تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

عبدالحق عظيم اديب، شاعر، ايڊيٽر ۽ ٽيليويزن پروڊيوسر … فهميدا حسين

ناليواري اديب، شاعر، ايڊيٽر ۽ ٽيليويزن جي پروڊيوسر عبدالحق عظيم، 24 نومبر 1935ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ عالم ۽ استاد محمد يعقوب ’نياز‘ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ گريجوئيشن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان ڪري عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه سالن جي وقفي کان پوءِ 1994ع ۾ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات مختلف اخبارن ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪئي. جن ۾ روزاني ڪاروان، هلال پاڪستان (حيدرآباد) شامل آهن. ان سان گڏ سنڌ يونيورسٽي پريس ۾ پروف ريڊر ۽ سنڌي ادبي بورد جي پرنٽنگ پريس ۾ اسٽنٽ مئنيجر پڻ رهيو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڪجهه وقت ماهوار رسالي ’مارئي‘ ۽ ماهوار ’ٻيجل‘ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. 1967ع ڌاري پاڻ ’بادل‘ رسالي سان سلهاڙجي ويو جنهن جو ايڊيٽر عمرالدين بيدار هو.جيڪو اهو رسالو ڪجهه وقت کان پوءِ عبدالحق عظيم جي ايڊيٽرشپ ۾ ڏئي پاڻ ڪراچيءَ هليو ويو. اهو رسالو ڪيئي سال ڪاميابيءَ سان ڪڍيائين. عبدالحق عظيم جون ڪهاڻيون، نظم، مضمون، خاڪا ۽ ڪالم مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. سماهي مهراڻ ۾ سندس لکيل ٻه ڪهاڻيون ’بابلي‘ ۽ ’جنڙي‘ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. ان کان سواءِ سندس لکيل شيخ اياز, مقبول ڀٽيءَ، استاد نياز حسين ۽ استاد فيروز گل جي باري ۾ خاڪا پڻ اهم آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۾ لکيل سندس ليک ’ٻارن جون رانديون‘ سورنهن قسطن ۾ ڇپيون. جنهن کي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ پڻ شايع ڪيو ويو. روزاني اخبار هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ’جاڳو‘ ۾ سندس مستقل ڪالم ’تکيون مٺيون ڳالهيون‘ پڻ ڪجهه سال ڇپيون. عبدالحق عظيم شاهه عبدالطيف بابت عالمن جا لکيل مضمون ۽ مقالا سنڌيءَ مان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيا، جن کي شاه عبدالطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ’شاه لطيف ايڪ مفڪر شاعر‘ جي عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس لکيل هڪ ’ادب لطيف‘ جي سري هيٺ مستقل ڪالم ماهوار جا خط بادل رسالي ۾ ڇپجندو هو. جنهن کي پاڻ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سهيڙيو اٿس ۽ جلد ڇپائڻ جو ارادو پڻ هيس. هلال پاڪستان اخبار ۾ لکيل سندس مضمونن جي هڪ سيرز سائنسي معلومات جي عنوان سان پڻ هلي. جنهن جو پنج قسطون ڇپيون. سندس لکيل هڪ نظم ’هرڪو ٻار آ يار اسان جو‘ چوٿين ڪلاس جي سنڌي درسي ڪتاب ۾ ٽن ڏهاڪن کان شامل آهن ۽ ٻيا ڪيترائي نظم ڇپيل آهن.
پاڪستان ٽيليويزن جي پروڊيوسر جي حيثيت ۾ سندس مقبول سنڌي پروگرام هئا، حال احوال، واءُ سواءُ، کيتي سر سيتي، سنڌ سينگار، مهراڻ رنگ (جن ۾ مهدي حسن کان سنڌي ڪلام ڳارايائين)، مزاحيه پروگرام رس چس، ٻارن لاءِ پروگرام روشن تارا شامل آهن. اردو پروگرام ۾ طب ڪي باتين، انسائيڪلوپيڊيا، لوڪ پاڪستان وغيره به پروڊيوس ڪيائين. ڪرنٽ افيئرس جي پروگرام ۾ وقت جي وڏي وزير کي گهرائي ان کان انٽرويو ڪرڻ جو رواج به عبدالحق عظيم وڏو. ان حوالي سان هن ڄام صادق علي، سيد غوث علي شاهه ۽ سيد عبدالله شاهه جا انٽرويو رڪارڊ ڪري نشر ڪيا. سنڌ جي شهرن جي تاريخي حيثيت کي اجاگر ڪرڻ جي مقصد هن هڪ خاص پروگرام جوڙيو. جنهن جي عنوان هو ’سنڌ جا شهر- تاريخ جي نظر سان‘. انهن شهرن ۾ هن ٺٽي، سيوهڻ، شڪارپور، سکر، هالا، عمرڪوٽ ۽ موهن جي دڙي بابت پروگرام تيار ڪري پيش ڪيا. لوڪ ادب جي سلسلي جي پروگرامن ۾ ڪچهري (سيد صالح محمد شاه ۽ لوڪ فنڪارن ۽ سگهڙن جو پروگرام) جنهن ۾ نڙ بيت، ڳجهارتون، ٽوٽڪا، چرچا (محمد مسخري سان هڪ پروگرام نشر ڪيا. ملهن سان ڳالهيون (شير مير بحر سان رهاڻ) ملاکڙن جو احوال ۽ ٻيار ڪيترائي سنڌي لوڪ ثقافت جا انگر پيش ڪيائين. عبدالحق عظيم مخدوم محمد زمان طالب المولي جي صدارت م هڪ بهترين مشاعرو پڻ ٽيلويزن تان نشر ڪيو ويو. پاڻ 1995ع ۾ رٽائر ڪيائين. عبدالحق عظيم نوجوانيءَ ۾ شاگرد سياست ۾ بهرو ورتو، سنڌ اسيمبليءَ ۾ جنهن ڏينهن ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ٿيو هو. ان ڏينهن حيدرآباد ۾ اديبن احتجاج ڪيو هو ۽ ڀتين تي ون يونٽ مخالف پوسٽر هنيا هئا. ان موقعي تي هن کي مقبول ڀٽيءَ ۽ تنوير عباسيءَ سان گڏ گرفتار ڪري مارڪيٽ ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو هو. 4 مارچ واري واقعي ۾ لالا قادر، اقبال ترين، يوسف لغاريءَ ۽ يوسف ٽالپر سان گڏ احتجاجي ريليءَ مان پڻ گرفتار ٿيو هو. سنڌ ٻوليءَ جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ پڻ هن سرگرميءَ سان حصو ورتو.
عبدالحق عظيم جي شادي 1978ع ۾ ياسمين ميمڻ سان ٿي. جنهن تازو سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ مان ڊائريڪٽر پبليڪيشن جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو آهي. سندس اولاد ۾ ٻه پٽ شڪيل، عديل ۽ هڪ ڌيءَ صدف شامل آهن جيڪي ٽئي ايم.بي.اي ڪري سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. پاڻ 23 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ وفات ڪيائين.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *