تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

عالمي منظرنامو … ڊجيٽل يوآن ڪرنسي: آمريڪي ڊالر لاءِ ڪيئن خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي؟ … زبيراحمد/سارنگ خاصخيلي

چين سن 2022 ۾ ڊجيٽل يوآن ڪرنسي آڻڻ چاهي ٿو، جنهن جو نالو اي آر ايم بي رکيو ويو آهي. سن 2020 ۾ چين ويندڙ ماڻهن کي ان نئين ڊجيٽل ڪرنسي ۾ ڏيتي ليتي ڪرڻي پئجي سگهي ٿي. اها اهڙي ڪرنسي هوندي جيڪا نظر نه ايندي ۽ نه ئي ان کي نوٽن وانگر هٿن ۾ پڪڙي سگهبو. هن وقت جڏهن دنيا جو هر ملڪ ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي تڏهن چين ڊجيٽل يوآن تي پائليٽ پروجيڪٽ لانچ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، گذريل مهيني چين جي مرڪزي بينڪ پيپلز بينڪ آف چائنا چئن وڏن شهرن شينيزن، چينگدو، سوزو ۽ شيان گان ۾ ان تي باقاعدا ڪم ڪرڻ پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان پروجيڪٽ تحت سرڪاري ملازمن جي پگهارن جو ڪجهه حصو ڊجيٽل يوآن ۾ ادا ڪيو ويندو. ان کان علاوه سٽاربڪس ۽ ميڪڊونلڊ جهڙيون 20 نجي ڪمپنيون به ان تجربي ۾ حصو وٺي رهيون آهن، جيڪڏهن اهو تجربو ڪامياب ٿي ويو ته چيني حڪومت ان کي سن 2022 جي اولمپڪس وقت پوري ملڪ ۾ جاري ڪري ڇڏيندي. ڊجيٽل يوآن ڪرنسي کي مرحيليوار جاري ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ڪيترائي سال لڳي سگهن ٿا. ان منصوبي تي سن 2014 کان ئي ڪم شروع ڪيو ويو هو پر هاڻي چين ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ وڌيڪ تيزي ڪري ڇڏي آهي، ان جا 3 مک سبب ٿي سگهن ٿا، هڪ آمريڪا سان تيز ترين جاري واپاري جنگ، ٻيوآمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن پاران ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ چين تي لاڳيتو الزام بازي ۽ ٽيون هلندڙ سال فيس بڪ جو ڊجيٽل ڪرنسي لبرا آڻڻ جي تياري.
ڊجيٽل يوآن ڪرنسي متعارف ڪرائڻ کي سمجهيو پيو وڃي ته اها عالمي توازن کي بدلائي سگهي ٿي، اها چين جي اهم منصوبن جو حصو آهي جنهن جو مقصد آمريڪي اثررسوخ کي ختم ڪرڻ ۽ ايڪهين صدي ۾ هڪ طاقتور ملڪ طور اڀرڻ آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي ڪامياب استعمال سان 10 کان 15 سالن ۾ هڪ نئون سياسي ۽ معاشي نظام جنم وٺي سگهي ٿو. دهلي ۾ واقع فورڊ اسڪول آف مئينجمينٽ ۾ چيني معاملن جي ماهر ڊاڪٽر فيصل احمد جو چوڻ آهي ته “انڊيا ۽ آمريڪا باالترتيب لڪشمي ۽ ڊجيٽل ڊالر“ جي نالي سان پنهنجي پنهنجي ڊجيٽل ڪرنسين تي ڪم ڪري رهيا آهن پر اڃا تائين اهي حقيقت کان گهڻو پري آهن، في الحال چيني ڊريگن انڊين لڪشمي کي گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته ڪرنسي جي دنيا جي بي تاج بادشاهه ڊالر تي به خطرو لامارا ڏئي رهيو آهي. ممبئي ۾ ترسيل چوري والا سيڪيورٽيز جو آلوڪ چوري والا چوي ٿو“ آمريڪي فيڊرل رزرو جي کربين ڊالر جي قرض جي روشني ۾ ڊالر پنهنجي اصل قيمت کان گهڻو مهانگو آهي، هڪ نئين ڪرنسي يقينن خوشخبري آهي پر ان جي عالمي قبوليت ۾ ڊگهو وقت لڳندو” پروين وشيش سنگاپور ۾ قائم ماڊيولر ايسٽ مئينجمينٽ جو پورٽ فوليو مينيجر آهي ۽ پوري دنيا جي ڪرنسين ۾ ڪاروبار ڪري ٿو جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل يوآن يقيني طور تي آمريڪي ڊالر کان منهن موڙڻ جو هڪ وڏو قدم آهي. في الحال آمريڪي ڊالر دنيا ۾ مروج ڪرنسي آهي ۽ سن 1970 واري ڏهاڪي جي شروع ۾ گولڊ اسٽينڊرڊ جي خاتمي کانپوءِ ائين ئي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته “ آمريڪا چين واپاري جنگ ۽ هاڻي ڪورونا جي وبا سبب ڇڪتاڻ ۾ واڌ ڊالر لاءِ خطرو آهي. بحرحال ڪنهن ٻئي ۽ تڪڙي متبادل جي عدم موجودگي سبب ان تبديلي ۾ وقت لڳندو. دنيا کي يقيني طور چيني قدمن تي نظر رکڻي پوندي” في الحال آمريڪي ڊالر جي اهميت جو اندازو ان حقيقت سان لڳائي سگهجي ٿو ته سن 2019 ۾ عالمي مالياتي ڏيتي ليتي جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو ڪاروبار آمريڪي ڊالر ۾ ٿيو آهي. ان جي مقابلي ۾ چيني يوآن جو عالمي ادائيگين ۽ ان جي ذخيرن ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو هو. ٻئي طرف دنيا جي سمورن ذخيرن جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آمريڪي ڊالر ۾ آهي. انڊيا جي ناڻي جي مٽا سٽا جا 487 ارب ڊالر جا ذخيرا به آمريڪي ڊالر ۾ آهن، چين جي ناڻي ۾ 3 کرب ڊالر جي ماليت جا اثاثا آمريڪي ڪرنسي ۾ به آهن. ڊاڪٽر فيصل احمد جو خيال آهي ته چين انهن کي گهڻن طريقن سان استعمال ڪري سگهي ٿو جنهن سان ان جي ساک ۾ اضافو ٿيندو، سندس چوڻ آهي ته چين ان ڪرنسي جو استعمال جاگرافيائي ۽ سياسي فائدن لاءِ ٻين ملڪن کي گهربل پيڪيجز جي فراهمي طور ڪري سگهي ٿو ۽ ان سان گڏ وچ ايشيا کان آرڪٽڪ خطي تائين بيلٽ اينڊ روڊ(بي آر آئي) منصوبي ۾ شامل ملڪن ۾ سيڙپڪاري لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. في الحال آمريڪي ڊالر جي اثر ۽ ان جي اهميت جو مطلب اهو آهي ته آمريڪا دنيا جي سياسي ۽ معاشي معاملن تي برتري برقرار رکندو. مثال طور ايران، روس، اتر ڪوريا ۽ ٻين ملڪن خلاف پابنديون عالمي واپار ۽ بينڪن جو آمريڪي ڊالر تي ڀاڙڻ آهي.
ڊوئچي بينڪ هلندڙ سال جنوري جي آخر ۾ ڊجيٽل ڪرنسين جي باري ۾ هڪ خصوصي رپورٽ جاري ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته چيني ڊجيٽل يوآن عالمي طاقت جي توازن کي بدلائي سگهي ٿو. چين پنهنجي مرڪزي بينڪ جي مدد سان ڊجيٽل ڪرنسي تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي سافٽ يا هارڊ پاور ٽول طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. حقيقت ۾ جيڪڏهن چين ۾ واپار ڪندڙ ڪمپنين کي ڊجيٽل يوآن اپنائڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ته ان سان يقيني طور تي عالمي مالياتي منڊي ۾ ڊالر جي اهميت ختم ٿي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ويهين صدي جي شروع ۾ آمريڪا جهڙي ريت ڊالر کي هٿي وٺرائي اهڙي ريت هاڻي چيني حڪومت رينمن بي يعني آر ايم بي(چين جي سرڪاري ڪرنسي جنهن کي يوآن سڏيو وڃي ٿو) کي عالمي بڻائڻ لاءِ سخت ڪوشش ڪري رهي آهي. سن 2000 کان 2015 تائين چين جي ڪاروباري ڏيتي ليتي ۾ آر ايم بي جو حصو ٻڙي مان وڌي 25 سيڪڙو ٿي ويو، ڊوئچي بينڪ مشورو ڏنو ته ڊجيٽل يوآن ۽ اهڙي طرح جي ڊجيٽل ڪرنسي روڪ کي ختم نٿي ڪري سگهي پر ڪريڊٽ ڪارڊ جهڙي ٽئين ڌر جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. پروين وشيش موجب ادائيگين جي ٻين طريقن بدران ان جو استعمال بنا انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي ادائيگي لاءِ ڪري سگهجي ٿو، اها اصلي روڪ وانگر آهي پر رڳو ڊجيٽل دنيا ۾ آهي، سندس چوڻ هو ته ڊجيٽل يوآن جي ڪاميابي جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته ان کي عام ماڻهن، ڪارپوريشنز، حڪومتن ۽ ٻين ملڪن ڪيترو تيزي سان موٽ ڏني آهي پر ورچوئل دنيا ۾ هڪ قوت طور تي اڀرڻ وارين ڪرنسين تي ڪم جاري آهي، بازار ۾ بٽ ڪوئن پهرين ئي موجود آهي ۽ ان جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي. انڊيا ڪريٽو ڪرنسين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي پر رزرو بينڪ ڊجيٽل ڪرنسي لڪشمي بابت سنجيدگي سان سوچي رهي آهي.
ڊوئچي بينڪ جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هن وقت مين اسٽريم ڊجيٽل ڪرنسين ۾ فيس بڪ جي لبرا ۽ چيني حڪومت جو ڊجيٽل يوآن شامل آهن، فيس بڪ وٽ لڳ ڀڳ 2.5 ارب صارفين آهن جيڪي دنيا جي آبادي جو هڪ ڏهائي 3 حصو آهن، چين جي 1.4 ارب جي وڏي آبادي سان فيس بڪ ۽ چين وٽ ڊجيٽل ڪرنسين کي مين اسٽريم ۾ منتقل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي پر ٻين ڊجيٽل ڪرنسين ۽ ڊجيٽل يوآن وچ۾ اهم فرق اهو آهي ته چين جي مرڪزي بينڪ ڊجيٽل يو آن جاري ڪندي جنهن سان ان کي قبوليت ملندي ۽ ان جي اعتبار ۾ اضافو ٿيندو. جڏهن ته ٻيون سموريون ڊجيٽل ڪرنسيون ڊي سينٽرلائز آهن ۽ اهي ڪنهن به ضابطه ڪار جي ماتحت نه آهن.ڊاڪٽر فيصل احمد جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل يوآن، لبرا جهڙين ٻين ڪرنسين کان مختلف هڪ رياستي حمايت يافته ڪرنسي آهي، ان جا سياسي اٿر به ٿيندا. مثال طور ڊجيٽل يوآن جي استعمال سان اترڪوريا جهڙن ملڪن کي امريڪي پابندين کان بچڻ ۾ مدد ملندي، انڊيا جي ڊجيٽل ڪرنسي لڪشمي جو خيال سن 2014 ۾ سامهون آيو ۽ انهي سال چين ۾ ڊجيٽل يوآن جون ڳالهيون شروع ٿيون پر انڊين ڊجيٽل ڪرنسي لڪشمي کان اڳ اسان کي ان معاملي تي قائم ڪميٽين جي رپورٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. هڪ تجزيي نگار چيو ته انڊيا ڊجيٽل وائٽ کي هٿي وٺرائي رهيو آهي، جڏهن ته چين ڊجيٽل ڪرنسي لانچ ڪرڻ وارو آهي، پروين وشيش جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل يوآن کي خطري طور نه ڏسڻ گهرجي پر ڊجيٽل نيٽ ورڪس ۾ انقلاب جي حيثيت سان ڏسڻ گهرجي. انڊيا اي اي پي ايس(اوڌر تي ٻڌل ادائيگي نظام) ۽ يوپي آئي (يونيفائيڊ ادائيگي نظام) جي استعمال سان مقامي سطح تي ڊجيٽل انقلاب جو سبب بڻيو آهي.
يوآن ڊجيٽل ڪرنسي جا فائدا ۽ نقصان

يوآن ڊجيٽل ڪرنسي جو فائدو اهو آهي ته ان جي ڪاپي نٿي ٿي سگهي، ڏيتي ليتي تڪڙي ٿي سگهي ٿي، عالمي ڏيتي ليتي سستي ٿيندي، سمورا ماڻهو ان جو استعمال ڪري سگهن ٿا، اسمگلنگ ۽ انتهاپسنداڻين سرگرمين کي ملندڙ امداد بند ٿي ويندي جڏهن ته ان جو نقصان اهو آهي ته ماڻهن کي ان تي جلد اعتبار نه ٿيندو، آبادي جي غريب ترين طبقن تائين ان جي پهچ نه ٿيندي ۽ ان جو دارومدار ڊجيٽل والٽ تي ٿيندو.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن جيئن هي ٽيڪنالاجي ترقي ڪندي، ڊجيٽل ڪرنسي جي فائدن ۾ به اضافو ٿيندو، آلوڪ چوري والا چوي ٿو ته ڪنهن به نظام تي ماڻهن جو اعتبار وڌائڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي، آمريڪي ڊالر سن 1770 کان موجود آهي، ان جي مقبوليت پهرين عالمي جنگ جي وقت کان ئي وڌڻ شروع ٿي هئي ۽ ٻئي عالمي جنگ تائين اهو دنيا جي بهترين ڪرنسي بڻجي ويو هو. اسرائيل جو تجزيي ڪار يووال نوحا هريري جو چوڻ آهي ته ڪرنسي هڪ اهڙو افسانو آهي جنهن جي سموري دنيا ۾ اهميت آهي هر ماڻهو کي ڊالر تي اعتبار آهي ۽ هر هڪ ان جو قدر ڪري ٿو پر جيڪڏهن آمريڪا جي دٻدٻي ۾ دنيا ۾ گهٽتائي آئي ته ڪاٻي طاقت سندس جاءِ والاريندي ۽ چين ان ڊوڙ ۾ گهڻو اڳتي نظر اچي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *