تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

عالم سڀ آباد ڪرين .. (ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي ڪتاب جو جائزو) … ڊاڪٽر نواز علي شوق

اسان جي مانائتي ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو قلم ۽ ڪتاب سان گهرو تعلق رهيو آهي، اهوئي سبب آهي جو هن سنڌي زبان ۾ سهڻا ڪتاب تخليق ڪيا آهن، کين شاهه لطيف جي شاعري سان تمام گهڻي دلچسپي آهي، سندن اها آرزو هئي ته شاهه لطيف تي پي ايچ ڊي ڪري پر افسوس جو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي استادن کين مايوس ڪيو، ان ڳالهه مونکي به سخت صدمو پهچايو، بحرحال هن محنت ڪري 2012 ۾ سنڌي نثر ۾ عورتن جو حصو موضوع تي پي ايچ ڊي ڪئي. ڀيڻ پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي هن ڪتاب عالم سڀ آباد ڪرين جي پيش لفظ ۾ افسوس جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته اسان وٽ اهڙا اهڙا نادر ماڻهو موجود آهن، جيڪي عورت ذات جي ترقي جا دشمن ۽ سندن اڳيان وڌڻ ۾ رڪاوٽ آهن، انهي وقت لطيف سرڪار جي فن تي ڪم نه ڪرڻ منهنجي دل کي جيڪو صدمو رسايو اهو آئون ٻڌائي نٿي سگهان پر وري به همت نه هاريم سندن فن کي مڃتا ڏيندي هڪ تحقيقي ڪتاب مرتب ڪيم، آديسين ادب آهي اکڙين ۾،
ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي ڪتاب عالم سڀ آباد ڪرين جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شاهه جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو آهي، هن نه صرف پڙهيو آهي پر پروڙيو به آهي، ڊاڪٽر پروين لطيف کي ايترو ته پڙهيو آهي جو سندس هن ڪتاب ۾ اڪثر هنڌن تي شاهه واري ٻولي نظر اچي ٿي. ڊاڪٽر پروين پنهنجي ڪتاب جي هر مضمون جو عنوان شاهه جي بيت جي مڪمل مصرع يا اڌ مصرع مان کنيو آهي سندس ڪتاب جي پهرين مضمون جو عنوان آهي ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جي، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحبه الله جي وحدانيت شاهه جي شعرن جي روشني ۾ بيان ڪئي آهي، هن سرڪلياڻ مان اهي بيت ڏنا آهن جن ۾ وحدت جي وائي آهي، ٻئي مضمون جو تعلق رسالت سان آهي جنهن جو عنوان آهي، جنهن هادي ميڙيم ههڙو، ان مضمون ۾ شاهه جي شعرن جي روشني ۾ رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪئي وئي آهي، شروع ۾ سر بلاول جو هي بيت ڏنو ويو آهي،
جکري جهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهن ۾
مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان
اي آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو
ان بيت ۾ نبي سڳوري جي ساراهه بيان ڪئي وئي آهي، ٽئين مضمون جو عنوان آهي، سورهيه مرين سوڀ کي، هن مضمون ۾ سر ڪيڏاري جي روشني ۾ امام عالي مقام حسين عليه السلام ۽ سندن ساٿين جي سورهيائي ۽ قرباني شاهه جي بيتن جي روشني ۾ بيان ڪئي وئي آهي، چوٿين مضمون جو عنوان آهي سڀيئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم، ڊاڪٽر پروين هن مضمون ۾ لکيو آهي ته شاهه صاحب وٽ ويسلو ٿي وهڻ عيب هو انهي ڪري هن محنت جدوجهد ۽ ڪوشش کي همٿايو آهي پر انهي سان گڏوگڏ مايوسي ۽ نااميدي کان بچاءُ لاءِ توڪل کي ترهو ڄاڻايو آهي.
پنجين مضمون جو عنوان آهي هوندا سي حيات، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر پروين لکيو آهي ته حقيقت ۾ حياتي اها زندهه جاويد آهي جيڪا ٻين لاءِ آفتاب ۽ روشني مثل پيغام هجي، جنهن جي مهانتا مڃي وڃي، جنهن ۾ اسين روئندا اچون ۽ کلندا وڃون، جنهن ۾ اسين اهڙا ڪم ڪريون جو بقول غالب ، سڀاڻي اسان جي مٽي مان گلاب جا گل ڦٽي نڪرن، ۽ اهو صرف تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن زندگيون سگهارن مقصدن تحت گهاريون وڃن، ڇهين مضمون جو عنوان آهي ، چڱا ڪن چڱايون، انهي عنوان هيٺ هي بيت ڏنو ويو آهي،
چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن
جو ور جڙي جن سين، سو ور سيئي ڪن
انهي مضمون ۾ لکيو اٿن ته ، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مٿيون بيت انساني ڪردار نگاري کي ٻن سٽن ۾ تمام اونهائي سان بيان ڪري ٿو، شاهه سائين جو سڄو ڪلام انساني زندگي جو مڪمل اڀياس آهي، سندن موجب چڱا گڻ/ سٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کٽي ٿو، چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن پر انهن کي جيڪو پنهنجو ڪندو، سو پنهنجي حيثيت، وت ۽ ماحول آهر نه فقط پاڻ مستفيض ٿيندو پر ٻيا به هن سرهاڻ سان واسبا.
ان کانپوءِ واري مضمون جو عنوان آهي جي ڀائين جوڳي ٿيان، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر پروين ٻڌايو آهي ته شاهه صاحب هن بيت ۾ مثالي انسان جو ذڪر ڪيو آهي، ڊاڪٽر صاحبه لکيو آهي ته شاهه لطيف اهڙي آدرشي انسان کي پسند ڪندڙ آهي جو ڪڙي ۽ قاتل جو هيراڪ آهي، جو جر تي ڦوٽي جيان اڀري ختم ٿيندڙ نه، پر حيات جاودان ماڻيندڙ ۽ حياتي جي اسرار کي سمجهندڙ آهي، هو اجتماعي مقصدن کي اهميت ڏيندڙ سماج جي ڀلي اوسر لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان ذات جي ترقي ۽ ڪاميابي جي خوشخبري ڏيندڙ حق جي ڳولا ڪندڙ آهي، اهڙا سنياسي خودي کان خالي، منافقن کان پاڪ، لاهوتي لعل ۽ محبتي مڻيادار ملڻ هر دور ۾ محال رهيا آهن، پر رب پاڪ پنهنجن پيارن ٻانهن مان ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي، هن وقت به اهڙا اڻ ملهه موتي هن ڌرتي تي موڪليا آهن، جن کي موت مات نه ڏني آهي، ساڳي مضمون جي آخر ۾ لکيو اٿن ته شاهه صاحب جي شاعري سنڌي سماج جي هر دور جي اهم ترين ضرورت آهي انهي کي پڙهڻ پروڙڻ ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ سان ئي اسان مثالي انسانن جو معاشرو ٺاهي سگهنداسين،
ان کانپوءِ نائي نيڻ نهار واري مضمون ۾ تصوف جي اپٽار ڪئي وئي آهي ڊاڪٽر پروين لکي ٿي ته شاهه لطيف جو نالو سنڌ جي هڪ اهم صوفي شاعر جي حيثيت سان هنڌين ماڳين مشهور آهي سندس دور ۾ نفس جي پاڪائي لاءِ هلندڙ صوفي سلسلن ۾ سهروردي، قادري، نقش بندي ۽ چشتي مشهور سلسلا هئا، پاڻ قادري طريقي جي بزرگن مان هو، جن وٽ اندر جي پاڪائي ۽ روحاني پاڪيزگي جو ذريعو سماع هيو، هن وحدت الوجود جي نظريي کي پسند ڪندي مذهبي ڪٽرپڻي کي سخت ننديو، وٽس هندو ۽ مسلمان ۾ ڪوبه ويڇو ڪونه هو، سندس درس انسانيت لاءِ ۽ ڪل خلق لاءِ هو، پاڻ پنهنجي شاعري ۾ نيڪ خواهشن ۽ خاص خوبين جي پرچار ڪئي اٿن، هڪ مضمون جو عنوان آهي، الا جنگ جين، ڊاڪٽر پروين منڍ ۾ اهو مڪمل بيت ڏنو آهي، جيڪو هن ريت آهي.
الا جنگ جين، جنين اجهي گهاريان
شال م سڪي ويئري ، جئان پي پين
مرڪڻ اکڙين، تو ڏٺي مون سک ٿئي
ڀيڻ پروين صاحبه هن بيت جي تمام سهڻي شرح ڪئي آهي، هن شاهه لطيف جا ڪجهه ٻيا بيت ۽ هڪ تاريخي واقعو بيان ڪري پنهنجي مضمون کي مدال بڻايو آهي، ادي پروين پنهنجي هڪ ٻئي مضمون ، سڙيا مٿي سچ ۾ سر يمن ڪلياڻ جي هڪ بيت جي تشريح ڪندي شاهه جي ڪلام جون خاص خوبيون بيان ڪندي لکيو آهي ته هن (شاهه) سنڌي سماج جي اڳيان سندن ئي ٻولي ۾ عوامي لهجي ۾ لوڪ داستانن جي تمثيلن ۾ ثقافت ۽ تهذيب جي بيان ۾ سماج جي پيڙيل، ڪمزور ۽ هيڻن ڪردارن جي زبان ۾ سچ ۽ سندرتا جا سبق ڏنا آهن، ڊاڪٽر پروين صاحبه جي ڪتاب ۾ ٻيا به مضمون آهن، هتي رڳو نموني طور ڪن مضمونن تي روشني وڌي وئي آهي، اهي مضمون شاهه لطيف جي ڪنهن نه ڪنهن بيت جي شرح آهن، ڀيڻ پروين هر بيت جي سهڻي شرح ڪئي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کين شاهه جي ڪلام جي سٺي ڄاڻ آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *