تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

عاشق رهر پياڪ ” سقراط”… اويس ساگر سومرو

اڄ کان اٽڪل٢٣٠٠ سال اڳ اٿينس جي تمام غريب خاندان ۾ سقراط جو جنم ٿيو، پنهنجي قول ۽ فعل مان ھي صوفي محسوس ٿيندو هو، سقراط صوفيين جيان ئي سادگي ۽ اخلاق تي زور ڀريندو ھو، قدامت پرستي تي تنقيد ڪندو ھو ۽ چوندو هو ته : سچو علم ممڪن آهي پر شرط اھو آهي ته ان لاءِ مناسب طريقي سان ڪوششون ڪيون وڃن جيڪي ڳالهيون اسان جي سمجهه ۾ اچن ٿيون يا اسان جي سامهون آيون آهن انهن کي انهن مطابق ئي ڀيٽي پرکيون ان ريت ڪيترن ئي پرکڻ بعد اسان ھڪ سچائي تائين پھچي سگهون ٿا سندس چوڻ ھو ته علم جي مقدس ترين ٻي ڪابه شيِ ناهي پر قديم عقيدن تي تنقيد ڪرڻ سبب ئي اٿينس جا سمورا اشراف سندس دشمن ٿي پيا اھا سندس بيباڪي ۽ سڃاڻپ ھئي جو اٿينس جي رستن تي انهن تمام ماڻهن کي بي نقاب ڪندو ۽ سندن خلاف ڳالهائيندو ھو جيڪي سرندي وارا ھئا ۽ آخرڪار اھي سقراط جي خلاف ٿي ويا ۽ مٿس الزام لڳايائون ته ھن نوجوان ڇوڪرن کي گمراھه ڪري ڇڏيو آهي ۽ رياست طرفان احترام جوڳين ديوين ۽ ديوتائن ۾ ويساھه رکڻ بدران اھي پنهنجن مقرر ڪيل ديوتائن کي مڃن ٿا، جڏهن عدالت ۾ جيوري سقراط کي ڏوھاري قرار ڏنو ته انهن الزامن کي جيڪي مٿس مڙھيا ويا ھئا تن کي ھن ڏاڍي اطمينان سان ٻڌو ۽ چيائين ته ” منهنجي موڪلاڻي جو وقت اچي ويو آهي ھاڻي آئون مرڻ وارو آھيان ۽ توهان جيـئرا ھوندا پر انهن ٻنهي مان ڪھڙو واقعو خوشگوار آهي اھو ته خدا ئي ڄاڻي ٿو ”
سقراط کي سزا ٻڌائڻ بعد ڪريٽو جيڪو ھڪ دولتمند شاگرد ھيس تنهن سقراط کي عرض ڪيو ته “ھي جيڪڏهن چاهي ته جيلر کي گهڻي ساري رشوت ڏئي کيس ڇڏائي سگهي ٿو ” پر سقراط نه مڃيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ھر شھري قانون ٽوڙي ته انتظام ڪيئن ھلندو، سقراط جو ھڪ شاگرد فيڊو جيڪو ھن سان سندس آخري گھڙي تائين گڏ ھو، تنهن سقراط جي موت جو بيان ڪيو آهي ته ” سقراط کي سڄو ڏينهن گھوٽيل زھريلو ھئملاڪ ڏنو ويو جنهن جي خوبي اھا ھئي ته ان کي پيئڻ وارو بنا تڪليف جي مري ويندو آهي ” جنهن ڏينهن سقراط کي سزا ڏني ئي وئي تنهن ڏينهن سج لھڻ وقت جيلر سقراط سان ملڻ آيو ۽ ھن کي چيائين ته حقيقت ۾ تون دنيا جو سڀ کان ذھين انسان آھين ڇاڪاڻ ته تون ڪڏهن به ٻين قيدين جيان مونکي پٽيو نه آهي ڇاڪاڻ ته تو کي خبر آهي ته آئون صرف سرڪاري حڪم جي تعميل ڪري رھيو آھيان ۽ ھاڻي جڏهن تون سان اھو ٿيڻ وارو آهي ته ان کي جيترو ٿو سگهي سنجھائي سان سھجان” ۽ چوندي چوندي ھي روئي پيو، سقراط چيو ” ھاڻي زھـر کڻي اچو ” ته ڪريٽو چيس ” ٿورو ترس ڇاڪاڻ ته باقي قيدي ته ان گهڙي کي ٽاريندا آهن ۽ اڌ رات تائين زھر نٿا وٺن “سقراط جواب ڏنو جيڪڏهن آئون ائين ڪندس ته پنهنجن ئي نظرن ۾ ڪري پوندس ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ اھو فطري آهي تون زھـر کڻي آ ته اختياري وارو زھر کڻي آيو ته سقراط پڇيس ته : ” ڇا ھي اھو پيئـڻ کان اڳ ۾ دعا ڪري سگهي ٿو ته جيئين ھن جھان مان هن جھان ۾ وڃڻ سنجھو ٿئي ” ۽ ان سان گڏ ھڪ سرڪ ۾ سڄو زھـر پي ويو .
ٿوري دير بعد سندس ھيٺيون ڌڙ سن ٿي ويو ۽ جڏهن زھـر سندس چيلهه تائين رسيو ته ھن مٿس پيل چادر کڻي چيو ” اسليپيس ديوي کي ڪڪڙي جي ڀيٽا ڏيئي ڇڏجو ۽ اھا ڳالهه وسارجو نه ” ڪريٽو چيس ” اھو ٿي ويندو ٻيو ڪجهه چوڻ چاھيو ٿا ته۔ فرمايو ؟”سقراط ان تي ڪوبه به جواب نه ڏنو ۽ ڪجهه دير بعد دم ڏئي ڇڏيائين، اھا حيراني جي ڳالهه آهي ته جيڪو شخص ٧٠ سالن جي عمر بيباڪي سان جيئندو رھيو ۽ پنهنجي حاضر جوابي ذريعي پنهنجي قدامت پسند اشرافيا جو جيئڻ جنجال ڪري رکيائين ۽ کلندي کلندي زھـر جو پيالو پي ويو انکي ڇو اسليپيس ديوي کي ڪڪڙ ڀيٽا ڪرڻ پئجي ويو ؟ ڇا انجي ڪري ته اسليپيس ديوي صحت جي ديوي ھئي ۽ جيڪو صحتمند ٿي ويندو آهي اھو کيس ڪڪڙ ڀيٽ ڪندو ھو ته سقراط جو اھو عمل ھڪ نئين ۽ صحتمند زندگي ۾ داخل ٿيڻ جو اشارو ھو نڪو مرڻ ۽ زندگي جي انت جو , اھا ھئي ھڪ فلسفي جي منفرد زندگي ۽ انجي انوکي موت جي ڪھاڻي جنهن کي افلاطون ترتيب ڏنو .

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *