تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

عالمي وبا اپاءُ ۽ موجودا حالتون …حنيف سولنگي

عالمي وبا: ورلڊ ھيلٿ آرگنائزيشن جي تشريح مطابق ته ”نئين وبا/بيماريءَ جو ڦهلاءُ جيڪا ھڪ شخض کان ٻئي شخص ۾ آساني سان/ تيزي سان منتقل ٿئي ته ان کي عالمي وبا سڏبو“ . عالمي وبا جي وضاحت توھان کي ھڪ کان وڌيڪ ملنديون پر ان لاءِ عام ۽ متفقه راءِ اھا آھي ته جڏھن ڪا بيماري ھڪ کان وڌيڪ ملڪن (يا پوري دنيا) ۾ وڏي پيماني تي ڦهلجڻ شروع ٿئي ته ان کي عالمي وبا (Pandemic) سمجهبو. پر سوال اھو آھي ته جيڪڏھن ڪنھن بيماريءَ کي عالمي وبا جي حيثيت ملي ٿي ته انھيءِ جو مطلب ۽ اھميت اھو آھي ته؛
1. ان امر ڏانھن دنيا جو ڌيان ڏيارڻ ته ڪا خاص بيماري تمام تيزي سان وڌي ۽ ڦيلجي رھي آھي.
2. ان وسيلي عالمي دنيا جي ميمبر ملڪ پاڻ ۾ صلاح مشورا ۽ تجويزن جي ڏي وٺ ڪن ته ان بيماريءَ جي مسئلي کي ڪھڙي ريت منھن ڏجي.
3. ان بيماري کي منھن ڏيڻ لاءِ گھربل (جيترن وسيلن جي ضرورت آھي) ۽ حاصل وسيلن (جيترا وسيلي موجود آھن) جي وچ جو فرق ڪيئن ختم ڪجي.
4. جيڪڏهن ڪنھن ملڪ وٽ اِن بيماري سان وڙھڻ لاءَ گھربل وسيلا موجود ناھن ته انھن جي امداد ڪيئن ڪجي؟
پر انھن کان وڌيڪ اھميت ان ڳالھه جي آھي ته ان صورت حال ۾ عوام حڪومتن ۽ ادارن جو ڇا ڪردار ھوندو؟
1. عام ماڻھن کي صحت جي ماھرن جي ڳالھين کي ٻڌڻ، سمجھڻ ۽ انھن تي عمل ڪرڻ تمام ضروري آھي.
2. صحت جا ماھر ۽ اسپتالون ان سڄي صورت حال ۾ رھنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندا.
3. صحت جي ماھرن ۽ اسپتالن جو فرض آھي ته بيماريءَ بابت عام عوام کي درست ۽ صحيح معلومات کان وقت سر آگاھه ڪن ۽ عوام جي رھنمائي ڪندا رھن.
4. اسپتالون ۽ صحت جا ادارا ٻين بنيادي زميدارين کي پوئتي رکي سڀ کان اڳ عالمي وبا جي متاثرن کي ترجيح ڏين.
5. اسپتالن جيان ٻيا ادارا پنھنجي ڪم جي طريقي ڪار ۾ بنيادي تبلديليون آڻيندا ته جيئن ڦهلاءُ کي گھٽائي ۽ پوءِ روڪي سگھجي.
6. رياست ۽ ٻيا ادارا پنھنجي ڪم ڪار جي وقت پاليسين ۾ اھڙي ريت تبديليون ڪن جن جو سڌو سنئون فائدو انھن ماڻھن کي پوي جيڪي ٻين عام بيمارين ۾ مبتلا آھن، ته جيئن صحتمند فرد انھن بيمار ماڻھن جي وقت سر سار سنڀال ڪري سگھن.
7. سماجي رابطا بند يا گھٽ رھندا ۽ گڏجاڻين تي پابندي رھندي..
1918 ۾ انفلوئنزا وائرس دوران فلاڊيلفيا شھر ۾ صحت جي ماھرن پاران اڳ ئي وائرس جي ڦھلجڻ جي خطري کان آگاھه ڪرڻ باوجود آزادي جي پريڊ ڪرائي وئي. نتيجو اھو نڪتو، صرف ٽن ڏينھن اندر فلاڊيلفيا جي ھر اسپتال ھزارين مريضن سان ڀريل ھئي. اڳئين ھفتي ۾ ئي صرف 4000 کان وڌيڪ ماڻھو فوت ٿي ويا.جڏھن ته ٻين شھرن، وقت سر قدم کنيا ۽ اسڪولن، عبادت گاھن، سماجي گڏجاڻين تي پابندي وجھي ھزارين جانيون بچائي ورتيون.
تصور ڪيو ڪنھن ڳوٺ يا علائقي جي ڪل آبادي 1024 ماڻھن تي مشتمل آھي ۽ اسان وٽ فقط ھڪ ماڻھو آھي جيڪو متاثر آھي. پر ان بيماريءَ ۾ واڌ يا ڦهلجڻ جو ريشو ايئن آھي ته ھر متاثر شخص ھڪ ڏينھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ صحتمند ماڻھو کي متاثر ڪرڻ جي سگھه رکي ٿو ته شروعاتي ڏينھن ۾ بيماري آھستي آھستي وڌندي ۽ توھان مطمعن ھوندو ته بيماري ايتري تيزي سان نه وڌي رھي آھي پر جيئن جيئن اسان جا ڏينھن وڌندا ويندا تيئن ئي اهو انگ به وڌندو ويندو. ظاھر آھي ته بيماريءَ جي ڦهلائڻ ۾ ٻيا به ڪئين عنصر ھوندا آھن جھڙوڪ ھڪ ڏينھن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻھن جو انگ انھن ماڻھن جي سراسري جيڪي متاثر شخص جي رابطي ۾ آيا، ۽ انھيءِ جو ڪيترو امڪان آھي ته متاثر شخص سان رابطي ۾ ايندڙ ٻيو شخص متاثر ٿي سگھي ٿو..ھڪ ڏينھن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻھن جو انگ ڏسي آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ اھو انگ ڪيترو وڌي يا گھٽي سگهجي ٿو ۽ انگن اکرن جي جاچ پڙتال سان اھو به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اسان اٽلي ۽ فرانس جھڙن ملڪن کان وائرس جي ڦهلاءُ ۾ ڪيترا ڏينھن پوئتي آھيون.
هن وقت جنهن وبا اسان کي نهوڙي وڌو آهي ان جو تيزي سان ڦهلجڻ يقينن اسان لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. انڪري اسان کي گهرجي ته وڌ ۾ وڌ احتياط ڪريون ۽ پاڻ کي ۽ پنهنجي گهرڀاتين، عزيزن، ساٿين ۽ ويجهو رهندڙ سمورن ماڻهن کي به احتياط لاءِ همٿايون جيڪڏهن اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته پوءِ هن وبا مان به ضرور ڇوٽڪارو ملندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *