تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

طنز ۽ مزاح….. ڌرڻو ۽ پرڻو……..دريا خان شنباڻي

جيڪڏھن ڪنهن ماڻھو کي اها غلط فهمي آھي ته ڌرڻو سياسي لفظ آھي ۽ پرڻو غير سياسي، ته اهو ماڻھو ڪنهن به خوش فهمي ۾ مبتلا نه ٿئي ۽ ياد رکڻ گهرجي ته “ڌرڻو” ۽ “پرڻو” ٻئي سياسي لفظ آھن. جيتوڻيڪ، ڌرڻو جديد دور جو هڪ اهڙو عمل آھي، جيڪو ڪجهه ڏينهن لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻھو گڏ ٿي ڪنهن مخالف خلاف يا ڪنهن ڳالهه جي مڃتا لاءِ هڻندا آھن. جڏھن ته پرڻو قديم دور جو ڄڻ ته اهو “ڌرڻو” آھي، جنهن ۾ ماڻھو انفرادي طور تي ناخوش هوندي به ڳنڍيل به هجي، ته پاڻ ڇڏائي به نه سگهي.
اسان وٽ اڃان اهو ڌرڻو ڪڏھن به ڪونه لڳو ته “زال مان منهنجي جان ڇڏرايو”. پر اهڙا ڌرڻا پاڻ کوڙ ڏٺا ته “مون کي منهنجي زال موٽرائي ڏيو” يا همراهه پنهنجي شاديءَ لاءِ گهروارن سان ڪاوڙجي ڌرڻو هڻي ويٺو آھي.
ڌرڻو ۽ پرڻو هن دور جا 2 اهم مسئلا ٿي اڀريا آھن. ڪو ماڻھو جڏھن ڌرڻو ھڻندو آھي، ته ان جا مسئلا حل ٿيڻ جا امڪان “ففٽي – ففٽي” هوندا آھن پر جڏھن ڪو ماڻھو پرڻو ڪندو آھي ته ان جا مسئلا حل ٿيڻ بدران سئو سيڪڙو ڳچيءَ پئجي ويندا آھن.
ڪجهه ماڻھو سياسي ڌرڻا هڻي اقتدار سان پرڻجي ويندا آھن جيئن اسان جي تازي حڪومت به ڄڻ پرڻيل هجي پر ڪجهه ماڻهو ڌرڻو ئي ان ڪري هڻندا آھن ته جيئن انهن کي صرف ڌرڻو ڦٻي پر پرڻو نه، جيئن تازو اسان جي مولوي صاحبان ڌرڻو ته هنيو آھي پر هاڻي اچي ڦاٿا آھن، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر به آھي ته اقتدار سان سندن پرڻو ناممڪن آھي. ان ڪري ان ڌرڻي جو اهو فائدو ضرور ٿيو جو جن جو اسلام آباد ڏٺل نه هو تن مفت ۾ وڃي گادي وارو شهر ڏٺو. باقي جيڪي ان ڪري ويا ته موجوده حڪومت ۽ اقتدار وچ ۾ قائم رشتو ٽوڙائجي ته اهو ٿيڻ ناممڪن آھي جو هڪ مولوي صاحب نڪاح پڙھائي پرڻو ته ڪرائي سگهي ٿو، پرڪنهن جو نڪاح ٽوڙائي نه ٿو سگهي، جو ان ۾ “فريقين” ڪنهن به مولوي جو سهارو نه وٺندا آھن.
جيئن پرڻي ۾ رڌڻي جو وڏو عمل دخل هوندو،آهي، تيئن ڌرڻي ۾ وري ڪنٽينر جو پڻ وڏو ڪم هوندو آھي. رڌڻي ۾ مڙس ويچارو ڪم ڪار ڪري رهيو هوندو آھي ۽ ان دوران زال به اچي ٿي سگهي پر ڪنٽينر ۾ وري ڇا ٿو وهي واپري، ان جي خبر فقط ان کي هوندي آھي جنهن لاءِ ڪنٽينر رکيل هجي، باقي ٻاهر ويٺل عوام ڄاڻي ۽ ميدان.
تازو اسان جي هڪ دوست پنهنجي زال سان صلاح ڪندي چيو ته “بيگم صاحبه! جيڪڏھن پاڻ پنهنجو نئون گهر ڪنٽينر ۾ ٺاهيون ته توکي ڪو اعتراض ته نه هوندو؟!” تنهن تي گهرواريءَ چيو “اڇا ته تون خان صاحب ٿيڻ ٿو ڇاهين، يعني ڪنٽينر ۾ وڃڻ کان پوءِ بادشاهي پيو چاهين؟!”
مڙس ويچاري نماڻائي وچان چيو ته “بيگم صاحبه! مان خان صاحب ٿيڻ بدران مولانا طاهر القادري ٿيڻ ٿو چاهيان”.
سندس گهرواري چيو “طاهر القادري ٿيڻ چاهين يا مولانا فضل الرحمان، مون کي ڪنهن به صورت ۾ ڪنٽينر وارو گهر نه کپي، ڇو جو اهي سڀ اوچتو اڌ رات جو ڪنٽينر مان نڪري الائجي ڪٿي هليا ويندا آھن”.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *