تازا ترين
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *

عالمي وبائون ۽ انسانيت جو مستقبل…ڊاڪٽر پيارعلي جتوئي

جيئن ته انسان پنهنجي عقل ۽ سمجهه جي آڌار تي ترقي ڪندو، سائنسي ميدان ۾ گهڻي ڀاڱي نت نوان تجربا ڪري هن ڌرتي ته ڇا پر پوري ڪائنات جي پراسرار رازن کي نمايان ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح انسان ڪائنات جي فطري عملن سان هٿ چراند ڪري رهيو آهي تهڙي طرح هو پنهنجي لاءِ نت نوان مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ کي فطرت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي رهيو آهي. تنهنڪري اڄ جي انسان لاءِ اهو اشد ضروري آهي ته فطرت سان هٿ چراند يڪدم بند ڪري نه ته ويجهي مستقبل ۾ ان جا اگرا نتيجا نڪرڻ وارا آهن. ويجهي ماضي ۾ دنيا جي گولي تي رهندڙ ماڻهن جيڪي هڪ ٻئي جي لاءِ کڏون کوٽيون آهن ۽ هڪ ٻئي کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ جيڪي سازشون سٽيون آهن، تن جو آخر نتيجو اهو نڪرندو ته ڌرتي گولي تان سموري انسانذات جي تڏاويڙهه شروع ٿي ويندي ڇاڪاڻ ته فطرت جيڪڏهن ڏمر ۾ ايندي ته اها پنهنجي آڏو ايندڙ جملي جيوت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي ۽ اها تباهي نه رڳو انسانذات لاءِ هوندي پر ڌرتي تي رهندڙ هر جاندار جيت جڻي، پکي پکڻ توڙي وڻن ٽڻن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندي. تنهنڪري اهوبنهه ضروري آهي ته ڌرتي تي رهندڙ سڀني ماڻهن کي پنهنجا ذاتي اختلاف دور ڪري، رنگ نسل ۽ مذهبن جون عينڪون لاهي ڦٽي ڪري عالم انسانيت جي ڀلي ۽ فلاح و بهبود لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري هڪ نئون جهان جوڙڻ گهرجي. منهنجي نظر ۾ دنيا ۾ آيل عالمي وبا جيڪا هڪڙي تمام ننڍڙي جيتامڙي پکيڙي آهي، تنهن مان اسان سڀني کي ڪجهه عالمي سطع تي ڪجهه درس مليا آهن جن کي اسان سڀني کي کليل دل سام سمجهڻ گهجي. انهن مان هر هڪ کي هيٺ بيان ڪجي ٿو.
سموري دنيا ۾ ڪوبه ملڪ، ڪابه رياست، ڪابه قوم سپر پاور ناهي. جيئن ته اڄ ڏينهن تائين ٿيل انساني ترقي عالم انسانيت جي گڏيل جدوجهد جو ثمر آهي، تنهنڪري ڪو هڪڙو ملڪ، هڪڙي قوم سڄي عالم انسانيت تي پنهنجي هڪ هٽي قائم نه ٿو ڪري سگهي. جهڙي طرح هڪڙو فرد قومي مسئلا حل نه ٿو ڪري سگهي تهڙيء طرح هڪڙو ملڪ عالمي طور اڀريل مسئلا حل نه ٿو ڪري سگهي. تنهنڪري عالمي طور تي ڪهڙي به آيل آفت کي ڪوبه هڪڙو ملڪ اڪيلي سر پنهنجي مٿان نه ٿو ٽاري سگهي پر سڀئي ملڪ گڏجي پنهنجي ڏات ڌڻين، علم و هنر جي مدد سان ڪنهن به قسم جي عالمي وبا کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.
جيئن ته دنيا جا اڪثر ملڪ ائٽمي طاقت بڻجي چڪا آهن ۽ هر ملڪ پاڻ وٽ هٿيارن جو انبار رکيو ويٺو آهي. هاڻي ته ائٽمي هٿيارن کان ڳالهه وڌي وڃي هائڊروجن بم، حياتياتي ۽ جينياتي هٿيار ٺاهي ورتا آهن، تنهنڪري ڪوبه ملڪ يا قوم ٽين عالمي جنگ ڪري ٻين ملڪن يا قومن کي تباهه ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي ته يقين ڄاڻو، درحقيقت هو پنهنجي تباهي جو پاڻ سامان گڏ ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ٽين عالمي جنگ صرف ڪنهن هڪڙي ملڪ تائين محدود نه رهندي پر اها ڌرتي تي قائم ٿيل سڀني ملڪن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي ڌرتي جو گولو پنهنجي ئي ٺاهيل بمن جي ٻريل باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي ويندو يا ڪو حياتياتي هٿيار”ڪورونا وائرس جهڙو“ دشمن ملڪ تي هليو ويندو ته يقين ڄاڻو، اهو هٿيار نه صرف توهان جي دشمن تائين محدود رهندو پر توهان جي دشمنن سان گڏوگڏ توهان کي به ماري ڇڏيندو، ڇو ته موت وٽ ڪو معيار مقرر ٿيل ناهي ۽ موت هر صورت ۾ هر قوم، ملڪ، نسل، مذهب ۽ هر ٻولي واري لئه هڪ جيتري راڪاس آهي، جنهن کان ڪوئي بچي نه ٿو سگهي.
اڄوڪي عالمي وبا مان هڪڙي شئ ظاهر ٿي پئي آهي ته صحت ئي سڀ ڪجهه آهي، تنهنڪري پنهنجي سماج ۾ اعلا پائي جا ڏاها تعليمدان، سائنسدان، ڊاڪٽر پيدا ڪجن، جيڪي اهڙين ڏکين گهڙين ۾ عالم انسانيت کي پنهنجي ڪاوشن سان محفوظ رکي سگهن ٿا ۽ اهي ئي انسانيت جا گڏيل سورما ليکيا ويندا نه ڪي فلمي ستارا، رانديگر، جرنيل يا ڪرنيل وغيرهه. تنهنڪري اسان سڀني انسانذات کي پنهنجي پنهنجي ملڪ اندر اعلا تعليمي ادارا يونيورسٽيون ۽ اسڪول توڙي انسانيون زندگيون بچائيندڙ اسپتالون قائم ڪرڻ گهرجن نه ڪي پنهنجي ملڪ کي فوجي ڇانوڻين يا هٿيارن جي اڏن ۾ تبديل ڪري ڇڏجي.
انسانذات پاڻ کي نه فقط هن ڌرتي گولي تي رهندڙ سڀني جاندارن لاءِ نقصانڪار ثابت ڪيو آهي پر هن پنهنجي وجود کي پوري ڪائنات لاءِ خطرو بڻائي ڇڏيو آهي. انسانن جي جهجهي مقدار ۾ پيدائش وڌائڻ، ماڻهن جوجنگي جنون، فطرتي قوتن کي پنهنجي مطيع ڪرڻ ۽ ڌرتي تي رهندڙ ٻين جاندارن کي قيد ڪري پنهنجو غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڄڻ ته سڀني مخلوقات کي پنهنجو دشمن بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ۽ جنگي جنون ذريعي هن ڌرتي کي تباهي جي ڪناري آڻي بيهاريو آهي. ڪجهه ڏينهن جي زبردستي گهرن تائين محدود رهڻ جي روش ضرور انسانن کي جانورن جي حالت تي رحم ضرور ايندو هوندو، جن جانورن کي انسان پنهنجي ذاتي خوشي لاءِ پڃرن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، تنهن مان ثابت ٿي ويو آهي ته هن ڌرتي تي انسان خود سڀ کان وڏو وائرس آهي.جهڙي طرح ماڻهو ڌرتي تان وڻن جي واڍي ڪري، هرهنڌ گندگي پکيڙي، ڌرتي تي رهندڙ سڀني جاندارن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ دنيا جو فطرتي حسن ۽ خوبصورتي ختم ڪري رهيو آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته انسان نالي هي جاندار ختم ٿي ويندو ته هي گولو وري فطرتي طور نئون جيون ماڻيندو ۽ هن گولي تي رهندڙ سڀئي جاندار پاڻ ۾ خوش وخرم ٿي رهڻ گذاريندا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *