تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

طوائف … ناول جو تنقيدي جائزو … اڪبر لغاري

جسم فروشي جي موضوع تي اولهه توڙي وچ اوڀر ۾ ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. سنڌي ۾ به ڪجهه مواد موجود آهي. هي ناول به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ نوجوان سرمد هاسٽل ۾ رهي ٿو ۽ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هجڻ سبب کيس ڪامريڊ سڏيو وڃي ٿو. هو هڪ حساس نوجوان آهي ۽ عورتن ۽ فقيرن سان همدرداڻو رويو رکي ٿو. هڪ دفعي هو حيدرآباد ۾ رهندڙ دوستن سان ملڻ اچي ٿو جن طرفان هڪ ڪال گرل گهرايل هوندي آهي. ان ڪال گرل سان ڪچهري ڪندي کيس، طوائفن جي دردن جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ هو هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ٿو. هو يونيورسٽي جي لائبريري ۾ وڃي، هن موضوع تي لکيل ڪتاب پڙهڻ ۽ بنيادي معلومات وٺڻ کان پوءِ ، حيدرآباد جي ڳاڙهي بازار، سري گھاٽ جو رخ ڪري ٿو ته جيئن زميني حقيقتون معلوم ڪري سگھي. اتي هو دلال ذريعي، هڪ ڇوڪري کي وٺي ڪمري ۾ وڃي ٿو ۽ بنا ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪنهن به ڳالهه ٻولهه کان سواءِ  واپس اچي پنهنجي هم جنس پرست دوست ساجن سان جنسي تعلق قائم ڪري ٿو. سرمد جو هڪ دوست، شاهه عالم هڪ لاابالي طبيعت جو بگڙيل نوجوان آهي جيڪو سندس هڪ عياش وڏيري دوست، غلام حيدر جي بنگلي تي اڪثر، طوائفن سان رهاڻيون ڪندو رهي ٿو. شاهه عالم ۽ غلام حيدر جي توسط سان، سرمد به طوائفن جي جهان ۾ داخل ٿئي ٿو. هتي اها به خبر ٿي پوي ته شاهه عالم به هم جنس پرست آهي جنهن جي ضرورت سرمد پوري ڪرڻ لڳي ٿو. غلام حيدر به هم جنس پرست آهي.غلام حيدر جو بنگلو به جهڙو عياشي جو اڏو آهي جتي ڀانت ڀانت جون طوائفون اچن ٿيون. اتي سرمد جي ملاقات هڪ نائڪه، آنٽي فرزانه سان ڪرائي وڃي ٿي جيڪا حيدرآباد ۾ هڪ اڏو هلائي ٿي. سرمد سندس اڏي تي وڃڻ شروع ڪري  ٿو ۽ آنٽي جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ  هي خود دلال بڻجي ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. اتي سندس ملاقات هڪ طوائف شبنم سان ٿئي ٿي جنهن جي محبت ۾ گرفتار ٿيو وڃي. شبنم به کيس مثبت موٽ ڏي ٿي. سندن ملاقاتون فرزانه جي اڏي کان علاوه غلام حيدر جي بنگلي تي به ٿين ٿيون.شبنم ۽ سرمد جي لو اسٽوري زور وٺڻ لڳي ٿي ۽ روز بروز هڪٻئي جي ويجهو ٿيندا وڃن ٿا. سرمد کيس جسم فروشي جي ڌنڌي مان ڪڍي، هميشه لاءِ  پنهجو ڪرڻ جا پروگرام ٺاهي ٿو پر هڪ ڏينهن رومانس جي دوران جڏهن، شبنم کيس شادي ڪرڻ لاءِ  زور ڀري ٿي ته هي بهانا ڪندي پوئتي هٽي وڃي ٿو. شبنم جي دل ٽٽي پوي ٿي ۽ هوءَ خاموشي سان ڪٿي گم ٿي وڃي ٿي. شبنم جي وڃڻ کان پوءِ ، سرمد کي پڇتاءُ ٿئي ٿو ۽ هو نشي جو عادي بنجي، تعليم اڌ ۾ ڇڏي پنهنجي گھر هليو وڃي ٿو. گھر ۾ سندس ماءُ جي ٽهل ٽڪور ۽ شفقت سبب هن جي واپسي ٿئي ٿي ۽ هو ٻيهر يونيورسٽي پهچي، هاسٽل ۾ رهڻ لڳي ٿو پر ڪجهه ئي وقت کان پوءِ ، ساڳيا لاٽون ساڳيان چگھه. سردار غلام حيدر ۽ شاهه عالم سان گڏ شراب ۽ شباب جي محفل جو حصو بنجيو وڃي. غلام حيدر جي همٿ افزائي ۽ مدد سان هو ٻيهر تحقيق لاءِ  تيار ٿي ڪراچي ۾ نيپيئر روڊ جي هڪ نائڪه ريشما سان ملاقات لاءِ  پهچيو وڃي. ريشما هن کي پنهنجي گھر وٺي وڃي ٿي ۽ رات جو هن کي معلومات ڏيڻ سان گڏ همبستري به ڪري ٿي. ريشما وٽان معمولي قسم جي معلومات وٺي، هو پنهنجن ٻن دوستن سان گڏ، هيرا منڊي لاهور جو رخ ڪري ٿو جتي هو ريشما جي سفارش تي طبلي نواز استاد اڪبر سان ملاقات ڪري ٿو جيڪو کيس، هيرا منڊي جي عروج ۽ زوال جا قصا ٻڌائي کين ٽبي گلي گهمڻ جو مشورو ڏي ٿو. ٽبي گلي، وڏي عمر ۽ گهٽ معاوضي وارين طوائفن جو علائقوآهي جتي هنن کي فحش گفتگو، ذلتن جي پستي، غربت جي ڀيانڪ صورت ۽ زندگي جو قبيح روپ ڏسڻ لاءِ  ملي ٿو. لاهور کان واپسي تي هن کي شاهه عالم فون ڪري بنگلي تي گهرائي ٿو جتي هي ڏسي ٿو ته شاهه عالم جي بيڊ تي سندس پراڻي محبوبه شبنم بي لباس ستل آهي. هي منظر هن کان برداشت نٿو ٿئي ۽ صدمي ۾ بيهوش ٿي نيورولاجي وارڊ ۾ پهچي وڃي ٿو. طويل علالت ۽ ڊگهي ڊپريشن کان پوءِ  هو ٻيهر زندگي ڏانهن واپس اچي ٿو ۽ هڪ نئين جذبي سان زندگي جي شروعات ڪري ٿو.
فاضل مصنف سليم جمالي، هن ناول لاءِ  وسيع ڪئنواس وڇايو آهي جنهن ۾ حيدرآباد، ڪراچي ۽ لاهور جي طوائفن، ڪال گرلز، فحاشي جي اڏن، عياش ماڻهن جي مڪارين ۽ بي حيائين، طوائفن جي مجبورين ۽ ذلتن، انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اندروني ثقافت کي پنهنجي قلم جو موضوع بنايو آهي ۽ جسم فروشي جي تاريخ سياق ۽ سباق سان بيان ڪئي آهي. مصنف جي لکڻي مان هڪ ڳالهه واضع آهي ته هو هڪ حساس دل ۽ ان ۾ مظلوم طبقي لاءِ ڀرپور جذبات رکندڙ آهي. هن کي طوائفن سان دلي همدردي آهي ۽ هو سندن اهنجن بابت، دنيا جي توجهه ڇڪائڻ چاهي ٿو جنهن ۾ هو ڪنهن قدر ڪامياب ويو آهي. سرمد ۽ ساڻس لاڳاپيل دوستن جا ننڍا ننڍا قصا، ناول ۾ دلچسپي پيدا ڪن ٿا ۽ ناول جي رفتار ۾ خوشگوار اضافو ڪن ٿا. ٻولي به سولي ۽ سلوڻي استعمال ڪيل آهي. ڪٿي ڪٿي اڻوڻندڙ لفظ  ( Slang) ۽ محاورا به استعمال ڪيل آهن پر اهي موضوع جي مناسبت سان مباح آهن ۽ ڪهاڻي ۾ حقيقت جو رنگ ڀرين ٿا. مصنف جي قلم جي برجستگي، پڙهندڙ کي سڄو ناول پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي. هتي ناول نويسي جي فن جو هڪ نقطو بيان ڪندس ته جن ناولن جا ڪردار، يا ته خود تاريخي هوندا آهن، يا تاريخ جي ڪنهن مخصوص دور سان تعلق رکندا آهن ته اهڙن ناولن کي تاريخي ناول چئبو آهي. جيڪڏهن ڪو ناول نگار پنهنجي ڪردارن کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري تاريخ تي بحث ڪرائي، سيمينار ۾ مقالا پيش ڪرائي يا ڊگها انٽرويو ڪرائي ته اهڙي ناول کي هر گز به تاريخي ناول نه چئبو. موضوع جي مناسبت سان، هي ناول طوائفن جي درد ڀريل ڪهاڻين، سندن ذاتي زندگي جي ڏکوئيندڙ واقعن، سندن عورج ۽ زوال،  کين مليل محبتن، نفرتن ۽ دوکن جا داستان ڏيکاريل هجن ها، پرسنڌي جي  ٻين ڪيترن ئي ناولن وانگر، هتي به مسئلن کي ٿيندي ڏيکارڻ جي بجاءِ ، انهن کي صحافتي انٽرويوز جي ذريعي، بيان ڪيوويو آهي. انٽرويوز جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي. فرزانه، ريشما، شبنم، شيرين، استاد اڪبر، رخسانه ۽ ٽبي گلي جا ڪردار ڊگها انٽرويو ڏين ٿا، جنهن سان ناول مان ڪهاڻي پن ۽ قصه گوئي ختم ٿيو وڃي. ڪٿي ڪٿي ته ڪتابن تان اتاري ڊگها اقتباس پڻ ڏنا ويا آهن. هن کي تحقيق به نٿو چئي سگهجي ڇو ته پوري ناول ۾ ڪٿي به ڪا نئين ڄاڻ نٿي ملي. هي خالص ڊاڪيومينٽري وارو انداز آهي جنهن ۾ اڳ ئي موجود ڄاڻ کي فلمايو وڃي ٿو. هن موضوع تي ڪرسٽينا امانپور جي مشهور ڊاڪيومينٽري يو ٽيوب تي ڏسي سگھجي ٿي.
ناول جو اصل ٿيم جسم فروشي متعلق تحقيق آهي جنهن جي پڄاڻي ته لاهور ۾ ئي ٿي چڪي هئي پر اتي ناول کي ڇڏڻ انتهائي اڍنگو ثابت ٿئي ها، تنهنڪري ناول جي پڄاڻي مک ٿيم جي بجاءِ ذيلي ٿيم ذريعي، ڌماڪه خيز انداز سان ڪئي ويئي آهي پر ان ڌماڪي سان اصل ٿيم تي ڪو اثر نه ٿو پوي. هن قسم جي پڄاڻي ، جنهن ۾ نه ڪو قضيو ٿو نبري نه وري ڪو ناول لکڻ جو مقصد پورو ٿو ٿئي، اهڙي پڄاڻي کي ڪاذب (Pseudo-ending) چئبو آهي. هڪ ڳالهه مثبت آهي ته سرمد، چڱو ڀلو ٿيڻ کان پوءِ، هڪ دفعو ٻيهر زندگي ڏانهن موٽ کائي ٿو. ناول پڙهي، اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مصنف ۾ ڀرپور تخليقيت موجود آهي. وٽس جذبو ۽ ڪم ڪرڻ جو ولولو به آهي. جيڪڏهن هو پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو وڌائي، ناول جي فن جو غور سان مطالعو ڪري ته کيس، هڪ سٺي ناول نگار ٿيڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگھي. مجموئي طور، هي ناول صفا ٿورڙو ۽ ڊاڪيومينٽري صفا گھڻي آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *