخضر شاعر:
هن قسم جي شاعرن ۾ ڪجهه ايامِ جاهليت وارا ته ڪجهه وري اسلام جي ظهوري کان بعد وارا شاعر شامل آهن. جهڙوڪ؛ خنساءَ،حسان بن ثابت وغيره.
3-اسلامي شاعر:
هن قسم جا شاعر خاص طور تي بنو اميه دور جا هئا،جيڪي پنهنجي شاعريءَ ۾ قديم يا ڪلاسيڪي اسلوب جا قائل هئا.
4-مولد شاعر:
هن قسم جا شاعر وري عباسيه خلافت واري دور ۾ ملن ٿا،جيڪي پنهنجي شاعريءَ ۾ تجنيسن،صنعتن،تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال ڪثرت سان ڪندا هئا،جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ فڪر کان وڌيڪ فن کي پسند ڪندا هئا.
عربي شاعريءَ جا مختلف دور:
هڪ اردو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالحليم ندوي صاحب پنهنجي هڪ ڪتاب ” تاريخ عربي ادب “ ۾ عربي ادب ۽ شاعريءَ جا ست دور ڄاڻايا آهن،جن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.
1- ايام جاهليت وارو دور: هي دور لڳ ڀڳ پنجين صدي عيسوي کان پهرين شروع ٿيو، جيڪو هجرت جي پهرين سال يعني 622ع ۾ پورو ٿيو.
2- اسلامي دور: 622ع کان  661ع  تائين
3-بنو اميه خلافت وارو دور: 661ع کان وٺي 750ع تائين
4-عباسي خلافت وارو دور: 750ع کان وٺي 1258ع تائين
5-عثماني سلطنت وارو دور: 1258ع کان وٺي 1797ع تائين
6-عبوري دور: 1798ع کان وٺي 1919ع تائين
7-جديد دور يا موجوده دور: 1920ع کان هلندڙ (ڏسو،ص:77،78)
عربي شاعريءَ جا موضوع:
عربي شاعريءَ جو موضوعاتي ڪينواس ته تمام گهڻو وسيع آهي،جنهن کي هن ڪوزي نما مضمون ۾ قيد ڪرڻ انتهائي مشڪل آهي،پر پوءِ به ٿلهي ليکي ابتدائي دور کان وٺي موجوده دور تائين عربي شاعري بت پرستي،حسن و عشق، محبوب يا محبوبا جي خوبصورتي، وفائي، بيوفائي، تنهائي، جدائي، وڇوڙي ۽ وصال سان گڏوگڏ مدح گوئي، هجوگوئي، جنگ و جدل،قتل و غارت، انتشار ۽ انتقام کان ويندي بادشاهن، وزيرن ۽ بهادر سپاهين جي سخاوت ۽ بهادري، ڀلن اٺن،گهوڙن ۽ تلوارن جي ساراهه سان گڏوگڏ امن ۽ آسودگي، خوشي ۽ خوشحالي،بک ۽ بدحالي، نفرت ۽ ناراضگي،حرص ۽ حوص،اهنج ۽ ايذاءُ، پيڙاءَ ۽ پڇتاءَ،ڀائيچاري ۽ ڀائپي جهڙن موضوعن سان گڏوگڏ حب الوطني جي پيار ۽ پرچار سان سرشار آهي.
عربي شاعريءَ جي ڪجھ صنفن جو مختصر تعارف:
هوئنن ته عربي شاعريءَ ۾ لڳ ڀڳ شاعريءَ جون سڀئي صنفون ملن ٿيون پر اسان هتي چند صنفن جو تعارف پيش ڪنداسين،جيڪي ايام جاهليت واري دور يا ان کان بعد ۾ به ملن ٿيون.
1-رجز: رجز جي لغوي معنيٰ آهي، اضطراب يا پريشاني وغيره يا اٺ جي اٿڻ وقت سندس ڄنگهن ۾ پيدا ٿيندڙ رڦڻي واري بيماريءَ  کي به عربيءَ ۾ رجز چئبو آهي،رجز علم عروض جي بحر جو به نالو آهي. بهرحال هن صنف ۾ بهادر سپاهين جي بهادريءَ ۽ شجاعت جا قصا بيان ڪبا آهن،جيڪي خاص طور تي جنگين جي دوران ڳائبا هئا،هن صنف کي ”اغلب اجلي“ نالي هڪ عربي شاعر عروج تي پهچايو.
2- قصيدو: قصيدو لفظ قصد ( اصل يا ڀروسو) يا القصد ( ارادو ڪرڻ ) مان ورتل آهي، جنهن جو بانيڪار ” مهلهل “ نالي هڪ عربي شاعر آهي،پر قصيدي کي جنهن صحيح معنيٰ عروج بخشيو سو ”امراءُ القيس“ آهي.قصيدي ۾ ڪنهن هستيءَ جي باري ۾ هڪ سئو يا ان کان وڌيڪ بيتن ۾ تعريف يا واکاڻ ڪئي ويندي آهي.
3-فخر و حماسه: هن صنف ۾ ڪو شاعر پنهنجي ابن ڏاڏن يا قبيلي جي تعريف ڪندو آهي،جنهن ۾ هو پنهنجي قبيلي جي بهادر سپاهين جي خوبين کي پيش ڪندو آهي.
4- مدح: مدح هڪ عربي لفظ آهي، جيڪو ”مديح يا مدحۃ “ مان ورتل آهي،جنهن جي معنيٰ تعريف ڪرڻ آهي. هن صنف ۾ ڪنهن بادشاھ،وزير يا بهادر سپاهي جي واکاڻ ٿيل هوندي آهي.ايام جاهليت واري زماني ۾ ڪن شاعرن پنهنجي ڪجهه مخصوص بتن جي باري ۾ به مدحون چيون ته اسلام جي ظهوري کانپوءِ ڪجهه اسلامي شاعرن نبي سائين جي شان ۾ به مدحون چيون ۽ ائين ئي اهو سلسلو اصحابين سڳورن ۽ ولين تائين اچي پهتو!
5- مرثيو: مرثيو عربي ٻوليءَ جي هڪ لفظ  ”رثا “ مان ورتل آهي،جنهن جي معنيٰ مري ويل شخص جي مٿان روئڻ ۽ ان جون خوبيون بيان ڪرڻ آهي هن صنف ۾ ڪنهن شخص جي مرڻ کانپوءِ ان جي مٿان وڏي واڪي پار ڪڍي  درد ڀري آواز ۾ سندس خوبيون بيان ڪيون وينديون آهن،مرثيي جي شروعات سڀ کان پهرين ” الخنساءَ “ نالي هڪ عربي شاعره ڪئي،جنهن پنهنجي ڀاءُ جي موت واري صدمي ۾ مرثيا چيا هئا.
6 هجو: عربي ۾ ان لفظ جي معنيٰ آهي،گلا، غيبت يا ڪنهن جو مذاق اڏائڻ ۽ ڪنهن تي طنز ڪرڻ وغيره،جيڪي سڀئي شيون هن صنف جي بنيادي موضوع جي حيثيت رکن ٿيون.
7-سراپا يا وصف: هن صنف ۾ ڪنهن به شيءِ جو اهڙو نقشو يا خاڪو چٽيو ويندو آهي جو پڙهندڙ کي محسوس ٿئي ته هو اها شيءِ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي.
8-معذرت: هن صنف ۾ شاعر پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪندو آهي ۽ ڪنهن شخص کان ان بابت معذرت وٺندو آهي. 
مشهور عربي شاعر ۽ شاعرائون:
عربي شاعرن ۾ سڀ کان پهريون شاعر مهلهل يا عدي هو،جنهن قصيدي جي شروعات ڪئي ۽ امير الشعراءُ امراءُ القيس  جو مامون به هو، ان کانپوءِ امراء القيس،زهير بن ابي سلميٰ،الاعشيٰ،لبيد بن العامري ۽ نابغه ذيباني وغيره جهڙن شاعرن کي تمام گهڻي شهرت ملي ۽ عربي شاعريءَ جي سموري تاريخ ۾ انهن شاعرن کي عظيم شاعرن جي فهرست ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو! ان کان علاوه حسان بن ثابت کي وري اسلامي دنيا ۾ هڪ عظيم شاعر جي حيثيت حاصل آهي جڏهن ته  خداش بن زهير،اوس بن حجر،طرفه،جريج وغيره کي ايام جاهليت ۽ اسلامي دور جي اهم شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙي ريت اميه دور ۾ اخطل،فرزدق،مجنون ۽ جريد،عباسي دور ۾ بشار بن بُرد،ابو نواس ۽ ابو العلا ۽ انهن دورن کان پوءِ حافظ ابراهيم،احمد شوقي،نازڪ الملائڪ،خليل جبران ۽ محمود درويش وغيره جهڙا شاعر جديد عربي شاعريءَ ۾ هڪ اهم حيثيت رکن ٿا ۽ اهڙي طرح عربي شاعرائن ۾ خنساءَ ام الصريح جو نالو سڀ کان پهرئين اچي ٿو،خنساءَ کي اهو شرف حاصل هو ته ان جي سموري خاندان جا سڀئي فرد شاعر هئا! خنساءَ کان بعد خزنق،جليله،عاتڪه،صفيه،هند،ام ايمن ۽ نازڪ الملائڪه وغيره جهڙيون مشهور و معروف شاعرائون عربي شاعريءَ ۾ مرد حضرات جي ڀيٽ ۾ هڪ اهم حيثيت ۽ مقام رکن ٿيون.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *